سعيد، هڪ البيلو شاعر
هُن جو مونسان اڳ جو تعارف رڳو هڪ اهڙي سنڌي لکندڙ شاعر جو هئو، جيڪو ڪنهن ”بيماري“ سبب اسان ڏي واجهائيندڙ ۽ ڏسندڙ ”تيماردار“ جي ڳولها ۾ هجي. مون هُن جو هڪ شعر نه بلڪه صرف ڪجهه شعر پڙهيا هئا، جن کي آڏو رکي سڀ اهڙو لکجي ويو جو اڄ ڪتاب جو ليکڪ ”سعيد ميمڻ“ مونکي ٿو چئي ته ، ”منهنجي ڪتاب تي لِک.... ڇا به لِک.... پر لِک ضرور....!“ پر مون لاءِ ٺهي جُڙي لکڻ انتهائي ڏُکيو آ- پر تڏهن به جهڙو حال آهي، حاضر آ!
زندگيءَ ۾ الائي ڪيترا دفعا مان پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي وڏڙي اڱڻ تي لڳل کجيءَ هيٺان پَل گهاريا آهن پر هاڻي رڳو هي نه، بلڪه جتي به کجين جا وڻ ڏسندي آهيان، اُتي ”سعيد“ جا اهي پل مونکي اچانڪ کجيءَ جي اوٽ مان سج يا چَنڊ کي پَسندي ۽ ڏِسندي اکين تي تري ايندا آهن؛ جن ۾ هُن کان ڪائي ”حسينا“ وِڇڙي ويئي - پر ويندي ويندي هِن کي وڇوڙي جي روڳ ۾ جوڳ ڏيئي، اسان کي ”تخليق“ جو هڪ نئون جهان، نئون زمانو ۽ سانورو سعيد ڏيئي ويئي... جنهن لاءِ ”سعيد“ کي ”هُن جو“ ٿورائتو هُئڻ گهرجي، جڏهن هُن پاڻ ان لاءِ چئي به ڏنو ته هو، ”جيڪا سمنڊ به آ سراب به آ...!“
هو وري ياد ڇو پيو آهي؟
ڪين دل کان اڃان ڀُليو هوندو.
شاعر، جنهن لاءِ جيمسپر مين چيو آهي ته ”شاعر ۽ شهنشاهه“ روز روز پيدا نه ٿيندا آهن؛ سو ”سعيد“ جهڙا به شاعر روز ناهن پيدا ٿيندا. ”منهنجي جيءَ کي امان ڏي“ جي ”دعا“ ڇا ته خوبصورت لفظن جو حسين امتزاج آهي! بلڪه نماز پڙهڻ کانپوءِ اگر اوهان ڪا ”دعا“ وساري ويهو ته، هي لفظ پڙهي ”رب“ جي بارگاه ۾ اماڻي ڇڏيندا ته، ”دعا“ پنهنجي ”دشا“ ڪڏهن نه وساريندي- جيئن:
منهنجي چـﺂطرف رڳي رات آ،
مون لاءِ روشني منهنجي ڏات آ.
مونکي روشنيءَ جا جهان ڏي،
منهنجي جيءَ کي امان ڏي!
دعائون ۽ پرارٿنائون سڀن جون ساڳيون هونديون آهن، بس گهرڻ جو انداز مختلف هوندو آ. سماج ۾ ٿيندڙ انياءَ ۽ ظلم کان ڀلا سعيد منهن ڪيئن ٿو موڙي سگهي!؟ هو رهي ئي اهڙي ضلعي ۾ ٿو جيڪو سخت پاري ۾ به شعلن ۽ باه جيئان ٻرندو رهي ٿو. ”سنڌ“، جنهن ۾ ”نيلاميءَ“ جا بينر ۽ ڪارڊ کڻي، ماڻهو پنهنجو واڪ ڏئي ٿو، تنهن تي سعيد جون هي سٽون ڪنهن ”چماٽ“ کان گهٽ ناهن ته-
”ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،
واڪ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي.“
اولاد جي سڀاءُ ۽ رويي تي مليل”والدين“ کي... تحفو اولاد جو به.... هِنن سٽن ۾ ڪنهن آئيني کان گهٽ ناهي ته-
هٿ ڇڏائي وئي جنهن کان اولاد ڀي،
سو سهارو تلاشيندي پيري رهي.
سندس شاعري، انساني فطرت ۽ عادت جي اُها عڪاسي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو (جي چاهي ته) پنهنجو پاڻ ڏسي ۽ سمجهي به سگهي ٿو. محبت ۾ ”معيار“ ڏيڻ ته سعيد شايد سکيو ئي ناهي. پر تڏهن به، ڪا معيار”معيار“ نه هئڻ جي باوجود پنهنجي لاءِ وڏو درد ۽ ڏوراپو پڻ هوندي آ. هٿ ۾ هٿ ڏيئي جنهن سان جيوَن ٿو گهارڻ ماڻهو چاهي، ان کان سموري زندگي ڌار رهي گذارڻ - ڪمال آ...! هجر جو وصال سان ڀلا ڪهڙو تعلق؟ ”فراق“ جو درس مون لاءِ ساهه کڻڻ وانگي آ ۽ وصل مون لاءِ ”موت“ جيئان آهي. انهيءَ کي ڄاڻيندڙ ئي دراصل بقا ۽ فنا جي فلسفي کي سمجهي سگهن ٿا - باقي نيڻن ۾ سپنا ته تيستائين هوندا، جيسين ڪائنات ۾ ذري به ”جوت“ رهندي. ساڀيائون ماڻڻ وارا هڪ جڳهه تي ويهي رهندا آهن، پر سپنا لهندڙ هر جڳهه تي ٿَڪَ به ڪونه ڀڃندا آهن؛ پوءِ ڀل سعيد هيئن ئي چوندو رهي ته...
