نثار کوکر بي حِسي ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري دور ۾ چون ٿا ته تخليقڪارن جو ساهه منجهندو ۽ هانءُ ڪُرندو آحي. اهي ان گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول کان نفرت جو اظهار پنهنجي آرٽ، شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ ڪندا آهن. پر لاڙڪاڻي ڀرسان سنڌوءَ ڪناري عاقل ڳوٺ ۾ هڪ شاعر پاڻ ان سماجي بيحسي ۽ گهُٽ ٻوسٽ جو اهڙو ته شڪار ٿي ويو، جو شاعري سندس هٿن مان ورهين کان ايئن ڪري پئي آهي، جيئن سندس نظم جي هڪ سٽ آهي ته ”خدا جي هٿن مان ها ڪريا سڀيئي، اسان جي ڪهاڻيءَ جا صفحا سڀيئي“ سعيد ميمڻ پنهنجو جنون ۽ جواني سنڌي شاعريءَ کي ارپي ڇڏي. هن خوبصورت فطرتي رنگن وارا ”پنجڪڙا“ لکي شاعريءَ ۾ موچارو اضافو ڪيو. هن شاعر بڻجي زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا پر غلامي ۽ روزمره جي تذليل واري سنڌي معاشري ۾ هو پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻي ڪونه سگهيو. سعيد جڏهن جنون ۾ اچي ڪيئي نظم لکيا ته شيخ اياز جهڙي شاعريءَ جي معتبر نالي به ڪر کڻي کيس ڏسڻ شروع ڪيو. سعيد پنهنجي پوري نسل جي ترجماني ڪري ٿو. - نثار کوکر