پلاسٽڪ جو کاڌو
سونگ ڪلا کان حاديه تائين رستو ڏاڍو ساوڪ وارو آهي. ٻنهي پاسي گھاٽا ناريلن ۽ رٻڙ جا وڻ ميلن تائين پکڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي رستي تي ۽ ٽڪرين تي پري پري ٻُڌن جا عبادت گھر ۽ پگوڊا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. رستو ور وڪڙ وارو، سوڙهو ۽ گاڏين سان ڀريل هو پر ڊرائيور هوشيار ۽ تحمل وارا ٿا ڏسجن ۽ قانون تي عمل ڪيائون ٿي. ائين نه ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. جتي چوواٽي تي ٻه گاڏيون هڪ ٻئي جي سامهون اچي اڳ نڪرڻ لاءِ منجھي پيون ٿي ته هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي اڳ نڪرڻ بدران هرهڪ صبر کان ڪم وٺي ٻئي کي پهرين نڪرڻ جي لاءِ آڇ ڪئي ٿي. پاڻ وانگر نه ته جنهن جي وڏي يا مضبوط گاڏي اهو زبردستي، ڪمزور جو خيال نه ڪندي، ڪن صورتن ۾ وس پُڄندي بُجو ڏيندي، اڳ ۾ ڌوڪي وڃي.
حاديه پهچي فاروق چيو ته؛ “هاڻ پاڻ کي ڪپتان ۽ سندس فئمليءَ کان الڳ ٿي جُدا راهه وٺڻ کپي، نه ته ڪپتان اڳيان ۽ خاص ڪري سندس زال اڳيان، نه آزادانه نموني سان هلي سگھبو نه ڳالهائي سگھبو.” سو نيٺ ڪپتان کان الڳ ٿي، شهر گھُمڻ ۽ خريداري لاءِ ٻيو رُخ ڪيوسين. اڃا پنج منٽ به مس هلياسين ته فاروق کي بُک کنيو ۽ ڪا ڍنگ جي هوٽل ڳولڻ لڳاسين. ڍنگ جي هوٽل مان مُراد اها نه ته ڪا سٺي مانيءَ واري سهڻي هوٽل پر جنهن ۾ کيسي مطابق دال ماني کائي سگھون.
هن پاسي جي ملڪن جو اهو رواج آهي ته هوٽل ۾ جيڪو به کاڌو ملندو، سو نموني خاطر پليٽن ۾ هوٽل جي در وٽ شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل هوندو. شايد ان ڪري به اهو ضروري هجي ته هتي ڀانت ڀانت جا سياح اچن ٿا، جن جي مختلف زبان ۽ کاڌو آهي، جيئن هو در وٽ ئي نموني جو کاڌو ڏسي، پسند ڪري سگھن. فقط نالي لکڻ سان ته چڱي طرح خبر نٿي پئجي سگھي ته کاڌو ڪهڙو آهي. ائين نالا ته اسان جي جهاز تي به بٽلر روز بدلائي لکندو آهي: ڪڏهن ‘هاچ پاچ سُوپ’ ۽ ‘ويجيٽيبل سُوپ’ ته ڪڏهن ڇا، جنهن جو نالو ڪڏهن ڪنهن انگريز به نه ٻُڌو هوندو۽ ڌاريو مهمان يا ڪراچي هيڊ آفيس وارا اسان جي کاڌي جو مينو (Menu) پڙهي بٽلر کي آفرين ڏيندا هوندا ته جهاز جي عملي جو ڪيڏو خيال اٿس. روز نئين شيءِ ٿو کارائين، پر کين ڪهڙي خبر ته روز ساڳيو سُوپ (Soup)، ساڳئي سواد ۽ رنگ وارو پي رهيا آهيون، پر ڏينهن وانگر نالا مختلف آهن، زندگي ساڳي آهي.
جپان ۾ به هر هوٽل ٻاهران، ان هوٽل جي کاڌي جي هر شيءِ رکيل هوندي، پر فرق فقط اهو ته اتي نموني وارو کاڌو اصلي کاڌو نه، پر پلاسٽڪ جو کاڌو ٿئي. شيشي جي ڪٻٽن ۾ ڪيڪ، پيسٽريون، سيويون، ڪباب، اسٽيڪ ۽ مٽن چاپس مختلف پليٽن ۾ سينگاريا رکيا هوندا آهن، ويندي سلادن جا قسم، ڪوڪا ڪولا، بيئر، وائين ۽ ونيگر. پهرئين ڏينهن جپان جي شهر ڪوبي (Kobe) ۾ ته ڀُلجي پيس پر پوءِ غور سان ڪوڪا ڪولا واري گلاس کي ڏٺم ته ناسي رنگ جي شربت مٿان جيڪو برف جو ڳنڍو پيو آهي، سو هڪ ته چُري پُري ڪو نه ٿو، چنبڙيو پيو آهي ۽ ٻيو ته ڳري بلڪل ڪو نه ٿو! هونءَ آمريڪا ۾ ڪُتن لاءِ پلاسٽڪ جا هڏا ۽ گوشت جا ٽُڪر ملندا آهن، جي چيغم (Chewing Gum) وانگر ٿين ۽ ڪُتا سڄو ڏينهن ويٺا چٻاڙيندا آهن. ڪتا اهڙا به ڪي بيوقوف ڪو نه آهن، پر انهن جا گورا مالڪ انهن کي ٿلهو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊائيٽنگ خاطر پلاسٽڪ جون هڏيون چٻاڙڻ جي عادت وجھندا آهن. هڪ مزيدار ڪارٽون ڪنهن رسالي ۾ ڏٺو هوم ته هڪ همراهه پنهنجي گھوڙي کي سائو اُس جو چشمو پارائي سُڪل گاهه کارائي رهيو آهي ۽ گھوڙو مزي سان کائي رهيو آهي.
