وائي رُڃَ ڏي وِيا وٺي نيڻ رولاڪَ، وو! نيڻ رولاڪ، وو! ڀٽڪندا ئي رهيا ڇو منجهند ٽاڪ، وو! نيڻ رولاڪ، وو! ڪنهن به هڪ ماڳ جا ٿيا نه هيراڪ، وو! نيڻ رولاڪ، وو! مَن جهڳو وِيو سڙي ٿا ڏسن خاڪَ، وو! نيڻ رولاڪ، وو! نيڻ رولاڪ، وو! ***