تخليقي صلاحيتن وارو بيباڪ ليکڪ
The reading of all good books is like a conversation with finest minds of past centuries.
آءُ جڏهن سال 1999ع ۾ دادو شھر ۾ انگريزي گرامر سکڻ جي شوق جي آبياري لاءِ ڳوٺ مان اچي، ڪنھن انگريزي گرامر واري ٽيوشن سينٽر ۾ داخلا وٺي، ٽيوشن وٺڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن مون انگريزي پڙهائڻ وارن ناليوارن استادن جا نالا ٻڌا هيا. انھن استادن ۾ محترم سائين پروفيسر سليم سولنگي، سائين محمد هاشم سولنگي، سائين اعجاز سيف پنھور، سائين عبدالحڪيم لغاري، سائين ڌڻي بخش عباسي، سائين اظھر علي چارڻ ۽ ٻيا ڪيترائي قابل احترام استاد صاحبان اچي وڃن ٿا. ان کان علاوہ سائين سليم جو شاگرد بلوچ صحبت علي جو نالو بہ ٻڌڻ ۾ آيو هو. قابل ذڪر هيو.
سائين پروفيسر سليم سولنگي صاحب جي تربيت هيٺ رهڻ ۽ ان جي شاگردي ۾ گهڻو عرصو هجڻ جي ڪري، بلوچ صحبت پاڻ گهڻو پرايائون ۽ ڪافي سالن تائين سائين اعجاز سيف پنھور سان گڏ پروگريسو انگلش ڪوچنگ سينٽر ۾ دل و جان سان تدريسي خدمتون پڻ سرانجام ڏيندا رهيا. اهڙي طرح پنھنجا سوين شاگرد تيار ڪري دادو شھر جو نالو روشن ڪيائون. بلوچ صحبت جا شاگرد هن وقت مختلف ادارن ۾ وڏن عھدن تي فائز آهن. ڪافي عرصو پڙهائڻ کان پوءِ پاڻ قانون جي شعبي ۾ قانون جو شاگرد بڻجڻ لاءِ ۽ قانون جي علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪراچي روانا ٿيا، جتان سنڌ لا ڪاليج/ڪراچي يونيورسٽي مان قانون جي ماسٽر ڊگري وٺي اتي ئي وڪالت جي شعبي سان سلھاڙجي ويا. هن شعبي ۾ بلوچ صحبت جو استاد سائين سيد سجاد علي شاھہ (اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان) هيو. جنھن جي رهبري هيٺ هن پاڻ کي وڪالت جي شعبي ۾ مڃرايو. ڪراچي ۾ ڳچ عرصو رهڻ کان پوءِ جڏهن هن کي دادو جي مٽيءَ جي ڇڪ ٿي تہ پاڻ پنھنجي اباڻي شھر دادو ۾ واپس موٽي آيا ۽ هن وقت دڙو روڊ تي سندس وڪالت جي آفيس آهي ۽ دادو ضلعي تہ ڇا پر سڄي سنڌ ۾ هڪ مڃيل وڪيل طور سڃاتا وڃن ٿا.
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي،
انھن سندي ڪاءَ، ڪري نہ سگهان ڳالهڙي.
شاھہ رح
مان جڏهن پنھنجو پھريون ڪتاب ”دل شڪستو نہ ٿي“ لکي رهيو هئس ۽ ان ڪتاب جو پھريون مضمون ”منفي خيال جا غلام نہ بڻجو“ ان جون 30 عدد کن ڦوٽو ڪاپيون ڪرائي، دادو شھر جي مختلف اديبن، ڏاهن، دانشورن، شاعرن ۽ تعليمدانن ڏي ڏياري موڪليون هيون. ان جو مقصد اهو هيو تہ اهي ڏاها ليکڪ منھنجي ان مضمون کي پڙهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي منھنجي رهنمائي ڪن ۽ پنھنجي تنقيدي راءِ کان مون کي آگاھہ ڪندي منھنجي اصلاح ڪن تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ مان بہ ليکڪن جي صف ۾ بيھي سگهان ٿو يا ليکڪ ٿي سگهان ٿو يا رڳو ويٺو پنا ڪارا ڪيان. يقين ڪيو تہ سڀني کان وڌيڪ جنھن شخصيت منھنجي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي گهڻي کان گهڻو حوصلو ۽ همت ڏياري هئي، سو هيو بلوچ صحبت علي.