اسان هڪ ملئي هوٽل ۾ گھڙي وياسين. هتي ملايا جا ڪافي باشندا رهن ٿا، جو ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان مليل آهن. ملئي هوٽلون سڀ مسلمانن جون آهن ۽ انهن هوٽلن جي اها خاص نشاني آهي ته ٻاهران بسم الله لکيل هوندو.
هن پاسي گانگٽ تمام سستا آهن. تنھنڪري گانگٽن جو ٻوڙ، ڪڪڙ جو ٻوڙ، چانور، مکڻ، ڊبل روٽي ۽ ڀاڄين جو سُوپ گھرايوسين. کاڌو به هن پاسي ڪو خاص مهانگو ڪونهي. اسان جي ملڪ جهڙو ئي اگھه آهي جو دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام سستو سمجھڻ کپي. اسان جي ملڪ ۾ ريڊيا، واچون، ٽي ويون، ٽيپ رڪارڊر، ريڊيو گرام ۽ ٻيو عيش عشرت جو سامان کڻي نٿو ملي يا مهانگو آهي، پر هڪ ڳالهه آهي ته روزمره جي ضروريات جو سامان، کاڌو پيتو، ڌوٻي، حجام، درزي، ٽئڪسي ۽ بس وغيره جو خرچ ۽ ڀاڙن ڀُتن جي سستائيءَ ۾ دنيا جو ڪو ملڪ پُڄي نه سگھندو، باوجود اسان جي گھٽ ڪمائيءَ جي حساب تي به. آمريڪا ۾ مون کي ڪو اهڙو حجام ٻڌايو جو ساڍن ٽن ڊالرن، چاليهه روپين، کان گھٽ وٺندو هجي. ننڍي دڪان وارو به وارن ٺاهڻ جي في چاليهه روپيا وٺندو، جو سڀني حجامن جي يونين ٺهي پئي آهي. اسان وٽ ڪو چاهي ته ٻه روپيا ڏئي ايلفيءَ جي ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ ماڊرن هيئر سئلون تان وار ٺهرائي، جي پُڄي نه ٿو سگھي ته ٻن آنن ۾ به وار ٺاهڻ وارا سعيد منزل جي سامهون ملي ويندس. يورپ، آمريڪا يا جپان وغيره ۾ ته مون کي اڃا ڪو اهڙو درزي ڳولڻو آهي، جو سلائي، ڪپڙي جي قيمت کان گھٽ وٺي. ڪپڙو جي سؤ روپين جو هوندو ته سلائي ڏيڍ سؤ روپين کان گھٽ ٿيڻ جو ته سوچي به نٿو سگھجي. هاڻ مڙيئي پاڪستان ۾ به مزوري ۽ مزور جو مانُ وڌي رهيو آهي. خاص ڪري رازن، واڍن ۽ درزين جي ته في ڪافي وڌي چُڪي آهي. دراصل سڄي دنيا ۾ هڪ اهڙي تبديلي اچي وئي آهي، جنهن هيٺ پورهئي جو قدر ٿيندو وڃي.
پورهيت هاڻ خوشحال ٿيندو وڃي. اهو ڏينهن پري ناهي جو يونيورسٽين مان فقط ڊگريون وٺي، ‘اڇن ڪالرن واري نوڪري’ ڳولهڻ وارن کي افسوس ڪرڻو پوندو ته هنن کي تعليم سان گڏُ پيٽ قُوت لاءِ ڪو پورهيو پڻ سکڻ کپندو هو. تعليم پنهنجي جڳهه تي آهي ۽ اها هر انسان لاءِ لازمي آهي، پر پئسي ڪمائڻ لاءِ دنيا ۾ جتي ڪٿي پورهيو ڪم اچي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به آهستي آهستي اهو شعور پيدا ٿي رهيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪيترا درزي، واڍا، ويلڊر، مڪينڪ، مستري، پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا جن کي پنهنجي هنر ۽ هٿن تي فخر آهي.