شاعري

درد جون آيتون

هي ڪتاب ”درد جون آيتون“ نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. سعيد ميمڻ پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ ڪيترائي دل کي وڻندڙ رنگ سمائي جڏهن اظهار جا آلاپ آڇي ٿو، تڏهن روح مان درد جون ڪيفيتون اکين ۾ جُهڙالا ڪري سارنگ جا سانگ رَچائي ڇڏين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4892
  • 1277
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سعيد ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book درد جون آيتون

مهاڳ

سِٽون ڄڻ ته صُراحيون!

ڪن سوالن جو هر دؤر جوابده رهندو پئي آيو آهي. توڙي جو هر دؤر وٽ پنهنجن ڏاهن جي موجودگيءَ باعث، ڏاهپ جي بي حساب سگهه موجود رهي آهي، پر پوءِ به اهڙن سوالن جو صليب هر دؤر کي پنهنجن ڪُلهن تي کڻڻو پيو آهي. ان جو هڪ اهم سبب زمان و مڪان جي لچڪدار ماهيت آهي ۽ اها لچڪ ئي اهڙي خوبي آهي، جنهن زمان و مڪان کي آفاقي قدرن جي مالڪي بخشي آهي؛ نتيجي طور زمان و مڪان جي اهڙي متنوع ۽ متبدل ماهيت، هر دؤر کي پنهنجا نوان سوال ۽ للڪارون (Challenges) ارپي، کيس جهنجهوڙي، جهوري، پنهنجي حيثيت مڃائيندي رهي آهي.
انهن سوالن ۾ خالق (شاعر) ڇاهي؟ ۽ سندس تخليق (شاعري) ڇاهي؟ هر دؤر جا اهم سوال آهن. توڙي جو اسم شاعر ۽ ان جي صفت شاعري ٻئي بيڪ وقت تخليقون آهن ۽ ٻنهيءَ جا خالق الڳ الڳ آهن. هڪ انسان بحيثيت شاعر ۽ ٻيو مطلق شعور........ حق، سچ يا اڃا به اڳتي جو به کيس نانءُ ڏيو؛ پر پنهنجي بنيادي اڪائيءَ يا وحدت ۾ ٻنهي تخليقن جو خالق هڪ ئي آهي-مطلق شعور! هتي اسان جو موضوعِ بحث زندگي/شخص بطور شاعر جو خالق نه، پر ان مها تخليقڪار جي انتهائي پيچيده تخليق انسان/ شخص بطور شاعر جي شخصيت ۽ ان جي تخليق يا صفت شاعري آهي....... شاعري آهي ”درد جون آيتون“ ۽ شاعر آهي سعيد ميمڻ!
شاعريءَ متعلق ڪنهن پرڏيهي ڏاهي خوب چيو آهي ته اهو عمل، شعور جو لاشعور کان تحت الشعور وٽان واپسيءَ، يا شعور ڏانهن لاشعوريءَ طور سفر جو ڪارنامو آهي..... ۽ بيشڪ آهي به ته ايئين!
شعور جا به عجيب کيڏ آهن! عجيب انداز ۽ مزاج جو مالڪ آهي شعور! پنهنجي ”هئڻ“ يا موجودگيءَ جو ”احساس“ انتهائي انوکن روپن ۾ ڏياري ٿو، جنهن جو هڪ اڻ سِڌو رُوپ شاعري آهي. اَڻ سِڌو ان ڪري جو، سڌيءَ طرح اهو ڏاڍو شرير ۽ شاطر العمل ٿئي ٿو. شعور اگر جنون سان ناتو جوڙي وجهي ته ڏاڍو ڀيانڪ ثابت ٿئي ٿو، پر ان جي ابتڙ اگر جنون، شعور سان شاملِ حال ٿي وڃي ته کيس اهڙي معصوميت عطا ڪري ٿو ڇڏي، جيڪا شاعر جو شان بڻجيو پئي ۽ جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ،”شاعري جُز وَ اَست از پيغمبري!“ اقبال ان فرق کي تمام سهڻي پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي:
اک جنون ہے کہ باشعور بہی ہے،
اک جنون ہے کہ باشعور نہین۔
- ۽ شاعري ان پوئين جنون جي عطا آهي-هڪ اهڙي ڪيفيت جو ڪارنامو جنهن ۾ شعور نه، پر جنون ڪارفرمان هوندو آهي؛ ۽ اهو جنون ئي آهي جيڪو وڏا وڏا ڪم لاشعوري طور سرانجام ڏيئي ويندو آهي، جنهن جو ان صاحبِ جنون کي شعور بعد ۾ تڏهن حاصل ٿيندو آهي، جڏهن اهو ان جنوني ڪيفيت مان ٻاهر نڪري چڪو هوندو آهي.
