ڀٽائيءَ کي ڀيٽا
ايڏو ويڳاڻو، آهي اڄ لطيف ڇو؟
اکيون هيٺ زمين ۾، منهن لڙڪن هاڻو،
ڪهڙو ڳاراڻو، هن کي ڳاري ٿو پَيو؟
***
اکيون هيٺ زمين ۾، شاهه ڀٽائيءَ جون،
ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳ ڏي، وڃن ٿيون ڪِوليون،
ڄڻ سمجهائن ٿيون، هڪ سفر آ زندگي.
***
اکيون هيٺ زمين ۾، واچوڙا ويچارَ،
وِکري وِيا هن واءُ ۾، هن جا ڀَنڀا وارَ،
سانجهيءَ ڪنهن جي سارَ، کيس اُڏايو ٿي وڃي.
***
اکيون هيٺ زمين ۾، پگهريل پيشاني،
اکين ڏٺا اوچتو، منظر لافاني،
رمزون روحاني، کُليون شاهه لطيف تي.
***
اکيون ڳاڙهي اُڀ ۾، سانجهيءَ ڪنهن جي سارَ،
’سعيد‘ وڃي ٿي سامُهون، ڪونجن جي قطارَ،
ڪُونجن ساڻ نِهارَ، ڇو ٿي ڀٽڪي شاهه جي!
***
اکيون ڳاڙهيون اُڀ ۾، روح اندر راڙو،
”ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اُگهاڙو“،
ڪوئي اُماڙو، جلائي ٿو جيءَ کي.
***
”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏِسن“
اکيون انهيءَ سِٽ کان، اڳتي ڪيئن پڙهن،
نه ٿيون ڪجهه ڏِسن، آڏو پاڻي آ رڳو.
***
اٽڪيون سُورج سان، اکيون ڳاڙهي اُڀ ۾،
ڄڻ ته وڃي ٿو پُوربو، ڀٽن جي هيٺان،
آهن سج مٿان، اکيون شاهه لطيف جون.
***
چوڏهينءَ جو چمڪن پيون، ڀٽُون واريءَ جون،
ڪهڙي چنڊ جي پوئتان، نڪتيون هِن نظرون،
ڀِٽ ڀِٽ ڀٽڪن ٿيون، اکيون شاهه لطيف جون.
***
ڏسي شاهه لطيف ٿو، کڻي نيڻ مٿي،
تارا آهن بيت ڄڻ، وکريل امبر تي،
ڀرسان آ جن جي، چهرو چنڊ پرينءَ جو.
***
رات لتاڙي فاصلا، مليس جيئن هُن سان،
اکيون شاهه لطيف جون، چمڪيون ڏيئن جيان،
مُرڪيو چنڊ مٿان، رِڻ ۾ ٿي وئي روشني.
***
رڻ ۾ ٿي وئي روشني، چمڪي پئي واري،
بيتن ڦهلائي ڇڏي، خوشبوءِ چوڌاري،
رات اِها ساري، هئي ڄڻ سُندر خواب جيان.
***
اڻ ڄاتي هن ماڳ ڏي، پيو ٿو مَن ڇڪي،
هاڻي منهنجو هينئڙو، نه ٿو هِت ٽڪي،
چيم ڀٽائيءَ کي، ”مون کي ساڻ وٺي هلو!“
***
مرڪي شاهه چيو: ”اِها، روشن رکجان لاٽ!
اوکي آ هيءَ واٽ، سُونهوُن ٿيندءِ سوجهرو!“
***
اچي صبح سويرَ، ويٺو ڪپ ڪراڙ تي،
ٿڌڙي پاڻيءَ جي اندر، ٻوڙيئين ٻئي پيرَ،
سارَ سُري تنهن وير، ڪنهن رابيلي چيچ جي.
***
اڇي بَــرَ منجهان، قلم ڪَهندو ٿو وڃي،
لفظن جو آ قافلو، قلم جي پويان،
ڪيئن مان هٿ کڻان، ڪيئن بيهاريان قافلو؟
***
نڪري پاڻيءَ مان، ڀٽڪيا پئي ڌرتيءَ مَٿي،
هي مسافرَ ڪير ها، آيا ها ڇاڪان،
گذري رستن تان، مٽيءَ منجهه لَهي وَيا.
