سنگاپور ۾ هڪ سنڌي اسڪول
پر خبر ڪيئن پوي ته سنڌي ڪهڙو آهي. سڀ هندستاني، پاڪستاني، سلوني هڪ رنگ جا. ڪنهن کان پڇي ڪنهن کان پڇجي. چيني ۽ سک ته مِني نڪ ۽ ڏاڙهين ڪري پري کان پڌرا آهن. پر سنڌيءَ کي ڪيئن سُڃاڻجي.
چائنيز امپوريم ۾ چيني شيون ڏسي رهيا هئاسين ته هڪ فئملي اسان جي رنگ روپ جهڙي ڀرسان نظر آئي. عورت ساڙهي پسند ڪري پنهنجي مڙس کي ڏيکاري رهي هئي ۽ ساڳئي وقت چيني ڇوڪريءَ سان قيمت تي بحث ڪري رهي هئي. اسان جيئن سندس ڀر مان لنگھياسين ته هوءَ مڙس کي سنڌيءَ ۾ چئي رهي هئي: “ڇتي ٿي آهي جو هِنَ ساڙهيءَ جا ايڪيهه ڊالر (چوراسي روپيا) ٻڌائي رهي آهي.”
اهو جملو ٻُڌي مون کي پڪ ٿي ته هيءَ سنڌي فئملي آهي. ويجھو وڃي پڇيومان؛ “توهان سنڌي آهيو؟”
“ها.” هنن اهڙي نموني سان سرد جواب ڏئي، تعجب مان نهاريو، جيئن ڪنهن کان ڏينهن تتي جو سوال ڪجي ته ڇا هن وقت ڏينهن آهي؟ جو جواب ۾ هو ‘ها’ چئي ان بيڪار سوال ۽ بيوقوفي تي تعجب کائي.
“منهنجو مطلب آهي، آءٌ ٻاهران سنڌ کان آيو آهيان. سنگاپور ۾ ٻڌو اٿم ته سنڌي رهن ٿا، سو انهن سان ملڻ جو خيال اٿم. توهان ڪو اهڙو ٻڌائي سگھندا، جنهن سان ملي آءٌ هن ملڪ بابت خبر چار وٺي سگھان.”
“اسان دراصل هتي جا نه آهيون. اسين جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ رهون ٿا، ڪالهه هتي گھمڻ آيا آهيون. هونءَ ڀر واري بازار هاءِ اسٽريٽ ۾ ته سڀ سنڌين جا دڪان آهن. اتي توهان کي ڪيترا ئي سنڌي ملندا يا شهر ۾ ٻين ڪيترن ئي جڳهين تي.”
سامهون سنگاپور جي High Street هئي. هاءِ اسٽريٽ پڻ هتي جو فئشن ايبل شاپنگ سينٽر آهي. جيئن ڪراچيءَ جي ايلفي (زيبي). وڏا خوبصورت ايئرڪنڊيشنڊ دڪان، جن ۾ گھڻا ڪپڙي جا آهن. سڀني دڪانن اڳيان ورانڊي جي شڪل ۾ اڏاوت وارو فٽ پاٿ، جن دڪانن اڳيان لنگھندي دڪانن مان ايندڙ خوشبوءِ خودبخود گراهڪ کي اندر ڇڪيو وٺي. انڊونيشي سنڌي فئملي جي چوڻ مطابق هتي سڀ سنڌي دڪاندار نظر آيا. هڪ دڪان اڳيان ٻه جھُور پوڙها سنڌي، هڪ اڇي ڪمپليٽ سوٽ ۾ ۽ ٻيو بشرٽ ۽ پتلون ۾، لڪڻ هٿ ۾ جھليو، سنڌيءَ ۾ خبرون چارون ڪري رهيا هئا. کانئن مون ڪنهن صحيح ماڻهوءَ کان انٽرويو وٺڻ لاءِ پڇيو. هنن مون کي سنگاپور جي ‘سنڌي مرچنٽ ائسوسيئيشن’ (Sindhi Merchants Association Singapore) جي جنرل سيڪريٽريءَ جو ڏس ڏنو.
