مھاڳ: محبتن جي ملڪ ملائيشيا ڏانھن صحبت جو سفر
”ملائيشيا جون محبتون“، ملائيشيا ڏانھن ڪيل سفر جي ڪٿا آهي. جيئن زندگي ڏکن سکن جو ميلو آهي اهڙي طرح سفر بہ انيڪ امڪانن سان نبرندو آهي. خوشي، تڪليف، تجسس، حيرانگي، صبر، برداشت ۽ ٻيون ڪيئي امڪاني وارتائون سفر جي سامان مثل هونديون آهن جيڪو مسافر کي ساڻ کڻي هلڻو هوندو آهي پر سفر جو سرور ۽ ماڳ تي پھچڻ جي مراد ۽ منشا مسافر کي اڻميو اتساھہ بخشيندي رهندي آهي ۽ هو اڳتي وڌندو رهندو آهي. صحبت علي ۽ سندس همسفر ساٿين جي بہ اها ئي ڳالھہ آهي.
”سفر زندگيءَ جو اڻانگو ۽ اوکو،
ڏبا ڏورڻا بہ ڏندين ڏاند بڻجي
ڏکن ڏاکڙن جي چڙهي پاکڙن تي،
لڏي لام لھبو وڃي نيٺ رسبو.“
زندگي جو ڏکيو يا سکيو سفر تہ اوس ڪرڻو ئي آهي ۽ هر ڪنھن لاءِ ان سفر جي طوالت ۽ وقت بہ الڳ الڳ مقرر ٿيل آهي پر سفر ۾ثابت قدم رهي منزل تي رسڻ وڏي ڳالھہ آهي. ڪنھن شاعر جي مٿي ڄاڻايل شعر ۾ موجود پيغام نہ رڳو زندگيءَ جي سفر پر هر قسم جي مھم جوئي، جاکوڙ ۽ جدوجھد ۾بہ سھڪاري ٿي سگهي ٿو.
بحرحال زندگي جو سفر تہ هر ڪو ڪري ٿو پر شھرن، ملڪن ۽ ماڳن مڪانن جو سفر هر ڪنھن جي نصيب ۾ نٿو هجي. هن قسم جي سفر تي صرف اهي ئي اُسھي سگهن ٿا، جن جي مزاج ۾ محبت، سنگت ۽ ساٿ سان صحبت ۽ هلڻ جي همٿ هوندي آهي. حقيقت ۾ بلوچ صحبت علي هڪ اهڙو خوشنصيب شخص آهي جيڪو دنيا جي درشن جي آرزو هميشہ اندر ۾ سانڍي سفر لاءِ پيو سوچيندو رهندو آهي ۽ سندس دل گهريا دوست بہ ساڻس همسفر بڻجڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. هو جڏهن مختلف ملڪن جا گهٽ گهيڙ لتاڙي، ماڻھن ۽ ماحول جو واءُ سواءُ وٺي، حيرتن، اسرارن، چاهتن ۽ محبتن جي نون جهانن سان آشنا ٿي وطن ورندو آهي تہ پوءِ ان ڏوريل، ڏٺل ۽ جهاڳيل جھان جا تجربا، منفرد قصا ۽ ڪھاڻيون وڏي دلچسپ انداز ۽ سھڻي طريقي سان قلمبند ڪري انھن کي سفرنامي جي صورت ڏئي ٻين تائين پھچائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندوآهي تہ جيئن پڙهندڙ بہ ان سفر جي صورتحال، منزل جي مزي ۽ ڄاڻ جي کاڻ مان فيضياب ٿي سگهن. اهڙي علمي ادبي سخاوت لاءِ هو جس لھڻي. هن جا دبئي، نيپال ۽ انڊونيشيا جا دلچسپ سفرناما بہ پڙهڻ وٽان آهن. ملائيشيا جو هي سفرنامو بہ گهڻين دلچسپين سان ڀرپور آهي.