***
تو چيو: ”هَٿ ته ڏي، تنهنجو ڀاڳُ ڏسان!“
۽ پوءِ هَٿُ ڏٺئه پئي، ڏاڍي ڌيان وِچان،
۽ تو هٿ مٿان، پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.
***
پنهنجو ڪجهه ٻاريو، سُورج ساٿ ڇڏي ويو،
ٻاري پنهنجون آڱريون، رستو ڏيکاريو،
ايئن نه بيهاريو، اونداهيءَ ۾ قافلو.
***
رستي ۾ ويهي رهيو، ٿَڪُ ڀڃڻ جي ڪان،
هن کي ننڊ وٺي وئي، گهاٽي وڻ هيٺان،
۽ هُو ننڊ منجهان، ٻِيهر ڪِين اُٿي سَگهيو.
***
خوشبو ڪنهن جي ياد جي ، آيس واءُ منجهان،
هُن جا نيڻ پُسي وَيا، پَلَ ۾ پاڻيءَ سان،
۽ هُو ڇَٻَرَ مٿان، ٻُوٽي نيڻ سُمهي پَيو.
***
هيل ته ڪنڊا ئي ڦُـٽا، ذهني ڀُونءِ منجهان،
سوچ ڪنڊن ۾ وئي مَري، ڀٽڪي گلڙن ڪان،
رهجي وِيا پويان، ڳاڙها پيرا رت جا!
***
رڪشا ۾ پوءِ چَڙهيو، چِيائين: ”تيز هلاءِ!
قبرستان پڄاءِ! ڏاڍي ٿي وئي ديرَ آ.“
***
هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾، ڪوريئڙو آهي،
جيڪو خيالي ڄار ٿو، جِيوَن جو ٺاهي،
ڇڏن ٿيون ڊاهي، اُن کي ڳُجِهيُون آڱريون.
***
مون ته بڻائِي تو اڳيان، آئينو ديوارَ،
ڪجهه نه ڏٺو تو يارَ، اکيون پٿر جون هيئه!
***
ڦٿڪي ٿي تاريخ، اونداهي پاتال ۾،
هن جي ڪائي چيخَ، پَٿرَ ڪِين ٻُڌي سگهيا.
***
دنيا جي جنجال ۾، ايڏو اُلجهي وِيُس،
سانڍي ڪين سگهيس، پياري تنهنجي ياد کي.
***
تنهنجي مان تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟
خالق! هيءَ دنيا، مونکي اڻپوري لڳي.
***
پاڻ وڃون ٿا پُوربا، واريءَ جي هيٺان،
واءُ! نياپو ٿا ڏيون، سانڍي تون رکجان!
پانڌين کي چئجان: ”متان ماڳ وِساريو!“
***
آئون هِتڙي پاڻ کي، ڌاريو ٿو ڀانيان،
آيو ڄڻ آهيان، ڀلجي تنهنجي ديس ۾.
***
پردا لاهي رات جو، ڳاڙهو گل ٽڙيو،
چانڊوڪي مهڪي پئي، مَهڪيو جهنگُ سڄو،
مونکي ايئن لڳو، ڄڻ هو چنڊ خمارَ ۾!
***
هُن کي هئي جا گودڙي، تنهن ۾ خواب هُيا،
خواب ڪڍي هُن سنڌ ۾، سڀني کي ارپيا،
نذراني ۾ ڪيترا، هن کي لڙڪ مليا،
پوءِ وٺي آگيا*، ويو هو جوڳي سانورو.
***
ٻِيهر گهمنداسين وَري، پاڻ ڪناري سان،
هاڻي ڇڏ ته وڃان، مونکي سمنڊ سڏي پَيو.
***
وقت-نديءَ ۾ ڪيترو، ڳوليان ماضيءَ کي،
ڪاهيان ڪشتيءَ کي، آئيندي جي پارَ ڏي.
***
آءٌ فنا جي هنج ۾، پِيو هُس ’سعيد‘ سُمهي،
’جِيوَن‘ جاڳايو اچي، ’قدرت‘ چِيو چُميِ:
”دنيا، آءُ گهمي، وڃ تون گڏجي ’وقت‘ سان!“
***
هن کي گهري ننڊ مان، ”قدرت“ جاڳايو،
”ڏات“، ”قلم“، ”ڪاغذ“ ڏئي، سڀ ڪجهه سمجهايو،
”وقت“ وٺي آيو، شاعر کي ڌرتيءَ مٿي.
***
*آگيا – اجازت