بيت
منهنجي مَنَ جي باغ ۾، آهن گل ٽڙيا،
مهڪي پئي آ زندگي، مهڪيا سڀ سپنا،
ليڪن منهنجي دؤر جي، بي حِس آههِ هَوا،
جيڪا هر ڏِسا، خوشبو ڦهلائي نه ٿي!
***
اَسان سيلاني، آياسين ڌرتيءَ تي
گهارياسين ڪجهه ڏينهڙا، توسان گڏ جاني!
ڪوتا نيشاني، توکي ڏيئي ٿا وَڃون!
***
مون جو ڌرتيءَ تان، ڏٺو پئي آڪاش ڏي،
منهنجي ديدَ هلي وئي، اڳتي تارن کان،
ڪنهن کي ڪيئن ڏسِيان، تڏهين مون ڇا ڇا ڏٺو؟
***
آئيني جي سامهون، وارَ سنواري ٿي،
هر هر پنهنجي حسن ڏي، هُوءَ نهاري ٿي،
مُرڪيِ ماري ٿي، ناري پنهنجو پاڻ کي.
***
هن جي نرم ڇُهاوَ سان، ويئي ننڊ ٽَري،
سنهڙي نيري ويس ۾، آئي اِيئن سُري،
پِيا ٻئي نيڻ ٺري، جوڀن ڪَوِتا جو ڏسي.
***
عاقل! تنهنجي هنج ۾، مان ٿو خوابَ رکان،
تن جو خيال ڪجان، جيسين بڻجن ساڀيان.
***
هلندي آءٌ ڏسان پَيو، سائيڊ شيشي مان،
رڪشا جي پويان، سڀ ڪجهه رهندو ٿو وڃي.
***
اکين ۾ سانڍيان، آئون ساري سرشٽي،
اندر منجهه پَسان، ساري هن مانڊاڻ کي.
***
نپجي ٿو هڪ راز، خاموشيءَ جي هنج ۾،
’سعيد‘ انهيءَ جو گونجندو، چوڌاري آواز،
ٿيندو نئون آغاز، انساني تاريخ ۾.
***
آءٌ لکان ٿو رت سان، ڪاري ڪاڳر تي،
اونداهي تَــرَ کي، روشن ڪيان ٿو رات جو.
***
ساڙي ڪَوِتائون، لوڙهيا رکَ سمونڊ ۾،
لهرون لهرون ٿي وڃن، پنهنجون پيڙائون،
پاڻ به پو آئون، لهرن هيٺ لِڪي وڃان.
***
اڇليان ٿو آئون، بابا!* بيت ڪِراڙَ ۾،
انڌن، ٻوڙن جي اڳيان، آندم ڪَوِتائُون،
ڪِين سمجهيائون، مرشد! منهنجي شاعري.
***
مان هان موهن جو دڙو، مٽيءَ جا انبارَ،
اکين ۾ آثارَ، آهن هڪڙي خواب جا.
***
* بابا - ڀٽائيءَ کي پيار مان ”بابا“ چوندو آهيان.