سنگاپور ۾ سنگاپوري چانهه ڪا نه ٿئي!
هوٽل ۾ ويهي سنگاپوري چانهه جو آرڊر ڏيڻ تي هوٽل وارو الڳ ٿانوَ ۾ فقط کير ۽ پتي وجھي چانهه ٺاهي ڏيندو آهي. ان ۾ پاڻي نه وجھندو آهي، جي وجھندو به هوندو ته کير ۾ گھران ملائي ايندو هوندو. نج نل جو پاڻي يا درياءُ جو ڇاڻيل پاڻي، متان چانهه جي ڪوپ مان ڪا مڇي نڪري گراهڪ کي پريشان ڪري.
گھڻن ماڻهن جو خيال هوندو ته اها سنگاپوري چانهه شايد سنگاپور جي ايجاد هجي يا اتان شروع ٿي هجي. آُ به سوچيندو هوس ته سنگاپور جا ماڻهو سنگاپوري چانهه ئي پيئندا هوندا. پر سنگاپور اچڻ کان اڳ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار آغا سليم جو سنگاپور بابت سفرنامو پڙهي معلوم ٿيو ته اتي ٻي هر شيءِ ملي ٿي، سواءِ سنگاپوري چانهه جي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور ۾ دنيا جي هر شيءِ ملي ٿي سا به سستي اگھه تي. آمريڪا جون ٺهيل قميصون ۽ پتلونون، هتي آمريڪا کان سستيون ملنديون. جپان ۽ جرمنيءَ جون ڪئميرائون ۽ ڪارون، انهن ملڪن ۾ به ايتريون سستيون نه ملنديون، جيتريون سنگاپور ۾. آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جو مکڻ، گيهه ۽ بند ٿيل گوشت، فرانس جو سينٽ، انگلينڊ جا پرس، مطلب ته هر شيءِ هتي سستي آهي. ڪو زمانو هو جڏهن عدن، ڪولمبو/ سلون وغيره دنيا جا مشهور ٽئڪس فري بندرگاهه هوندا هئا. پر اڄ ڪلهه صحيح معنى ۾ فقط هانگ ڪانگ، لاس پاماس/ ڪنري ٻيٽ ۽ سنگاپور آهن. هنن شهرن جي/ جيڪي ٻيٽن جيڪي شڪل ۾ آهن، سئيز ڪئنال بند ٿيڻ ڪري هيڪاندي حيثيت وڌي وئي آهي. سنگاپور جهڙي شهر جو هڪ هڪ ڏينهن عورتن لاءِ عيد برابر آهي. جي توهان ڀلجي هتي زال سان گھمڻ اچو ته ٻه ڪم ڪجو. يا هوٽل کان ٻاهر نه نڪرجو يا پاڻ سان گڏ چيڪ بڪ به کيسي ۾ وجھي نڪرجو.
سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ لاس پاماس جي بازارن ۾ عورتن کي هوش حواس نه هوندو آهي. ائين لامارا هڻي خريداري ڪنديون آهن ڄڻ هن دنيا جو اڄوڪو ڏينهن، آخري ڏينهن آهي. سڀاڻي هي دڪان نه رهندا. هي سک، چيني ۽ سنڌي دڪاندار نه هوندا ۽ هيءُ سنگاپور، سنگاپور نه رهندو. يا ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو ٻيو وڏو هجوم سندن پٺيان سڀ ڪجھه خريد ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ بازار خالي ٿي ويندي. ان کان اڳ سڀ ڪجھه خريد ڪري وٺجي. واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورتن جو هڪ اڻ کٽندڙ سيلاب هڪ ٻئي پٺيان هر روز نظر اچي ٿو.