شاعر پاران
ترتيب ۽ توازن فن لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن ٻنهي عنصرن کانسواءِ شاعر جو اظهار اثرائتو نٿو رهي. ڪلاسيڪي شاعري، جيڪا گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ به نوبني ۽ اثرائتي لڳندي آهي، ان جو سبب به اهو ئي آهي ته منجهس ترتيب، توازن ۽ لافاني تخيل موجود هوندو آهي.
شاعريءَ ۾ ترتيب ۽ توازن سان گڏوگڏ خيال جي وسعت ۽ زندگيءَ جي بنيادي موضوعن (جيڪي سڀني انسانن جي داخليت جي عڪاسي ڪندڙ هجن) جي اهم حيثيت هوندي آهي، ڇو ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ انسان جي بنيادي جذبن جو سگهارو اظهار نه هوندو ۽ شاعري صرف اڇاتري ڪيفيتن جي عڪاسي هوندي، ته اهڙي شاعري دائميت جو درجو حاصل ڪري نه سگهندي؛ جيئن جيڪس مارٽين (Jaques Maritain) پنهنجي ڪتاب (The Creative Intuition in art and poetry) ۾ لکيو آهي ته ”شاعري محض شعر گوئي نه آهي، پر ان کان وڌيڪ عمومي ۽ ابتدائي عمل، يعني شين جي باطني وجود ۽ انساني انا جي باطني وجود وچ ۾ لاڳاپو يا انسيت.“
اها حقيقت آهي ته شاعري انسان جي نفيس احساسن جو خوبصورت اظهار آهي. شاعر جي رنگين تخيل سان ڪائنات جي هر منظر ۾ عجيب جاذبيت، سحر ۽ سونهن سمائجي وڃي ٿي. اهي حقيقتون، واقعا يا منظر جن تي روز مره جي زندگيءَ ۾ اسان جي نظر اڇاتري گذري وڃي ٿي، اُهي جڏهن ڪنهن سٺي شاعر جي سهڻي ۽ ادراڪ ڀرئي اظهار ۾ ظاهر ٿين ٿا، تڏهن اهي اسان جي من تي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏين ٿا ۽ اسان کي اهو احساس ٿئي ٿو، ته اسان انهن شين/منظرن کي ڪيئن نه سطحي نظرن سان ڏسي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو! حقيقت ۾ هر منظر ۾ ڪا نه ڪا معنيٰ، مفهوم ۽ رمز ڀريا اشارا لڪل هوندا آهن.
پنهنجي شاعريءَ متعلق ڪجهه لکڻ کان پهرين فرانسيسي نقاد پال ڪلائوديل (Paul Claudel) جي فنڪار لاءِ ڪيل نصيحت جو ذڪر ڪندس. هو چوي ٿو ته ”جيڪو فنڪار پنهنجي فن جي طرف توجهه ڏياري سو رَسيءَ تي هلندڙ ان ڪرتب ڪار جيان آهي جيڪو، ڏسڻ وارن کي پنهنجي پيرن جي طرف متوجهه ڪندو هجي. فن جون مقدس دوشيزائون زور زبردستيءَ کان گهٻرائينديون آهن.........“ سو ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي مان پنهنجي شاعريءَ متعلق وضاحتون ڪرڻ بدران اها جيئن آهي تيئن توهان آڏو رکڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه متاثر ڪرڻ جهڙا جزا هوندا ته اهي توهان جي حساس دلين تي ضرور اثر ڇڏيندا. باقي هڪڙي ڳالهه چوندس ته شاعريءَ جون سڀئي صنفون لکڻ باوجود مون غزل کي پنهنجي اظهار جو ڀرپور وسيلو سمجهيو آهي.
منهنجي شاعريءَ تي ڪهڙن شاعرن جو اثر آهي. ان بابت مان راجرڪيلوئس (Roger caillous) کان اُڌارا لفظ وٺي چوندس ته، ”مون ڪنهن جي تقليد نه ڪئي آهي. مون ڪمزوريءَ وچان شاندار ۽ رعب انگيز شعر چوڻ جي خواهش آڏو سر نه جهڪايو آهي. منهنجا قانون، منهنجا اصول، منهنجو مزاج انهن سڀني جو سرچشمون منهنجي پنهنجي طبيعت آهي، پر مون ڪڏهن به پنهنجي چوڌاري موجود ڪائنات کان جدا هئڻ جي نمائش ناهي ڪئي ۽ ٻين شاعرن ۽ ٻين انسانن کان ڄاڻي واڻي پاڻ کي جدا نه ڪيو آهي. مون سوچيو آهي ته منهنجي لاءِ پنهنجي خلوص ۽ خودمختياريءَ جي اظهار لاءِ اهو ئي بهترين طريقو آهي، ته خاموشيءَ سان جيڪي مونکي لکڻو آهي لکندو هلان.......
