3. ليکڪ پاران نيو فيلڊس جي ڇاپي لاءِ مھاڳ........
ڪتاب جا پروف جانچڻ بهاني پنهنجي هن پراڻي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو اٿم. پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ ڪي ڪي ڳالهيون عجيب لڳنديون. پنجويهه سالن بعد مون کي پڻ عجيب لڳي رهيون آهن ــ خاص ڪري شين جا اگھه، تن ڏينهن ۾ ملائشيا ۾ مزور جي ڏهاڙي ٻٽيهه روپيا وڏي ڳالهه سمجھبي هئي ۽ اسان جي ملڪ کان ٻيڻ جيتري هئي. هينئر اسان وٽ ئي ڏيڍ سؤ روپيا ٿي وئي آهي ۽ رازو واڍو ته ٽي سؤ کان چار سؤ روپيا وٺي ٿو. مون کي ياد آهي ته ۱۹۶۹-۷۰ع وارن ڏينهن ۾ اسان وٽ سيمنٽ جي ڳوڻ جي قيمت ڇهه روپيا هئي، جنهن جو جهاز ڀري اسان دبئي ويا هئاسين. اتي جي خريدار ٻڌايو ته دبئي ۾ سيمنٽ جي هڪ ڳوڻ جي قيمت ٽيهه روپيا آهي. ان تي اسان کي حيرت ٿيڻ لڳي هئي ۽ هاڻ ۱۹۹۷ع جي آخر ۾ اسان وٽ ئي في ڳوڻ ٻه سؤ روپيا ٿي وئي آهي. اهو ئي حساب ڀاڙن جو آهي. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي رڪشا جو ٻه روپيا ڀاڙو هو جيڪو اڄ تمام گھٽ لڳي ٿو ۽ ان کان به پنڌرهن سال اڳ، ۱۹۶۱ع ڌاري جڏهن اسان ڪاليج جي ‘سي ــ اسڪائوٽ’ طرفان ڪلڪتي ويا هئاسين ته اتي جي ٽئڪسين جو ان وقت جو چار آنا ڀاڙو جيتوڻيڪ اڄ تمام گھٽ لڳي ٿو پر انهن ڏينهن ۾ اهو تمام گھڻو هو ۽ ڪلڪتي جون ٽئڪسيون مهانگيون سمجھيون ويون ٿي. پر ان وقت سون جي تولي جي قيمت به سؤ روپئي کان گھٽ هئي.
ملائيشيا جي ‘بٽروٿ’ بندرگاهه ٻاهران مليل ٻه ڇوڪرا ذڪريا ۽ هاشم جيڪي ان وقت اٺين يا نائين ڪلاس جا شاگرد هئا، ساڻن ملاقات پوءِ ٿيندي رهي. تعليم ختم ڪري انهن نوڪري ڪئي. هاشم ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ B.A يا M.A لاءِ به آيو. ٻنهي جون شاديون به ٿيون ۽ هاڻ ته ٻار به وڏا ٿي ويا اٿن ۽ خود اهي به اسڪول وڃن پيا. سندن مونسان دوستي اڃا هلندي اچي. نَوَ سال ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهائش دوران هو ٻارن سان مون وٽ گھمڻ ايندا هئا ۽ آ پينانگ يا ٿائلنڊ جو شهر حاديه، ڪار يا ٽرين رستي ويندو هوس ته هاشم جي گھر ضرور ٽڪندو هوس.
