سمنڊ جي ڪناري تي اڄ اياز سوچي ٿو
لٺ جي سهاري تي
سمنڊ جي ڪناري تي
وارَ ٿا اُڏن هُن جا
آههِ واءُ تيزيءَ ۾
شام جو سَمو آهي
سج ٻڏي ٿو پاڻيءَ ۾
ديد هيٺ ڌرتيءَ ۾
ذهن سوچ گـهريءَ ۾-
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو:
”طئه ڪري سفر ڪيڏو
مان هتي پُڳو آهيان؟
سامهوُن پَيا آهن
پير هُو ڀٽائيءَ جا
مون سَدا ڪيا آهن
سَير گڏ ڀٽائيءَ سان
ڄڻ ته مون چيا آهن
بيت گڏ ڀٽائيءَ سان
ٿو ڏسان چِٽائيءَ سان
اڄ به مان اڳيان هن کي
ڪيئن پر سڏيان هن کي
ڪڍ ٿو وڃان هن جي
پاڻ ئي نهاريندو
۽ سڏي وهاريندو
اڄ به پاڻ سان مونکي
۽ وري نوازيندو
پنهنجي ڄاڻ سان مونکي
پاڻ سان وٺي ويندو
ڍنڍ جي نظاري تي-
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو:
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو:
”شاعريءَ جي رستي ۾
پوئتي ڇڏي آيس
مان خيام ۽ جامي
گيت جيڪي مون جوڙيا
تنهن کي ڇا پروڙيندا
هي نقاد ۽ عامي؟
سڀ منهنجي نظرن ۾
”همعصر“ تِڇَ آهن
هو نقاد ڪهڙو آ؟
اُن پکيءَ جهڙو آ
جيڪو پنهنجي فطرت ۾
ڏينهن کي نه ڏسندو آ
رات جو هو اڏندو آ
۽ ڀتين سان لڳندو آ
ديد ڪا نه پوندي ٿس
چنڊ يا ستاري تي-
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو.
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو:
”قوم سان وچن پنهنجو
ڪاش مان نڀايان ها!
سنڌ-ديس جي دڳ تان
وک نه مان هٽايان ها
هُن جوان پوڙهي* کان
هٿ نه ايئن ڇڏايان ها
حڪمران جي هٿ سان
هٿ نه اِيئن ملايان ها
سچ جي وڪالت سان
وقت جي عدالت ۾
*جوان پوڙهو – سائين جي.ايم. سيد
ڪوڙ کي مان ڪيريان ها
ڪين ڪنڌ ڦيريان ها
ڏاڍَ جي اشاري تي-
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو.
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو:
”رات ٿي وئي آهي
دور دور تارن سان
آسمان جاڳي ٿو
ڄڻ ته ڪو ڪهاڻين سان
داستان جاڳي ٿو
چنڊ واري صورت ۾
ڪو نشان جاڳي ٿو
ڄڻ ته آهه ڪو هُن ۾
هي گمان جاڳي ٿو
ڇو زمان جاڳي ٿو؟
ڇو مڪان جاڳي ٿو؟
نيٺ ڪنهن جي اوسيئڙي
هي جهان جاڳي ٿو؟
آ سڄي سِرشٽي هيءَ
رَبّ جي سهاري تي-“
سمنڊ جي ڪناري تي
اڄ اياز سوچي ٿو.