سائين تاجل بيوس مونکان ڪڏهن پڇيو هو ته ”سعيد! توکي شاعريءَ لاءِ انسپائريشن ڪيئن ملندي آهي؟“ مون چيو هو ته مونکي حُسن يا خوبصورت نظارن ڏسڻ سان شاعريءَ لاءِ انسپائريشن ملندي آهي. پنهنجي ڳوٺ عاقل ۾ سرنهن جي ڦولار، رابيل ۽ گلاب جي گلن جا ٻارا، زيتونن جا باغ ۽ انهن ۾ وهندڙ واهيون ۽ واها، ڪڻڪ ۽ سارين جا جهومندڙ فصل، صبح سمي نيرڙي پاڻيءَ ۾ مرڪندڙ ڪنول جا گل، سانجهيءَ جو لهندڙ سج، عاقل جي پراڻي قبرستان جون اُداس قبرون ۽ قبرن ڀرسان نِمُنِ، سنجهين ۽ ڪنڊين جي وڻن مٿان ويٺل اڪيلا پکي، نيري آڪاس ۾ اڇن ڪبوترن جا اُڏامندڙ ولر، سانجهيءَ جو سنڌوءَ ڪناري مهاڻن جا ميرانجهڙا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون، چوڏهينءَ رات سنڌوءَ جون مست ڇوليون... اُنهن سڀني منظرن مان مونکي انسپائريشن ملندي آهي.
هتي مونکي روبن اسڪيلٽن جي ڪتاب The Poetic Pattern جون اهي سِٽون الائي ڇو ياد ٿيون اچن جن ۾ هن چيو آهي، ”فطرت جي انهن مظهرن کي، جن کي عام ماڻهو انسان کان غير متعلق سمجهندا آهن، شاعري انهن کي انساني تشخص بخشيندي آهي، شاعريءَ ۾ وڻ، گل، بادل، دريا، پهاڙ سڀ انساني صفتن سان نوازجي ويندا آهن.“
شاعريءَ ۾ مونکي علامتي اظهار بيحد پسند هوندو آهي. ڇو ته منهنجي خيال ۾ اهڙو اظهار ئي هر دﺂر ۾ شاعر کي زنده رکي ٿو. جيئن نقاد David Daiches جو چوڻ آهي ته ”علامتي شاعريءَ جي خصوصيت اها هوندي آهي، جو ان جو بار بار مطالعو ڪرڻ سان ان شاعريءَ جي لفظن ۾ معنائن جو اضافو ٿيندو رهندو آهي.“ علامتي اظهار ئي شاعريءَ جي تاثر کي ڀرپور بڻائيندو آهي ۽ اُن ۾ گهرائي ۽ اظهار ۾ وسعتون پيدا ڪندو آهي.
اهو فيصلو ته نقاد ۽ اوهان پڙهندڙ ئي ڪري سگهو ٿا ته منهنجو شاعريءَ ۾ الڳ اسلوب آهي يا نه؟ مون شاعريءَ ۾ نوان رجحان ۽ نيون راهون جوڙيون آهن يا نه؟ منهنجي شاعري جديد دﺂر جي تقاضائن سان مطابقت رکي ٿي يا نه؟ پر مان ايترو ضرور چوندس ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ مون فن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟ اها ٻي ڳالهه آهي.
جڏهن به مون ڪجهه لکيو آهي ته اها تخليق ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پوءِ ئي ڇپجڻ لاءِ ويندي آهي، جڏهن مان اهو محسوس ڪندو آهيان ته اها پنهنجي ”مڪمل“ هئڻ جو احساس ڏياري ٿي پوءِ...! مون شاعريءَ کي صرف محبوبا جي حسن تائين محدود ناهي رکيو پر ڪوشش ڪئي اٿم ته ڌرتيءَ جي هر منظر ۽ انسانن جي مڙني ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگهان.
”درد جون آيتون“ ۾ مون ڪجهه بيت به شامل ڪيا آهن، گهڻا بيت مون وٽ پيا آهن جيڪي بعد ۾ ترتيب ڏئي ڇپائبا. بيت لاءِ مان چوندس ته بيت شاهه لطيف جي شاعراڻي ڇهاءَ سان فن جي بلندين تي پهچي ويو. شاهه لطيف جا بيت واقعي به آيتون آهين، سندس لفظن جو جَڙاءُ ۽ سِٽ سِٽ ۾ تجنيس حرفيءَ جو ڪمال ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ اهڙو نٿو ملي.
لطيف کانپوءِ شيخ اياز سنڌي بيت کي نوان رنگ ۽ انوکا ڍنگ ڏئي نئين زندگي ڏني. سندس شعري مجموعي ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ ڇپيل بيت جيءَ ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اياز ته اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريءَ جو مزاج بدلائي ڇڏيو. اياز نه صرف پنهنجي همعصرن کي متاثر ڪيو پر ان کان پوءِ هر ايندڙ ٽهي اياز جي شاعريءَ کان متاثر ٿيندي رهي آهي. اياز کان پوءِ تاجل بيوس مونکي بيت جو سگهارو شاعر لڳندو آهي. تاجل بيوس، جيڪو اسان کان تازو ئي وڇڙي ويو! هن جي شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ سنڌ جي ڪلچر جا انوکا عڪس ملن ٿا.