۱۹۷۳ع تائين، جن ڏينهن جي سفرن جو هن سفرنامي ۾ ذڪر آهي، ملائيشيا جي معاشي حالت اڃا ڪا خاص بهتر نه ٿي هئي. ڪافي حد تائين بيروزگاري هئي ۽ اتي جا ماڻهو نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ڏاڍو پريشان هئا، جنهن جو بار بار ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿم. پر پوءِ لڳاتار محنت، سٺي ۽ ايماندار قيادت (Leadership) ۽ خدمت خلق جو جذبو رکندڙ سرڪاري ڪامورن ۽ سياستدانن ملائيشيا کي ٻن ڏهاڪن/ ويھارو سالن ۾ جنهن اتاهين هنڌ تي پهچائي ڇڏيو آهي ان تي اسان جي ٽين دنيا جا ملڪ ته رشڪ ڪن ٿا پر ڪيترا يورپ جا ملڪ پڻ سڌون ڪن ٿا. سخت قاعدو قانون (۽ مٿس عمل پڻ)، تعليم جو اعلى معيار، غريب توڙي امير لاءِ عدل ۽ انصاف، صحت، صفائي، ڊيوٽي ۽ پورهئي ۾ ايمانداري، مختلف مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن جو هڪ ئي شهر، هڪ ئي محلي ۾ کير کنڊ ٿي رهڻ جو ٻيو نالو ملائيشيا ٿي پيو آهي.
منهنجو جهاز رستي ۱۹۸۲ع تائين ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ان بعد ۱۹۹۰ع تائين ملائيشيا جي هڪ شهر ملاڪا ۾ رهي پيس. ملاڪا ۾ لڳاتار رهڻ دوران مون کي سڄي ملائيشيا ۽ ڀر-وارن ملڪن، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ کي اڃا به ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. ملائيشيا کي روز بروز نه فقط ترقي ڪندي ڏسڻ جو وجھُه مليو پر انهن اصولن کي سمجھڻ جي ڄاڻ پڻ ٿي جن اصولن تي هلڻ سبب ملائيشيا ان اعلى درجي تي پهتو آهي. اڄڪلهه جي ملائيشيا جو ذڪر ‘مڪلي کان ملاڪا’، ‘ڪوالالمپور ڪجھه ڪوهه’ ۽ ‘اي جرني ٽهُ ٿائلنڊ’ ڪتابن ۾ تفصيل ڏنو اٿم.
هي زمانو (جنهن ۾ ڪيل سفر جو ذڪر مون هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي) اهو زمانو هو جنهن ۾ اڃا VCR ته عام نه ٿيو هو پر ٽيپ رڪارڊر به چرخي (Pool) وارو اڪائيءَ ۽ گرنڊنگ جو نظر ايندو هو. ڪيسٽ رڪارڊر جيتوڻيڪ نڪري چڪو هو پر مارڪيٽ ۾ عام نه ٿيو هو. مون به ان ٽرپ بعد ممباسا (ڪينيا) جي هڪ ڊيوٽي فري دڪان تان پهريون ڪئسٽ رڪارڊر ورتو هو، پر گانن جا ڪئسٽ اڃا به اڄ وانگر عام نه ٿيا هئا. ڪن خاص دڪانن تان ملندا هئا. ان ڪري فوني جا مالڪ خوش هئا ته سندن گراموفون (Record Player) لاءِ جتان ڪٿان رڪارڊ مليو وڃن. پورٽ ڪلانگ جي نائيٽ بازار، جنهن جو ذڪر ڪيو اٿم، ان ۾ به رڪارڊ عام وڪامي رهيا هئا جيڪي اسان ورتا. ميوزڪ جي دنيا ۾ ايتري ترقي ضرور ٿي هئي ته ۷۸ آر پي ايم جي ٺڪر وارن رڪارڊن بدران پلاسٽڪ جا45-RPM جا رڪارڊ نڪتا هئا جيڪي قيمت ۾ سستا، سائيز ۾ ننڍا ۽ وزن ۾ هلڪا هئا ۽ جلدي نه ٿي ڀڳا.
پورٽ ڪلانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ اڄ به اهي سستي اگھه واريون نائيٽ بازارون عام آهن جن کي ملئي زبان ۾ پاسار مالم (Pasar Malam) سڏجي ٿو. اهي مارڪيٽون ائين آهن جيئن پاڻ وٽ جمع مارڪيٽون، اتوار مارڪيٽون يا منگل مارڪيٽون شورع ٿيون آهن. پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ اهي مارڪيٽون شروع نه ٿيون هيون سو هي ملائيشيا جون نائيٽ بازاريون اسان لاءِ نئين ۽ دلچسپ ڳالهه هئي. اڄ به ملائيشيا توڙي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ آ انهن مارڪيٽن مان خريداري ڪرڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. انگلنڊ ۽ سئيڊن ۾ اهڙين مارڪيٽن جو نعم البدل پيني مارڪيٽون ۽ لوپس مارڪيٽون آهن.
ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. خاص ڪري معاشي ۽ اخلاقي طرح انهن ملڪن وڏي ترقي ڪئي آهي. عمارتون، تعليمي نظام، بزنيس، ڪارخانن ۾ هو اسان کان گھڻو اڳتي نڪري ويا آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ عمارت (Peoples Park جهڙي) ٽماڙ ٺهي هئي نه ته Change Alley جهڙيون سوڙهيون گھٽيون هيون هاڻ ته سڄو ملڪُ بلڪ ٻيٽُ، سهڻين اتاهين عمارتن، پارڪن ۽ رستن سان ڀريو پيو آهي. سنگاپور ۾ ته خاص ڪري واپار جي ٺڳي ۽ چوري چڪاري ايتري هئي جو پبلڪ بسين، سئنيما گھرن ۽ بندرگاه ۽ هوائي اڏي ته به جيب ڪترن کان خبردار ڪيو ويندو هو ۽ جتي ڪٿي هتي جي چئن زبانن، ملئي، تامل، چيني ۽ انگريزيءَ ۾ ان بابت لکيل هوندو هو ته ‘جيب ڪترن ۽ چورن کان خبردار رهو.’ هي اهو زمانو هو جڏهن اسان کانئن وڌيڪ مهذب هئاسين. ماڻهو نوابشاهه کان خيرپور يا حيدرآباد رات جو ٻارهين کان پوءِ به سلامتي سان سفر ڪندا هئا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ زالون اڪيلي سر فلم جو ٻيو شو ڏسي گھر اينديون هيون. گھرن جي ٻاهرن دروازن کي تالا نه لڳايا ويندا هئا. اڄ اسان وٽ الٽو حساب آهي. هوڏانهن اڄ جي سنگاپور جو ننڍو ٻار به بي ڊپو ٿي هلي ٿو. توهان جي ڪٿي وسري ويل هَڙ يا بئگ ٽن ڏينهن بعد به اتي ئي موجود نظر اچي ٿي. دنيا جا شاگرد سنگاپور، ملائيشيا، هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ، مڪائو ۾ اعلى تعليم لاءِ وڃن ٿا. مائٽن کي خبر آهي ته انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ته سندن ٻار کرجي سگھي ٿو پر سنگاپور جهڙي ملڪ ۾ هن لاءِ ايترو آسان نه آهي جو اسڪول ڪاليج کان ڀڄي، سگريٽ يا شراب پيئڻ جهڙا شوق ڪري سگھي.
سو يارو انهن ملڪن پنهنجي قسمت بدلائي ڇڏي آهي. هر هڪ تعليم يافته ٿي ويو آهي. هر هڪ ڪو نه ڪو هنر ڄاڻي ٿو، جنهن ذريعي هو روزگار ڪمائي سگھي ٿو. چانگي جهڙا ڳوٺ به ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڪا به عورت خيرات نه ٿي وٺي، جسم جو سودو نه ٿي ڪري. چؤڌاري ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن. آفيسون ۽ بئنڪون آهن، جهاز ۽ جهازن جون ڪمپنيون آهن ۽ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن حق حلال جي روزگار کي لڳل آهي. مسلمان، هندو، عيسائي ۽ ٻڌن جي باوجود هر ڪو خوش آهي. هر ڪو پنهنجي عبادتگاهه ۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجو مذهبي ڏينهن ڌام ڌوم سان ملهائي ٿو. هڪ ٻئي جون خونريزيون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي بالڪنيءَ مان بيهي پري کان ڪنهن کي ڪو بجو به نٿو ڏيکاري.
الطاف شيخ ڪراچي ۱۹۹۷ع