حضرت موسيٰ ڪوههِ طُور تي شعوري طور خدا کي درخواست ڪندو رهيو: ”رَب ارنِي!“ يا رب! مون کي پنهنجو جلوو پساءِ! پر بار بار ساڳيو جواب ملندو رهيس: ”لن تراني!“ تون مون کي نه ڏسي سگهندين! ليڪن ساڳيو سوال جڏهن وجداني ڪيفيت اندر غارِ حرا ۾ گونجي ٿو، تڏهن اهڙي جنونِ عشق کي معراج ميسر ٿي ٿو پئي! شاعري پڻ ماوراءِ شعور، جنونِ عشق واري وجداني قوتِ عمل جو ثمر و معراج آهي.
قاضي قادن کان شاهه ڪريم تائين ۽ شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين اسان جي سنڌ سونهاري، اهڙا ڪيئي حاملِ جنون و عشق ۽ صاحبِ جنون عاشق پيدا ڪيا آهن، جن ان عطا جي عيوض سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جو بي بها خزانو بخشيو آهي؛ ۽ اهو سنڌ جي مٽيءَ جو ڪمال آهي يا فطرت جي سوغات، جو اهو ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ سلسلو سدا قائم و دائم آهي؛ جيڪو اسان کي اياز کان پوءِ به اهڙا ڪيئي انمول موتي مهيا ڪندو پئي رهيو آهي - ۽ اهڙن ئي موتيءَ داڻن مان هڪ داڻو سعيد ميمڻ به آهي. سعيد جي شاعريءَ پڙهندي، اسان کي اوَس شيخ اياز جي ياد اچي ٿي؛ جنهن چيو:
اڃا رُڃَ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا!
يا
”..... گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان......“
- سعيد جي شاعري بيشڪ اها ئي گونجار آهي. سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جي گلشن جو اهو مور آهي، جنهن جي شاعريءَ جا ٻول _ ٽهوڪا عاقل (لاڙڪاڻي) مان گونجار ڪري اُڀرن ٿا ته سموري سنڌ تي ان جو سحر طاري ٿي وڃي ٿو. مون کي اهو چوندي ڪوبه وڌاءُ نٿو محسوس ٿئي ته سعيد جي شاعري، اڄ جي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري شاعراڻي فضا ۾ مثلِ بادِ صبا ٿي اڀري آهي، جنهن جي ڇُهاءُ سندس هر پڙهندڙ جو من مهڪائيو آهي.
اڄ جي پروفيشنل جيلسيءَ جي هن دؤر ۾، جتي افسوس جو اسان جا سينئرز پنهنجي جونيئرز کي همٿائڻ ته پري جي ڳالهه، کين محض پڙهڻ به پنهنجي لائق نٿا ڄاڻن، اتي سعيد ميمڻ، کين پنهنجي حيثيت محسوس ڪرائيندي نئين ٽهيءَ ڏانهن متوجه ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها نه رڳو سعيد جي ڪاميابي آهي، پر نئين ٽهيءَ تي سندس احسان پڻ آهي. اهڙيءَ طرح اهو به سچ آهي ته هُن، ڪيترن ئي وڏن نالي چڙهيل شاعرن جي نالي مٿان کلي عام منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آهي؛ جيڪي اڄ سندس ڇڙو حوالو پڙهي ڇرڪي ٿا پون، ۽ اها سعيد جي شاعريءَ جي وڏي سوڀ آهي.
سعيد پنهنجي تخليقي سفر دؤران ”نيڻ سفر ۾“ کان ٿيندو، ”ڪاري بَر ۾ چنڊ“ تائين پهچندي، رستي ۾ جتي پنهنجي قافلي جي کوڙ سارن هڪجيڏن کان اڳتي نڪري ويو آهي، اتي هو وڏن جگادر نام ڪٺين اميرانِ ڪاروان کي به پوئتي ڇڏي وڃي پرتي نڪتو آهي - ۽ ايئين ڪَوِتا نگر جي ڪيترن ئي پنڊتن ۽ پروهتن کي يقينن مٿس لٿل ”درد جي آيتن“ کي پڙهي، پنهنجي ڪم مايگيءَ جي احساسن جي انگاس تي ٽنگجڻ جو سُور ستائيندو.