”اسان جيڪي نيڻن ۾ سپنا سجايا،
نه تِن ماڻي ساڀيا، ڏٺا سي اجايا.
شاعريءَ جو سفر اڙانگو آهي، هر ڀوڳنا ۽ وارتا ”ماءُ جي ڪُک ۾ ٻار“ جيئان آهي، جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ايذائيندڙ به آهي پر.. ”تخليق“ اولاد جيئان ئي مِٺي ۽ پياري به آ.. ۽ ”اولاد“ اميد ۽ نراسائيءَ جو هڪ پاڇو به آ-جنهن جو اندازو سعيد جي شاعريءَ ۾ به سرس نظر ٿو اچي، تڏهن ته هو نه چاهيندي به هيءُ شعر لکي ويٺو ته:
”سعيد عمر وڃائي ڇڏيسين شعرن ۾،
پئي مهانگي اسانکي هي ف ۽ ن جي ڳولا (فن)
هِن ڪتاب جو ”ڪُلُ“ هڪ پل ۾ اوهان کي ”سُر سانوري جوڳيءَ“ جو گيڙو رتل روپ پَسائي ٿو ڇڏي. سندس اِهو ”سُر“ اوهانکي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سائين ۽ ساميءَ جي ”سفر“ سان گڏ گڏ هلڻ تي مجبور ڪري ٿو. اوهان گهڙيءَ ۾ سمنڊ، جبل ۽ صحرا جا راهي ٿي پئو ٿا، جتي ”سعيد“ سڀن سان گڏ، وڏي ميڙ ۾ به جڳهه والاري چُڪو آهي.”سٽ“ ”سٽ“ هِن سُر جي، اوهانکي ”لاهوت“ جو سفر ئي محسوس ٿيندي ۽ اوهان ”سعيد“ سان هِنن سِٽن آڌار، گڏ هلي ٿا پئو قافلي ۾ -
”مونن مٿان مُنهن رکي، ڪيسين واجهايون،
سعيد وڃن ٿا قافلا، پاڻ به اُٿ ڪاهيون،
سانده ويٺا هِيون، هن لئه ڇو هيئن واٽ ۾؟
”سعيد“ هڪ ئي وقت غزل، وائي، بيت ۽ گيت جو البيلو شاعر آ جنهن ۾ ”موسيقيت“ کي به اوهان محسوس ڪندئو ته اوهان کيس پڙهندي پڙهندي ”تو رمتا جوڳي“ جو پڙاڏو به ٻُڌي سگهو ٿا؛ جيڪو دراصل سعيد سانوري جي اُها سڃاڻپ آهي، جنهن تي ”اڄ“ ڪڇڻ کان ۽ ڪجهه چوڻ کان لاچار آ پر ”سڀاڻي“ اِهو ”جوڳي“ هر وات تي ۽ هر دل تي هوندو . ڪو گيت، غزل ، وائي ۽ پنهنجي ئي چيل ”سُر“ جي پڙلاءُ ۾، جنهن جو ”آلاپ“ ڪو.... جوڳي.... يا فقير جهر جهنگ ۾ پيو جهونگاريندو... ۽ وجد مان پيو ڳائيندو:
سادگيءَ ڦند ڪوئي نه سکيو ڪڏهن،
سعيد! ساڳي اسان جي فقيري رهي.
تڏهن به سعيد کي هڪ التجا ته پاڻ پنهنجي هِن شعر کي پاڻ تي ”حاوي“ ڪندي، سدائين لفظن جا ماڻڪ ڪتابن جي صورت ۾ پڙهندڙن کي ارپيندو رهي-
”ڪو نئون عشق ٿو سڏي دل کي،
سعيد! ماضيءَ سڏي جهليو هوندو.“
”عشق“ پراڻي شراب جيئان هوندو آهي.... ان لاءِ ”وکر سو وهاءِ“ جو... هيءُ.... پنڌ.... سعيد کي ڪنڌ مٿي کڻي ڪرڻو پوندو. باقي رهيون ”دعائون“! سو، اسان جا هٿ سندس لاءِ ”دربارِ حبيب ۾“ کڄيل هئا ۽ سدائين کڄيل رهندا... باقي مٽيءَ جو سفر...؟؟؟ سڀ ڪنهن جو.... هٿئين خالي.... تو چواڻي....
ساڻ نه آهن سٿ، ساٿي سڀ ڇَڏي ويا،
ڇاڇا ڏنئه زندگي، ڪهڙِي ڪريون ڪَٿ،
کڻي خالي هَٿ، موٽياسين مٽيءَ ۾.
سعيد جي سموري شاعري پنجابيءَ جي هن شعر جيئان آ، جنهن ۾ کنڊ ۽ زهر ٻئي مليل ۽ رچيل به آهن... ۽ ڌار ڌار به آهن:
ميري خيال اندر اوه شاعر، شاعر هُندا:
کهنڊ کهنڊ نُون، زهر نُون زهر آکههِ.
- فوزيه بانو
نوشهروفيروز، سنڌ.