مسٽر رامچند، سنگاپور جي وڏن واپارين مان هڪ آهي. پاڻ ڪپڙي جو ٻڌو واپاري آهي. آمريڪا ۽ جپان کان ڪپڙو گھرائي سنگاپور ۾ مختلف دڪاندارن کي مهيا ڪري ٿو. سندس دڪان ٽن ماڙين تي آهي. هيٺ سُبيل ڪپڙا، آمريڪا جون لي پتلونون ۽ ائرو قميصون، ٽايون، جوراب، عورتن لاءِ اسڪرٽ، سُبيل بيل-باٽمڊ پتلونون ۽ رنگين گوڏون وغيره شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيل هيون. چيني سيلز گرل گراهڪن کي مختلف ڪپڙا ڏيکاري رهيون هيون. هڪ ٻه مرهٽي ۽ سنڌي ڇوڪريون پڻ ڪائونٽر وٽ نظر آيون. جيڪا سنڌي هئي، تنهن کي ٻڌايم ته رامچند سان ملڻو آهي. پاڻ مٿي وڃڻ لاءِ چيائين. ٻي ماڙ تي فقط ساڙهيون هيون. هر قسم جي اعلى درجي جون ساڙهيون. پوءِ معلوم ٿيو ته سڄي سنگاپور ۾ ساڙهين جو هيءُ ئي وڏو دڪان آهي. پاڻ اتي ئي مليو. ڪنڊ وارو ڪمرو سندس آفيس هئي. کيس ٻڌايم ته سنڌ جي هڪ سنڌي اخبار جو نمائندو آهيان ۽ مشرق جي ملڪن ڏسڻ دوران هتي پهتو آهيان. توهان سان خبرون چارون ڪرڻيون آهن. پاڻ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندي آفيس ۾ وٺي آيو. مون سندس گھڻو وقت وڃائڻ نٿي چاهيو، ساڳئي وقت مون کي به سنگاپور شهر گھمڻ لاءِ وقت ٿي کتو.
پاڻ ٻڌايائين ته سنگاپور ۾ ڏهه هزار کان مٿي هندو سنڌي فئمليون رهن ٿيون ۽ گھڻو ڪري سڀ واپاري آهن. سڀ کان گھڻا سنڌي، سنڌ کان پوءِ جڪارتا (انڊونيشيا) ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهن ٿا. ان کان علاوه مشرق بعيد جي هر ملڪ ۾ ڪافي سنڌي آهن. سنگاپور ۾ هر سال سنڌي وڌي رهيا آهن. اها واڌ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ گھڻي ٿي آهي.
“ڇا سنگاپور ۾ سنڌي ورهاڱي کان اڳ به هئا؟” پڇيومانس.
“بلڪل. سنڌي ته واپار ڪارڻ ورهاڱي کان به سؤ سال کن اڳ جا ٻاهر نڪتل آهن. انگريز به هندستان ۾ پوءِ آيا، ان کان اڳ سنڌين جي واپار جون ڪوٺيون بصري، بغداد، ڪڇ، ڀوڄ، لنڪا، سيلون، سنگاپور ۽ اڀرندي ڏي ويندي چين تائين هيون ۽ الهندي طرف مشرق آفريڪا جي دور دراز ملڪن تائين هيون. مونکي ايتري خبر ناهي ته سنگاپور ۾ پهريان سنڌي ڪير ۽ ڪڏهن آيا. هونءَ هي اسان جي سنڌي مرچنٽس ائسوسيئيشن به سٺ سال کن پراڻي آهي. ۱۹۲۱ع ڌاري هتي سرڪاري طور رجسٽر ٿي آهي. ۱۹۷۰ع کان لڳاتار سندس جنرل سيڪريٽري آ آهيان. اسان جون چونڊون هر سال ٿين. هر سال اسان هڪ مخزن ڪڍون. اسان هتي سنگاپور ۾ سنڌي ايترا آهيون جو اسان جي ٽيليفون ڊئريڪٽري ئي الڳ آهي، جا اسان پاڻ ڇپايون.”