اهو اسان جي اڄ جي سياسي توڙي ساهتيه - سنسار جو هڪ وڏو الميو آهي، جو هرڪو پنهنجي خيالي دنيا ۾ ”پنهنجي مُنهن ميان مِٺو“ يا هر ڏِسا ۾ پنهنجي ڏيڍ - سِري مسيت جو پيش امام يا مڙهيءَ جو مَهاگُرو بڻيو ويٺو آهي! ليڪن کين ياد رکڻ گهرجي ته وقت، جيڪو ضِلِ الاهي آهي، اهو سڀ کان وڏو منصف آهي. کين ڀل ته پنهنجين ڳرين ۽ ٿُلهين پوٿين تي اڀمان هجي، پر سعيد تي لٿل هيءُ درد جو ننڍڙو صحيفو ضرور سندن ڪوڙين دعوائن جا ڪوٽ ڪيريندو، ۽ ثابت ڪندو ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي؟
سعيد ميمڻ جو زيرِ نظر مجموعو ”درد جون آيتون“ سندس ٻين شعري مجموعن کان جتي اصنافِ سخن جي اظافي - جِن ۾ خاص طور بيت ڌيان طلب آهن - جي ڪري الڳ ٿلڳ آهي، اُتي سندس فني توڙي فڪري اوسر پڻ کيس ٻين کان الڳ مقام عطا ڪري ٿي. سعيد پنهنجي ٻين صنفن وانگر بيت ۾ پڻ خارجي مشاهدن کي داخليت جي ڀرپور رنگ ۾ رچيو آهي. خاص طور موجوده دؤر جون ڏنل نفسياتي اذيتون ۽ غيريقينيءَ واري ڪيفيت، سندس هرهڪ صنفِ سُخن جي موضوع کي حقيقي رنگ بخشي ٿي؛ جنهن ذريعي هو قاريءَ کي پنهنجو هم خيال بڻائي وٺي ٿو، ڇو ته اهي به ساڳئي دؤر جي پيڙائن مان گذري رهيا آهن- ليکڪ ۽ پاٺڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙي ذهني هم-آهنگيءَ سندس شاعريءَ جي سُندرتا ۽ سڦلتا جو اهڃاڻ آهي:
مون کان کِل نڪري وئي، ڏٺم جيئن هُن کي،
گڏهه ڪرسيءَ تي، ويٺو هو آفيس ۾! (بيت)
يا
فائيلن مان مُنهن ڪڍي، مون کي چنبڙي پيا،
کيسا کائي ويا، ڪُتا هُن آفيس جا! (بيت)
ناڪام رياستي انتظاميه ۽ بيوروڪريسيءَ کي هن کان وڌيڪ ڪهڙيءَ ريت اگهاڙو ڪري سگهجي ٿو؟ طبقاتي نظام جي هاڃن مان هڪ هاڃو اهو به آهي ته اُن ۾ اهليت پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي، ۽ گهوڙو ۽ گڏهه ٻيئي برابر، بلڪه ڪن حالتن ۾ ته گهوڙي تي گڏهه کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، ۽ نتيجي ۾ هر طرف مايوسي ۽ احساسِ محروميءَ جو عفريت يا راڪاس، نوجوانن جي ذهن توڙي جسم کي کوکلو ڪري، ڪٿي خودڪش ته ڪٿي ذهني مريضن جي انگ ۾ مسلسل اضافو آڻيندو رهي ٿو. ملڪي تاريخ گواهه آهي ته هر فوجي توڙي عوامي آمرانه دؤرِ حڪومت ماڻهن کي ويڳاڻپ، غيريقيني، عدم اعتماد ۽ نفسياتي مُونجهارن ۾ وڪوڙي زندگيون مشڪل بڻايون آهن. خودڪشين ۽ قبائلي جهيڙن کان وٺي شخصي بي راهه روي، اهي سڀ اُن نالي ماتر آزاديءَ جي طفيل ڏاڍ ۽ ڏمر جون سوغاتون ئي ته آهن! اهڙي ماحول ۾ ڀوڳنائن جي ور چڙهيل هڪ باشعور شهريءَ لاءِ فقط ٻه ئي رستا وڃي بچن ٿا: هڪ ته اعلانِ بغاوت ڪري رياستي ڪارندن هٿان مارجڻ يا پنهنجو پاڻ ئي بي روح زندگيءَ کان پاند آجو ڪرڻ، ۽ ٻيو ته شريمان “ٽرئنڪيولائيزرس“ وٽ شرن وٺڻ! پهريون تڪڙو ۽ باعزت موت، فرارِ زندگيءَ يا احتجاج جو قسم آهي، ته ٻيو قدرِ گهٽ باعزت ۽ ڌيمي حالت ۾ موت، فرارِ زندگي يا احتجاج؛ ۽ اهڙين حالتن جي متاثرين ۾ وڏو حلقو حساس دل تخليقڪارن جو ئي آهي-

