بندر بازاريون
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”بندر بازاريون“ سندس شروعاتي سفرنامن مان آهي۔ هن ڪتاب ۾ 1974 کان اڳ جي ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سفرن جو ذڪر آهي۔ ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1975 ۾ ڇپيو ۽ پوء هن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن۔ هن ڪتاب جو مهاڳ محترم امر جليل لکيو آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب جي ويجهن دوستن مان آهي۔ ڪتاب جو ٽائيٽل لطيف سا۔ين جي رسالي جي هيٺين بيت مان کنيل آهي:
ننگر ۽ ناڙيون پڳھه کڻي پنڌ پئا،
بندر بازاريون سڃا سامونڊين ريءَ۔
ننگر ۽ ناڙيون پڳھه کڻي پنڌ پئا،
بندر بازاريون سڃا سامونڊين ريءَ۔