رامچند، پنجاهه سال جي عمر هجڻ جي باوجود به جوان ۽ سمارٽ لڳي رهيو هو. ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڀر ۾ رکيل ڪٻٽ مان هڪ ڊئريڪٽري ڪڍي مون کي ڏنائين. آءٌ ان گلابي رنگ جي پلاسٽڪ ڪور جي ڊئريڪٽرِيءَ کي ڏسڻ لڳس، جنهنجي ٻاهران وڏن اکرن ۾ Sindhi Merchants Association Singapore لکيل هو. وچ تي ايسوسيئيشن جو مونو گرام، گول دائري ۾ ٻيڙي ۽ چؤڌاري ساڳيا مٿيان لفظ ۽ هيٺ تري ۾ 72-1971ع Telephone Directory لکيل هو. اندر پهرئين صفحي تي ائسوسيئيشن جي صدر جو پيغام هو ۽ ٻئي تي مئنيجنگ ڪمپني جي ميمبرن جا فوٽو. پنجين صفحي تي سنڌي مرچنٽ ائسوسيئيشن جي ائڊريس (پوسٽ باڪس نمبر 570) هئي. انهيءَ هيٺان سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌين جي ٽيليفونن جا نمبر ۽ ائڊريسون شروع ٿي ٿيون. ڇاهتر صفحن جي هيءَ سڄي ڊائريڪٽري آرٽ پيپر تي سهڻي طرح ڇپيل هئي. آءٌ ڊائريڪٽري ڏسي رهيو هوس ته پاڻ بيل وڄائي چيني ڇوڪريءَ کي گھرائي چيني زبان ۾ ڪجھه چيائين ۽ هوءَ اسان لاءِ سيون اپ ۽ بسڪٽ کڻي آئي.
“ڇا توهان سنڌي ۽ انگريزي زبانن کان علاوه چيني به ڳالهايو ٿا؟”
“جي ها. چيني ۽ ملئي هتان جو زبانون آهن، سو اهي به ڄاڻون. جيئن اسپين ۾ رهندڙ سنڌي، اسپيني زبان ڄاڻن، بيروت ۾ رهندڙ عربي، اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن ۾. سنڌي مادري زبان اٿئون، سو ملڪ کڻي ڪهڙو به هجي، پر پاڻ ۾ ۽ گھر ۾ ته ڳالهائڻ کان ڪو روڪي نٿو سگھي.”
“ڀلا توهان جو اولاد ۽ اڄڪلهه جي ننڍي ٽهي به سنڌي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگھن يا نه؟” پڇيومانس.
“ها، اهي پڻ. پنهنجي ڀاشا کي ڀلا ڪيئن ڇڏي سگھبو. زبان ختم ٿي معنى قوم جو وجود ختم ٿيو. اسان جي سنڌي زبان ته تمام وسيع ۽ شاهوڪار زبان آهي، پر مادري زبان ته باگڙي ۽ ڀيل به نه ڇڏيندا.”
“پوءِ ڀلا توهان جي ننڍي ٽهي سنڌي لکڻ پڙهڻ ڪيئن سکي؟”
“ان لاءِ اڄ کان گھڻا سال اڳ ويهي سوچيو هيوسين ته ان جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان پنهنجي خرچ سان ئي سنڌي اسڪول تيار ڪريون، جنهن ۾ اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪن، جيئن هانگ ڪانگ، بيروت ۽ جڪارتا ۾ ٻين سنڌين ‘پنهنجي مدد پاڻ ڪريو’ جي اصول تي ڪيو آهي. سو هاڻ انهن سنڌي اسڪولن ۾ هڪ ڏينهن صبح جو ۽ ٻئي ڏينهن شام جو شفٽون ٿين. جيڪي ٻار پنهنجي انگريزي يا چيني اسڪول ۾ صبح جو وڃن، سي سنڌي اسڪول ۾ شام واري ڏينهن اچن ۽ شام وارا صبح جو. اڄ شام جو اسڪول آهي. اهو سنڌي اسڪول هتان ڪجھه پري، جبل تي هڪ خوبصورت هنڌ تي ٺهيل آهي، جتي بسون پڻ وڃن. جيڪڏهن چاهيو ته توهان کي اوڏانهن موڪليان؟”
“اهو ته وڌيڪ بهتر. آءٌ سنڌي ٻارن سان ملي سگھندس.” چيومانس.
