هَستي آئي آ هِتي، ڪهڙي مقصد سان،
آخر ڇاجي ڪان، آيس آءٌ وجود ۾.
***
جو آ قيدي وقت جو، ناهيان سو انسانُ،
پنهنجو آءٌ زمان هان، پنهنجو آءٌ مڪانُ،
ٿيندين تون حيران، منهنجي دنيا ۾ اچي.
***
بادل ورتو روپ هو، پوڙهي ماڻهوءَ جو،
جيڪو ڪاري جُهڙ طرف، وَيو پئي هلندو،
ڏٺم پَلَ کان پو، پوڙهو ڪين لڀي سگهيو.
***
ٽڪرا ٽڪرا جَڏ ڪيم، هئي جا منهنجي ”مان“،
ٽڪرو ٽڪرو ٿي پيو، هڪڙي مڪمل مان،
انهن سڀني مان، ’مان‘ کي ڪونه ڪڍي سگهيو.
***
مون جو موهن شهر ۾، آلِي سِرَ مٿان،
تنهنجو نانءُ لکيو هُيو، پنهنجي آڱر سان،
مٽيءَ جي هيٺان، مونسان گڏ گم ٿي وَيو.
***
ڀٽڪيس پئي مان ڀُونءِ تي، گُم ٿيل ٻار جيان،
دنيا هئي ڏاڍي وڏي، گهر نه لڌو مونکان،
ٿڪجي موٽيس پوئتي، سوچيم ننڊ ڪيان،
سوري پيار منجهان، موت سمهاريو هنج ۾.
***
واٽو آهن وِيهه ٿيون، آهي بي چيني،
آسي زميني!* ڪاڏي ڪاهيون قافلو؟
***
سانجهيءَ عاقل، بند تي، اڪيلو ناهيان،
مينهُون جيئن موٽن پَيو، هڪٻئي جي پويان،
يادُن جو تن جيان، ڪڍ اچي ٿو قافلو.
***
فائيلن مان منهن ڪڍي، مونکي چنبڙي پيا،
کيسا کائي وِيا، ڪُتا هِنَ آفيس جا.
***
ڏسندي تنهنجو تِـــر، ڀونرا ٿي پيون ماڻڪيون،
چهرو آڻ ته سامهُون، مُرڪي مون ڏي مُڙ،
سيني ڏي تون سُرُ، تو مان واسُ وَٺان پرينِءَ!
***
* آسي زميني- منهنجو هم عصر شاعر دوست.
ساندهه هِنَ سَرابَ ۾، ڪيسين ڀٽڪي هانءُ،
سَڌَنِ پويان ڊوڙندي، سَهڪِي پيو هان آنءُ،
ڪاٿي آهي ڇانءُ، گوتم! تنهنجي بَڙ جي؟
***
سوري پنهنجي ساهه ڏي، ڳل نه لاتوسين،
ساجن پنهنجي سامُهوُن، عڪسُ ئي پاتوسين،
پئي واجهايوسين، شيشي جي ديوارَ مان.
***
الميه ڊرامو زندگي، مشڪرا ڪردارَ،
اِيئن لڳي ٿو ڪين آ، ڪو به هدايت ڪار،
بور ادا ڪاري ڏسي، ٿي پيو هان بيزار،
پو به ڏسان پيو يارَ! شيشي جي ديوارَ مان.
***
رات ڏٺي مون خواب ۾، ڪَوِتا حسينا،
هٿن ۾ ڇمڪيس پئي، نِيرا نگينا،
اَکڙيون آئينا، جن ۾ چنڊ جي روشني.
***
هُوءَ حسينا خواب هئي، خوابن ۾ آئي،
ساڻ آ تنهائي، ساڀيائن جي سُڃَ ۾.
***
عرشي اونچائي، گهُوري نيڻ نِميَ پـَيا،
ڪاري چادر رات جي، صوفيءَ سِرڪائي،
هيٺ نظر آئي، نيري اُڀَ جي روشني.
***
نيري اُڀَ تي روشني، هيٺان ڌرتيءَ ڌنڌُ،
آڌيءَ هڪڙي گهر جو، چمڪي ٿو آڳنڌُ،
هيٺ نِوايو ڪنڌ، ’سعيد‘ لکي ٿو شاعري.
***
جهاڳيوسين جِيوَن، هڪڙي گل جي عشق ۾،
ڪاراٽيو جهولَنِ، رَنگ اسان جو راهه ۾.
***
سارُون تنهنجون مان، باک ڦٽيءَ جو باغ ۾،
ڪوهيڙي پويان، ڌُنڌلو گُلُ گلابَ جو.
***
ماڻهو سَڀُ، زمين تي، ڪِوليُون ئِي آهنِ،
کَنڊُ ذَري ٿَن واتَ ۾، اڳَتي ٿا ڪاهِنِ،
سا ٿا پهچائِنِ، پنهنجي پنهنجي ٻِــرَ ۾.
***
ڀٽڪايو راهُن، ٿڪجي پياسين پنڌ ۾،
وَنيءَ جي ٻانهن، مونکي ’سعيد‘ سنڀالِيو.
***
ڪريو ٿا پَوِن، لُڙڪ رسالي جي مَٿان،
دل کي لفظ لطيف جا، لوڙهيو ٿا وَڃن،
”ديسي سيڻ ڪَجنِ، پرديسي ڪهڙا پرين!“
***
لهرن سمجهايُس گهڻو، ڪِين پَيو سمجهي،
ساندهه ڳوليندو رَهيو، هڪڙِي ڇوليءَ کي،
هيڏي سمنڊ اَجهاڳ ۾، ڪنهن کان هُوءَ لڀي؟
نيٺ جُنونيءَ کي، ڪارا ڪُنَ ڳِهِي وَيا!
***
هڪڙي ڇوليءَ جي پُٺيان، بي خود نڪري پيو،
روڪَ هئي جا وقت جِي، تنهن کان ڀي نه رُڪَيو،
نيٺ وڃي گم ٿِيو، اندر ڪاري سمنڊ ۾.
***
آءٌ ڏسان ٿو خواب ۾، شهر آ شيشي جو،
آهن عڪس رڳو، رهواسي هنِ شهر جا!
***
جِيوَن ڄڻ ته لڳي پَيو، واريءَ وارو پَنڌُ،
ڪَاٿي ڪِين ملي سَگهيو، ڇانوَ ڀَريو ڪو هَنڌُ،
سفر آهي سُڃَ ۾ ، ساڻو ساڻو سَنڌُ،
موڙِ نه پو ڀي ڪَنڌُ، هلڻو آ هر حالَ ۾.
***
آيو آهه ڪَهي، سَرتيون! منهنجو سانورو،
نيڻ ڏسي چَمڪي پَيا، چنڊ ته منهنجو هي،
مَهڪي رات پئي، آندئيِن گُل رابيل جا.
***