تم ذرا شجر کو دلاسا دو،
میں پرندے بُلا کے لاتا ہوں۔
باقي گهڻن مھربانن تہ منھنجي پھرئين مضمون تي منھنجي دلشڪني ڪري، اهڙا تہ منفي ڪمينٽ پاس ڪيا ها جو منھنجو تہ تڏهن کان ئي ذري گهٽ لکڻ تان دل کڄي ويئي هئي پر سچ چوندا آهن تہ حوصله افزائي ڪرڻ بہ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي ڇو تہ اها همت واري چڻنگ ان پيٽرول وانگر آهي، جيڪا ڪنھن بيٺل گاڏيءَ کي هلائڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. انگريزي ۾ ڪنھن ڏاهي ڪيڏي نہ سٺي ڳالھہ ڪئي آهي تہ:
Don’t worry about the haters… They are just angry because the truth you speak contradicts the life they live.
اهي ڏينھن اهي شينھن. تڏهن کان مون لکڻ بند نہ ڪيو آهي. منھنجو مٿيون ڪتاب جڏهن سال 2019ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وارن ڇاپي پڌرو ڪيو هو، تہ ادبي حلقن ۾ ڪتاب کي ڏاڍو ساراهيو ويو هو ۽ هٿو هٿ ڪتاب وڪامي ويو. ادبي حلقي ۾ ان جي گهڻي تعريف ٿي هئي. جيڪا مون لاءِ فخر جي ڳالھہ آهي.
هن وقت تائين منھنجا مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. مون جڏهن بہ زندگيءَ جي ڪنھن موڙ تي ٿڪاوٽ، مايوسي، نراسائي ۽ بيچيني محسوس ڪئي هوندي تہ منھنجي ذهن ۾ بلوچ صحبت علي جھڙا دوست اچي ويندا آهن. جيڪي پنھنجي ايڏي مصروف ترين پروفيشنل ڪم يعني وڪالت جي پيشي جي، جيڪو ڪل وقتي ڪم آهي، تنھن جي باوجود لکڻ لاءِ وقت ڪڍن ٿا ۽ مسلسل لکي رهيا آهن تہ اهڙن اٽل ۽ اڏول آدمين کان اسان جھڙن طفل مڪتب ماڻھن کي بہ وڏو حوصلو ملندو آهي؛
کُھي جا کنيائين، وک تنھين ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇنيائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو.
شاھہ رح
بلوچ صحبت علي جي سفرنامي ”ملائيشيا جون محبتون“ بابت ٻہ اکر لکڻ منھنجي لاءِ وڏي سعادت ۽ خوشيءَ جو سبب آهي. ڇاڪاڻ جو اسان هاڻي تقريبن هڪڙي ئي ٻيڙي جا سوار ٿي ويا آهيون. بلوچ صحبت جيان مون بہ ڪافي ملڪ ڏٺا آهن، مان بہ انڊونيشيا گهمي آيو آهيان. ساڳي ريت بلوچ صحبت پيغمبري پيشي سان پڻ سلھاڙيل رهيو آهي ۽ مان اڄ بہ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري تدريسي عمل سان سلھاڙيل آهيان. ان کان علاوہ مون بہ ٿورو گهڻي قانون کي پڙهيو آهي ۽ قانون جي ڊگري ورتي آهي. مون کي محسوس ٿيو تہ بلوچ صحبت علي هاڻي هڪ نئين ترتيب ۽ نئين جذبي سان لکي رهيو آهي. هن جي سفرنامي ۾ ائين لڳو تہ هو پڙهندڙ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪري بلڪ پاڻ کي خوش رکڻ جي هر وقت موڊ ۾ رهي ٿو. مون کي گوتم جو قول ياد ٿو اچي تہ:
Your first duty is to make yourself happy. If you are happy, you will make others happy.