پاڻ ٽيليفون کڻي مسز ڀڳونتيءَ سان ڳالهايائين جا اسڪول جي انچارج آهي.
“هتي اسان وٽ سنڌ مان هڪ اخباري نمائندو آيو آهي، جو سنڌي اسڪول ڏسڻ ٿو چاهي ۽ اهو معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته پرديس ۾ سنڌي زبان ڇا سُڌارو ڪري رهي آهي ۽ سنڌي ڪيئن ٿا رهن.”
ڀڳونتيءَ ٻڌايو،؛ “اسڪول ۾ امتحان هلي رهيا آهن. بهتر ٿيندو ته سڀاڻي صبح جو اچي.” مون کي ٻئي ڏينهن وڃڻ جو ارادو هو، پر جهاز تي اليڪٽرسٽيءَ پيدا ڪندڙ جنريٽر ۾ خرابي ٿيڻ ڪري وڃي نه سگھيس ۽ ٺيڪ ٿيڻ ۾ سڄو ڏينهن گذري ويو.
رامچند ٻڌايو ته سنگاپور ۾ سنڌين جا فنڪشن ۽ گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ٻارن جا ۽ وڏن جا ڊراما ۽ ورائٽي شو پروگرام ٿيندا آهن. پاڻ ڪجھه ڊرامن ۽ فنڪشنن جي فوٽن جا البم ڏيکاريائين، جن مان ڪجھه فوٽا مون کي ڏنائين. پاڻ ٻڌايائين ته سنگاپور جي سنڌين جون گڏجاڻيون ‘سنڌو هائوس’ ۾ ٿينديون آهن، جا عمارت ان قسم جي دعوتن لاءِ آهي.
سندس هن دڪان کان سواءِ ٽي ٻيا دڪان هانگ ڪانگ، ڪولون ۽ نيويارڪ ۾ به آهن، جي سندس پُٽ هلائين ٿا. هو ورهاڱي کان ڪجھه سال اڳ ۱۹۴۱ع ۾ حيدرآباد سنڌ کان سنگاپور واپار جي خيال کان لڏي آيو هو ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري آهي. سندس هيرآباد ۾ پڻ ڪپڙي جو دڪان ‘سوديشي ڀنڊار ڪلاٿ شاپ’ مشهور هو.
ٻين سوالن کان علاوه کانئس اهو پڻ پڇيم؛ “سنگاپور جيئن ته مختلف مذهبن ۽ زبانن جو ملڪ آهي ۽ سڀ گڏجي رهن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ سنڌي فقط پاڻ ۾ سڱابندي ڪن يا ٻين سان به رشتا ناتا ڳنڍين.”
“ان معاملي ۾ اسان ايترو گھڻو نه ويا آهيون ۽ اسان وٽ اڃا پنهنجو پاڻ ۾ سڱابندي ڪرڻ جي رسم آهي. ان هوندي به اڄڪلهه ڪجھه نوجوانن چيني ڇوڪرين سان شاديون رچايون آهن.”
“ڇو ڀلا سنڌي ڇوڪريون سهڻيون يا پڙهيل ڳڙهيل نه آهن ڇا؟” کلندي پڇيومانس.
“پڙهيل به آهن سهڻيون به. پر چينياڻين ۾ مڙيئي اڇ ۽ ناز نخرو گھڻو آهي. ان تي اڄڪلهه نوجوان هرکيو پون.”