دوستن جون دليون صاف ناهن حبيب!
ڪير ايندو اوهان جي سکر ڏي پرين؟ (غزل جو بند)

مٿئين شعر ۾ به ساڳين خارجي حالتن جي نشاندهي ڪيل آهي، جتي هر ماڻهو سعيد جان ڇرڪيل آهي ته حبيب جان اُن جو حدف؛ ۽ اتي هر شهر سکر جان بي يقينيءَ ۽ بي اعتماديءَ جي ٽياس جو اهڃاڻ! اهڙيءَ طرح هيٺيان شعر پڻ ساڳين احساسن جي ڀرپور نمائندگي ڪن ٿا:
زندگي هئي ٻڌل زنجير ۾،
موت آيو، نجات آئي آ. (غزل جو شعر)

تنهنجو خالق! ڀرم ته رکڻو آ!
زندگيءَ سان مڙئي گذارا هن! (غزل جو شعر)

موت ڪستو جهليو،
مـون حــيـاتـي ڏنــي. (غزل جو شعر)

سعيد! پاڇو ئي ساڻ هو پنهنجو،
پاڻ سان ئي ڪٺي هليا هئاسين! (غزل جو شعر)
غزل ۽ سعيد ايئن آهن جيئن آجر ۽ اجير، مالڪ ۽ مزدور! غزل سعيد جي مزدوري ڪري ٿو. غزل سندس حڪم جو بندو آهي. مجال آهي جو ساڻس اڙِي ڪري! اها ٻي ڳالهه آهي ته ڏاڍو مهانگو مزدور آهي! مزدوريءَ طور هو کانئس ڪهڙو اُجورو طلبيندو هوندو؟ ان جو اندازو فقط سعيد پاڻ يا سندس همرڪاب حساس دل تخليقڪار ئي ڪري سگهن ٿا.
غزل کان علاوه سعيد تقريباَ سمورين مروجه اهم شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. زيرِ نظر مجموعي ۾ هُن جتي گيت، وائي ۽ بيت جهڙين قديم ڪلاسيڪي صنفن تي پنهنجي مخصوص اسلوب تحت مشقِ سُخن ڪئي آهي، اُتي هُن جديد صنفن نظم، پنجڪڙي، آزاد نظم، چؤسٽي ۽ ٻه - سٽي سان به خوب نڀايو آهي. بلڪه صنفن متعلق ايستائين به چوڻ ۾ مون کي ڪو وڌاءُ نٿو لڳي ته هر شعري صنف، سعيد جي آڱرين جي ڇهاءُ لاءِ واجهائيندي نظر اچي ٿي.
سعيد پنهنجي نظمن ۾ نهايت انوکا ۽ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا آهن. اهڙو هڪ سندس نظم ”مان ڏِسي رهيو آهيان“ آهي، جنهن ۾ هُن نظم ۽ غزل جي امتزاج جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي. ”سمنڊ جي ڪناري تي، اڄ اياز سوچي ٿو....“ پڻ پنهنجي نوعيت جو نرالو نظم آهي. هتي هو ڪن ڳالهين ۾ اياز وٽ پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي ٿو، جنهن جو کيس حق حاصل آهي، توڙي جو ان تي بحث جي ڪافي گنجائش موجود آهي. اهڙو ئي هڪ احتجاج هو پنهنجي خالق سان به ڪري ٿو پر اُن ۾ نماڻائي، نهٺائي ۽ ويچارگيءَ جا احساس شامل آهن:
مان تنهنجي تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟
خالق! هيءَ دنيا، مون کي اڻ پوري لڳي! (بيت)
سعيد ميمڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هرهنڌ، هر موضوع تي بيباڪيءَ ۽ دليرانه انداز ۾ فرسوده سماجي قدرن، حالتن تي طنز ۽ سياسي، سماجي ٺيڪيدارن جي منافقانه روين تي زوردار وار ڪندي هرگز نٿو ڪيٻائي؛ اها به سندس بطور شاعر هڪ اظافي خوبي آهي:
قوم ڏسندي نه سا ڪاميابي ڪڏهن!
جنهن جي اڳواڻ ۾ بي ضميري رهي! (غزل جو شعر)
بطور شاعر، جتي هُن جي عقابي نگاهه پنهنجي پوري سماجي شعور سان، آسپاس تي ڄميل نظر اچي ٿي، اُتي هو پنهنجي ماضيءَ جي روايتن کان به ناتو نٿو ڇني. سنڌ ڌرتيءَ جي ساڃاهه ۽ سڃاڻپ، تصوف جو رنگ پڻ هن جي شاعرِيءَ ۾ جابجا نظر اچي ٿو ۽ سو به ڏاڍي جديد ۽ سگهاري رنگ ۾..... ڀٽائيءَ کي هو ”بابا“ چئي مخاطب ٿئي ٿو ته، سائين جي.ايم.سيد جي وحدة الوجودي صوفياڻي رويي، توڙي سندس قومي خدمتن جي عيوض کيس ياد ڪري ٿو. هيٺيون شعر سندس صوفياڻي رويي جو نه صرف ساکي آهي، پر اسان سمورن لاءِ سوچن جا سوين دروازا کولي ٿو ڇڏي!
ڏٺو خدا کي اکين سان مون پنهنجي پاڙي ۾،
نه ڪنهن مسيت، ڪَليسا، نه ڪنهن شِوالي ۾. (غزل جو شعر)
سعيد ميمڻ پاڻ به پنهنجي مزاج ۾ مون کي مُنهنجو همزاد ۽ صوفي منش لڳندو آهي. ساڻس پهرئين ملاقات ڪافي عرصو اڳ سکر شهر ۾ محترم ادل سومرو پاران ڪرايل نثري نظم جي پهرئين مشاعري جي موقعي تي ٿي هئي، ۽ ان کان پوءِ اسان جون ملاقاتون صرف پنهنجين لکڻين وسيلي ئي ٿينديون رهيون. تن ڏينهن اڃا کيس رڳو مُڇن جي ساوڪ ئي هئي، پر وري جڏهن ٻيهر ملياسين تڏهن مون ڏٺو ته وقت سندس وارن تي چانديءَ جي پاڻيءَ جي ورکا ڪري ڇڏي هئي.......... واهه! فڪر سونو، وار چاندي! ڏاڍو وڻيو، ۽ مٿان وري جڏهن پنهنجي زيرِنظر شعري مجموعي کي ڇپرائڻ ۽ مون کان مهاڳ لکرائڻ جي ڳالهه ڪيائين، تڏهن مون کي خوشيءَ سان گڏ، منهنجو ان هستيءَ ۾ ويتر ايمان پختو ٿي ويو، جنهن جا بي شمار نالا آهن.
سچ ته سعيد ميمڻ تي لکندي مون کي پنهنجي شاعر هجڻ تي عجيب خوشي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو اظهار لفظن ۾ مشڪل آهي. جنهن شخص کي مون سدائين برملا پاڻ کان وڏو شاعر ڄاتو هجي ۽ جنهن کان خود مون کي پنهنجي ڪمزور شاعريءَ لاءِ اتساهه ۽ سگهه حاصل ڪرڻ خاطر ڪجهه لکرائڻ جي چاهنا هجي، ان تي آءٌ ڪا راءِ ڏيان، اهو ڪم مون لاءِ ڪيڏو اوکو عمل هوندو، ان کي شايد ڪو به نه ڄاڻي سگهي.
سعيد! آئون تنهنجي شاعريءَ تي لکڻ جو حق ادا نٿو ڪري سگهان، اها حيقيقت آهي بس، تنهنجي حڪم عدوليءَ جو ڏوهه نٿي ڪري سگهيس، تنهن ڪري اهو ٿورڙو ڪجهه لکي پاڻ کي خوشنصيبن جي لسٽ ۾ لکرائيو اٿم شال قبول پوي!
”مان تنهنجي تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟“
تنهنجون دردنِ آيتون، اڙي سعيد ميان!
سِٽون ڄڻ ته صراحيون، اوتيو مَڌ پيان،
ويٺو ساڻ ونڊيان، گڏجيو شاههرح ۽ شيخرح سان.

- آسي زميني