مونکي پاڻ متعلق ڪابه خوش فهمي ناهي ته مان به ڪو وڏو شاعر آهيان، مان اڃا پاڻ کي سيکڙاٽ شاعر ئي سمجهان ٿو. اوهان کي منهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي نقص ۽ خاميون نظر اينديون، پر اها ڳالهه مان ضرور چوندس ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو سچائيءَ سان لکيو آهي.
هر برٽ ايلس (Herbert Ales) چواڻي ته ”جيڪي ڪجهه دُنيا ۾ ٿي سگهي ٿو سو بيان ڪري سگهجي ٿو پر، ضرورت رڳو اهڙي ماڻهوءَ جي آهي جو ان کي بيان ڪرڻ ڄاڻندو هجي.“ سو مان ”اهو بيان ڪرڻ“ تي دسترس نٿو رکان پر، انساني جذبن ۽ ڪيفيتن جي سچائيءَ ڀرئي اظهار جي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم.
هي موقعو ته ناهي پر حياتي الائي مهلت ڏئي الائي نه، مان ڪجهه اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
هڪ اهو ته ”کجين واري شهر“ ۾ هُن سان ملاقات ٿيڻ منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو حادثو هو، جنهن سان مان جنون جي حدن تائين وڃي پهتو هوس؛ ۽ ديوانگيءَ جون حَدون اورانگهيندي وڃي ڊپريشن جي ڌٻڻ ۾ ڪريس. ڪافي عرصو ڊپريشن ۾ رهيس، ان مان ته آخر نڪري آيس پر دل ۽ دماغ ٻئي ڌَڪيِ ڪري موٽيس. دل کي هاءِ بلڊ پريشر نصيب ٿيو ۽ دماغ کي تڪليف سبب جسماني جهٽڪا اچڻ لڳا، جنهن ڪري هٿ ڏڪڻ لڳندا آهن ۽ هٿن ۾ موجود شيون ڪري پونديون آهن. اها تڪليف اڃا ڀوڳيان پيو.
ٻي ڳالهه اها ته جڏهن منهنجي مٿان جنون طاري هيو تڏهن جنهن کي چاهيو هيم، ان جو نالو بي تحاشا منهنجي شاعريءَ ۾ اچڻ لڳو هو، جنهن سان هُن کي ڏاڍي تڪليف پهتي هوندي؛ ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جي هُوءَ پس منظر ۾ هلي ويئي. مونکي پنهنجي ان غلطيءَ جو احساس ڏاڍي اذيت ڏيندو آهي. ڪاش! هوءَ مونکي معاف ڪري سگهي. ڪتاب جي نالي ”درد جون آيتون“ جي حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته چار پنج سال اڳ هي ٻه سِٽون مونکان خواب ۾ جڙيون هيون:
بڻيو طور سينا اسان جو هينئو،
اسان تي لٿيون درد جون آيتون.
مون ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ اهي ٻه سٽون لکي ڇڏيون پر ڪڏهن انهن کي وڌائي غزل ڪرڻ جو خيال ئي نه آيو. جڏهن هيءُ ڪتاب سهيڙڻ ويٺس ته الائي ڇو اُهي ٻه سِٽون بار بار منهنجي ذهن ۾ اچڻ لڳيون. نيٺ مون انهن ئي سٽن مان ڪتاب جو نالو ”درد جون آيتون“ چونڊيو. توهان کي خبر هوندي ته ”آيت“ جي لغوي معنيٰ آهي ”نشاني“ جيئن ته منهنجي شاعريءَ ۾ ”درد“ جو ذڪر ڪجهه سَوايو آهي، سو مونکي اهو نالو ئي مناسب لڳو.
مان ڏاڍو ٿورائتو آهيان پنهنجن پيارن دوستن ستار سُندر ۽ بخشل باغيءَ جو، جيڪي عاقل اچي هن ڪتاب جو مسودو کڻي ويا ۽ ڇپائيءَ جو بار پاڻ مٿان کنيائون.
ٿورا دلبر دوست آسي زمينيءَ جا، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. منهنجي اها دلي خواهش هئي ته آسي مهاڳ لکي، ڇو ته هو منهنجو هم عصر ۽ هم مزاج آهي.
مانواري نثار کوکر ۽ مانواري فوزيه بانو جا به لکين ٿورا، جن تاثر لکي مان بخشيو.
آخر ۾ اها ڳالهه وري به چوندس ته منهنجا شاعراڻا تجربا ۽ محسوسات، جيڪڏهن اوهانکي پنهنجا لڳن ٿا ۽ انهن ۾ توهان جي جذبن جو اظهار آهي، ته مان پڪ سمجهندس ته منهنجون ڪوتائون سڦل آهن.
- سعيد ميمڻ