اهو ئي سبب آهي جو بلوچ صحبت جي لکڻين کي گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. هن هيل تائين 28 کن مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن. هي سندس30 ڪتاب آهي. هن کان اڳ ۾ ”انڊونيشيا جو عشق“ شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو سندس 29 ڪتاب ٿئي ٿو ۽ سندس ايندڙ ڪتابن ۾ ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ جو شمار اهم ڪتابن ۾ ٿيندو. اهو سندس 31 ڪتاب هوندو. بغير ڪنھن لالچ لوڀ جي پنھنجي قوم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ سڀني جي وس جي ڳالھہ ناهي.
بلوچ صحبت جو هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ هڪڙي شعوري سگهہ پيدا ٿئي ٿي، پڙهندڙ کي ڪا نئين ڄاڻ ملي ٿي ۽ پڙهندي پڙهندي ڪو جذبو، ڪو اڌمو ٿڌو ساھہ ڀري، ٻاهر نڪري چوي ٿو ۽ دل مان اهي الفاظ نڪرن ٿا تہ،”ڪاش!اها جاءِ، بازار، بندر، ايئرپورٽ وغيرہ، مان پاڻ اکين سان ڏسان ها ۽ پنھنجن هڪجيڏن کي ٻڌايان ها“. بلوچ صحبت علي جي هر لکڻيءَ ۾ هڪ گهرو اڻٽٽ تسلسل ۽ سلسلو جڙيل هوندو آهي ۽ جيڪو پڙهندڙ کي مجبور ڪندو آهي تہ هو اڳ ۾ اهو ٽڪ ڪيل موضوع پڙهي ۽ پوءِ اڳتي وڌي. هو ريڊر کي پنھنجي قلم جي جادو سان جڪڙي رکي ٿو. اهو ئي تہ ليکڪ جي لکڻي جو ڪمال آهي. لکڻ ۾ اهڙي ڪشش قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 سالن جو لاڳيتو تجربو ۽ اٿاھہ من جو مطالبو گهرجي.
بلوچ صحبت علي وٽ اٿاھہ معلومات آهي جيڪڏهن عام ليکو ڪبو تہ اسان جي پوسٽ گريجيوئيٽ ماڻھن وٽ سندس ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو معلومات مس هوندي.
بلوچ صحبت دنيا کي ”الٽي اک“ سان نہ فقط ڏٺو آهي بلڪ محسوس پڻ ڪيو آهي. اهڙي سگهہ عام سياح نہ ٿو ساري سگهي. هو گهمندي ڦرندي دلچسپي واريون ڳالھيون نوٽ بڪ تي، دل و دماغ ۾ گڏ ڪندو ويندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ سان سڪ ۽ محبت سندس سُتي ۾ پيل آهي. بلوچ صحبت علي پنھنجي لکڻي ۾ ڪُپت ڪرڻ کي گناھہ برابر سمجهي ٿو. سندس لکڻيون سچ تي مبني هئڻ جون مضبوط دليل آهن. پنھنجي سٻاجهي سڀاءُ سبب نوجوان ساڻس پيار ۽ احترام ڪن ٿا. وس پڄندي هن ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏکوئيو آهي. هن جي سڀني سان هٿ جوڙ واري واٽ آهي. بلوچ صحبت عام زندگيءَ ۾ يا لکڻين ۾ نياز نوڙت وارو ماڻھو آهي. پاڻ پڏائڻ کي عيب سمجهندو آهي. هن جي پنھنجي ئي غزل جو بند آهي تہ:
جوئي آهيان، سوئي آهيان، سادو سودو،
ڪوڙ جو ڪوڙو مون کي رتبو ماريندو آ.
ڇا اهي سڀ خوبيون، ۽ ڏات جي هن ڏاهي جا گُڻ سندس مقبوليت لاءِ ۽ کين کي مان ڏيڻ لاءِ ڪافي نہ ٿا ٿي سگهن!. شاھہ لطيف اهڙن ئي اسان جي هيرن جواهرن لاءِ چيو آهي تہ:
محبت پائي من ۾ رَنڊا روڙيا جن،
تن جو صَرافن اَڻ توريو ئي اَگهايو.
توهان جو ٿورائتو
نادر علي جمالي
دڙو روڊ- دادو
علم دوست-ادب دوست