غزل تنهنجي پويان صدين کان نِڪتي هان، ڪو پتو ناهه ڪاٿي پهتي هان. تو ڇُهيو هو پرين! بدن منهنجو، ياد آيو ته اڄ به مَهڪي هان. ڪاٿي ڦاسايو عشق جي ڄاريءَ، ڏِس ته ڪيڏو مڇيءَ جان ڦٿڪي هان. تنهنجون جهلڪُون جتي نظر آيون، تن سرابن ۾ آءٌ سَهڪي هان.