بيت
هي آ عاقل ڳوٺ جو، جُهونو قبرستان،
آئون نِمُ جي ڇانوَ ۾، ويٺو هان ويران،
ڪونه لڌو نِيشان، مونکان هن جي قبر جو.
***
وِهَندا هئاسين پاڻ ٻئي، هڪڙي بئنچ مٿان،
ساريان ٿو اسڪول جا، ڏينهن اُهي اڄ مان،
اچن ٿيون اَڳِيان، ننڍپڻ جون سڀ حَرڪتون.
***
کيسي ۾ رکيا هئم، تنهنجا قلم کڻي!
ڪِئن تون ٿَڦَ هڻي، مونکان سڀ کسي وَئين.
***
اکيون ڌار عقاب جون، رکجان هيٺ نيهارَ!
عجب عجب اسرارَ، ايندا تنهنجي سامُهون.
***
اکيون ڌار عقاب جون، اونچي رک پرواز!
اِيٿرِ ۾ تَرُ ايئن تون، جيئن نه اُٿن آواز!
سُڻائيندءِ ساز، موسيقي آڪاش جي.
***
اکيون ڌارِ عقاب جون، ڀڙڪو ڏئي اُڏام!
ڪونهي هن آڪاش جو، ڪاٿي اختتام!
تارا گرهه تمام، ڇڏج پَرَنِ جي پوئتان!
***
اُڏريو پئي آڪاش ڏي، دونهون ڌرتيءَ تان،
سياڻا ڪين اُٿي سگهيا، گــهرين سوچن مان،
پنهنجين سوچن سان، ويٺي سڀ سڙي وَيا.
***
وچڙي آ هر ذهن کي، سوچ جراثيمي،
ڪُرسين تي آهن پيا، ويڄ ته آرامي،
ٿيندو ماتامي، آئيندو هن دؤر تي.
***
منهنجي مَن اندر، غارِ حِرا جي ٻاٽَ هُئي،
اُڀري آيو اوچتو، سورج منهنجي گهر،
کوليون مون اُن ڀر، اکيون روشن ٿي وَيون.
***
چـﺂڏس چُپ چُپات، آهي قبرستانَ ۾،
ڳاڙها گل قبرن مٿان، خوشبو، چوڏهينءَ رات،
هر هر چنڊ پائي پَيو، جهڳٽن منجهان جهات،
ڪير ڪري ڪا بات، مٽيءَ جي ماٺارَ مان؟
***
پنهنجا پنهنجا دائرا، پنهنجو پنهنجو ماڳ،
جِيوَن سمنڊ اَجهاڳ، ڪُنن ڪاٿو ناهه ڪو!
***
اکيون ٿو پُوريان، صحرا آهي سامهون،
ڄڻ ڪو ازلي پنڌ آ، پيو ٿو مان ڏوريان،
اکيون ٿو کوليان، چوڌاري ديوار آ!
***
عينڪ پائي سچ جي، جيڪي ڏٺوسون،
سو جي کين ڏَسِيُون، مارن وِچ بازار ۾!
***
عينڪ پائي سچ جي، جيئن ٿو آءٌ ڏِسان،
ماڻهو ڌڻ جِيئان، ڪوئي ڪاهيو ٿو وڃي.
***
’سعيد‘ سُري آ اورتي، ويجهو ڏِس جاچي!
ايئن نه زماني کي، بيهي ڏِس شيشي منجهان.
***
مونکان کِل نڪري وئي، ڏٺم جيئن هن کي،
گڏهُه ڪرسيءَ تي، ويٺو هو آفيس ۾.
***
مونکان پئسينجر اُهو، ’سعيد‘ نه آ وسريو،
جو بازارِ حُسن مان، رڪشا ۾ ويٺو،
چِيائين: ”مان ڳوليان پيو، ”پاڪيزه محلو“،
ڏٺو آهي تو؟ مونکي اوڏهين هل وٺي!“
***
رڪشا ٻيڙي ٿو لڳي، روڊ سمونڊ جِيان،
لڙهندو لهرن سان، ڪاڏي آءٌ وڃان پيو؟
***
”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏکَ ڏِسن“،
اکيون انهيءَ سِٽ کان، اڳتي ڪين پڙهَن،
نه ٿيون ڪجهه ڏِسن، آڏو پاڻي آ رڳو.
***
ڪالهه مليو بازار ۾، هو ڪجهه ويڳاڻو،
’سعيد‘ ڳوٺاڻو، ڦاٿو آ ڄڻ شهر ۾!
***
آئي ڳاڙهي ويس ۾، ڪَوِتا حسينا،
ڪمرو خوشبو ٿي وَيو، چمڪيا آئينا،
جاڳيا سازينا، ’سعيد‘ سندس آواز تي.
***
نچڻيءَ ڪنڌ ڍَريو، جوڙي هٿ نياز سان،
طبلي جي آواز تي، ڇيرين ڇرڪ ڀَريو،
يڪدم جسم ڇِڙيو، لونءَ لونءَ انگ انگ ناچ ۾.
***
بيهي ڀت جي ڇانوَ ۾، ساهي پٽي ٿو،
پوڙهو ڪچيءَ ڀت ڏي، گُهوري ڏسي ٿو،
ڪاڏي وڃي ٿو، ڪِوِلين جو هي قافلو؟
***
چانڊوڪي آئي هلي، چنڊ جي ڀاڪُرَ ۾،
نيري ساگر ۾، گڏجي ٻئي وهنجن پيا.
***
ڏسي ٿو آڪاش ڏي، يوسف کوهه منجهان،
بيٺو آهي ماٺ ۾، پوڙهو چنڊ مٿان،
پَيو آهي اَڃان، يوسف ڪاري کوهه ۾!
***
دروازي کي بند ڪري، بلب وسايائين،
چنڊَ بدن تان نيرڙا، بادَلَ لاٿائين،
۽ پوءِ ارپيائين، جوڀن چوڏهينءَ رات جو.
***
خالي ڪمري جي اندر، جِهرڪي جو آئي،
منهنجي تنهائي، مُرڪي پئي اُن کي ڏسي.
***
ڏِسان پَيو سامهوُن، دَرَ وٽ بيهي آنءُ،
سنجهيءَ مٿان ڪانءُ، پُسي پَيو مينهن ۾.
***
اڳتي هلندي ٿي وڃي، اونداهيءَ مان ديد،َ
هڪڙو خواب ’سعيد‘، نيڻن منجهه ٻَري پيو.
***
اڳتي ديد هلي وَئي، اورانگهي تارا،
حد نه آ پيارا، لاحد آهي سِرشٽي.
***