“ڀلا چيني يا ملئي ڇوڪرا، هتي جي سنڌين ڇوڪرين سان شادي ڪن يا نه؟”
“ان معاملي ۾ پاڻ سنڌي مڙيئي تنگدل ۽ Conservative يا جيڪي ڪجھه سمجهين، آهيون. اسان پسند نٿا ڪريون ته اسان جون ڇوڪريون چيني يا ملئي ڇوڪرن سان پرڻجن. باقي پنهنجن ڇوڪرن کي آزاد ڇڏي ڏنو اٿئون. جو اڄڪلهه جي نوجوانن سان مائٽ پڄيو به نٿو سگھي. جيتوڻيڪ ان قسم جون پيار جون شاديون ڌارين ڇوڪرين سان ڪامياب نه ويون آهن پر سندن مرضي. اسان هئاسين جو ماتا پتا جو چيو مڃيندا هئاسين. اڄڪلهه اولاد ڪٿي آهي مائٽن جي هٿ ۾. اڃا به اسانجون ڇوڪريون مائٽن جي عزت ۽ ادب رکنديون اچن نه ته هتي يورپي، آمريڪي ۽ انگريز ڇوڪريون ڏسون ٿا ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. زمانو الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو آهي. خبر ناهي هيءَ ترقيءَ جي حد آهي يا تباهيءَ جي نشاني؟”
سنڌي ادب جو ذڪر ڪندي پڇيومانس؛ “توهان اڄڪلهه ڪهڙا سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهو ٿا؟” ان جي جواب ۾ ٻڌايائين ته، هو واپاري قسم جو ماڻهو آهي. “سڄو ڏينهن گراهڪن سان مغزماري ڪرڻي ٿي پوي، سو شوق هوندي به پڙهڻ جي فرصت نٿي ملي. باقي هتي ٻيون ڪيتريون فئمليون آهن جي سنڌي ڪتاب شوق سان پڙهن.”
اتفاق سان ان ئي ڏينهن شام جو سنگاپور جي باغيچي (Botanical Garden) ۾ ٻن عورتن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌي، سنڌي ڪتابن بابت پڇيم.
“ها، مونکي سنڌي ادب سان چاهه آهي.” هڪ ٻڌايو؛ “گھڻو اڳ ته پاڪستاني سنڌي رسالا ‘مهراڻ’ ۽ ‘نئين زندگي’ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب به هتي پهچي ويندا هئا. پر اڄڪلهه پاڪستان جا ڪتاب ڪو نه ٿا ملن. انڊيا کان جيڪي سنڌي رسالا ۽ ڪتاب اچن ٿا، انهن مان ‘ڪونج’ فقط وڻيم ۽ ٻيا واسواڻيءَ جا ناول پسند اٿم.”
“ڪجھه مون کي پڙهڻ لاءِ ڏئي سگھنديون؟”
“ها، ضرور، مون وٽ ته ايترا نه به هجن، جو اڃا گذريل مهيني هڪ اسپتال ۾ ڏئي آئي آهيان، جيئن مريض پڙهن. باقي منهنجين ڪن سهيلين وٽ تمام گھڻا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا آهن. انهن کان وٺي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس.”
کيس ٻئي ڏينهن ڪجھه پنهنجا ڪتاب سفرنامن جا مجموعا ۽ ٻيا ڪجھه ‘سهڻي’ ۽ ‘ملير ڊائجسٽ’ رسالا، جيڪي مون وٽ جهاز تي پيل هئا، ڏياري موڪليم ته هوءَ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ ڏئي، جيئن سنگاپور جا سنڌي، پاڪستاني سنڌي ادب کان ڪجھه واقف ٿي سگهن. هتي جي سنڌين کي مون ڏٺو ته اها عام دانهن هئي ته اڄڪلهه جي سنڌي زبان ۾ ملاوٽ وڌندي وڃي. هندستاني سنڌي ڪتابن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ اچي ويا آهن، پاڪستاني سنڌي ۾ عربي، فارسي ۽ اڙدو جا. ساڳي طرح سنگاپور جي سنڌين کي ڪيترا ئي ملئي ۽ انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ استعمال ڪندي ٻڌم.