هن سفرنامي جي مطالعي مان پڙهندڙ بخوبي ڄاڻي سگهندا تہ صحبت علي ۽ سندس ساٿين جو هي سفر صرف هڪ ئي ملڪ جونہ هيو پر هڪ ئي اڏام ۾ هي همٿ ڀريا همراھہ ٽن ملڪن يعني ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ انڊونيشيا جو چس ۽ چاھہ وارو چڪر هڻي واپس وريا. انھن ملڪن جي ساندھہ ڪيل سفر مان هڪ جو احوال سفرنامي جو روپ وٺي ”انڊونيشيا جو عشق“ جي نالي سان اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي، جنھن جي مطالعي مان ڪافي دلچسپ معلومات ۽ حض حاصل ڪري چڪا آهيان. ملائيشيا جو هي سفرنامو بہ لاجواب آهي جنھن ۾اهڙيون تہ دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جن جي پڙهڻ سان تفريح، تجسس، تصور توڙي اتساھہ وارا احساس مالا مال ٿي وڃن ٿا. هونئن تہ هن ڪتاب جي مطالعي دوران ڪيترن ئي دلچسپ قصن، ماڳن، ماڻھن ۽ انھن سان ڪيل مڪالمن سان مکاميل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو پر هن ۾ صحبت علي ملائيشيا جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم جو جيڪو هڪ پراثر ۽ متاثر ڪن قصو بيان ڪيو آهي سو مان چاهيان ٿو تہ هتي ونڊ ڪري ان مان حاصل ٿيندڙ اتساھہ، همٿ ۽ حق سچ تي مستقل مزاجيءَ سان ڄمي بيھڻ جو سبق اوهان سان گڏجي حاصل ڪيان. قصو بيان ڪندي هو لکي ٿو تہ ” ملائيشيا جو وزيراعظم مھاتير محمد هڪ ڀيري انگلينڊ ويو جتي هن لنڊن جي هڪ مشھور جڳھہ ٽريفگلر اسڪوائر وٽ نوجوانن جي هڪ گروپ کي ”نيلسن منڊيلا کي آزاد ڪيو“ جا نعرا هڻدي ڏٺو تہ ڀرسان وڃي کائن پچيائين تہ ”توهان کي نعرا هڻندي هتي گهڻو وقت ٿيو آهي.“ انھن نوجوانن مان ڪنھن جواب ڏنو تہ ”پنجن سالن کان اسان هي نعرا هڻي رهيا آهيون.“ وري مھاتير پڇيو تہ،”اڃان ڪيترو عرصو هتي بيھندئو؟“ جنھن تي هن جواب ڏنو تہ ”اسان تيسيائين هتي بيٺا رهنداسين، جيسيتائين نيلسن کي آزاد نہ ٿو ڪيو وڃي.“ مھاتير نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ،”ڇا توهان کي يقين آهي تہ توهان جي هن احتجاج سان نيلسن کي آزاد ڪندا؟“ ڇوڪرن انڪار ۾ ڳاٽو ڌوڻيو. ان تي مھاتير محمد کائن پڇيو تہ، ”تہ پوءِ توهان احتجاج ڇو ڪري رهيا آهيو؟“ڇوڪرن جواب ڏنو تہ، ’’هن احتجاج جا ٻہ ڪارڻ آهن، هڪ تہ احتجاج حق جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪاميابي جي شرط تي نہ ۽ ٻيو تہ اسان هن احتجاج جي ذريعي نيلسن تائين اهو پيغام پھچائڻ چاهيون ٿا تہ دنيا جا سمورا گورا (انگريز) هن جا مخالف نہ آهن ۽ اسان جھڙا ڪيترائي هن کي بيگناھہ ۽ مظلوم بہ سمجهن ٿا ۽ هن جي آزادي جي لاءِ عملي جدوجھد ڪندي ڪوشش بہ ڪري رهيا آهن.“
ان واقعي تي تبصرو ڪندي مھاتير محمد چيو هو تہ ”مون انھن برطانوي نوجوانن کان ٻہ ڳالھيون سکيون. هڪ تہ اوهان جڏهن ڪنھن ڳالھہ بابت پنھنجو حق سمجهو تہ ان لاءِ پنھنجو آواز ضرور اٿاريو، ڀلي کڻي پوءِ توهان جي ان اٿاريل آواز جو نتيجو نڪري يا نہ. ٻيو تہ توهان ظالم کي اهو ضرور ٻڌايو تہ دنيا توهان جي ظلم تي احتجاج ڪندي هڪ جاءِ تي گڏ ٿي سگهي ٿي.“
هن سفرنامي جي مطالعي سان ٻين ڪيترين ئي حيران ڪن حقيقتن سان گڏ اهو بہ ڄاڻي وٺبو جيڪو صحبت علي بيان ڪيو آهي تہ ”ملائيشيا ۾ پھريئن زال تي ٽيڪس معاف آهي. ٽيڪس ٻي زال کان شروع ٿئي ٿو. ٽين زال تي ٽيڪس جي شرح وڌي وڃي ٿي ۽ چوٿين شادي تي ٽيڪس جي شرح تمام گهڻي حد تائين وڌي ويندي آهي.انھن ٽيڪسن جو ڪارڻ هتان جي حڪومت اهو ٻڌائي ٿي تہ پھرئين گهرواري ضرورت آهي، باقي ٻيون سڀ گهرواريون عيش عشرت ۽ عياشِي آهي.“
پرڏيھہ واري سفر ۾ هونئن تہ گهڻن ئي ماڻھن سان پالو پئي ٿو، پر جن سان وڌيڪ لھہ وچڙ ٿئي ٿي اهي ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ٻيو هوٽل ۽ ريسٽورنٽس جا ملازم هوندا آهن، جن کان سواءِ گهمڻ ڦرڻ، رهڻ ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي سھولتن حاصل ڪرڻ ۾ دشواري ٿيندي آهي. اهي سفر کي خوشگوار بہ بڻائي سگهن ٿا ۽ بي مزا بہ. جيئن صحبت کي هڪ ئي نالي يعني ”انور“ وارا ٻہ ڊرائيور مليا جن مان هڪ بخيل ۽ چيڙاڪ جنھن جي رويي سفر کي ”سور“ پئي بڻايو تہ وري ٻئي انور سان ڪٽجندڙ سفر ”سُرور“ پئي بڻيو. ساڳئي طرح هوٽل جي ملازمن جو مھمانن سان رويو بہ راحت بخش يا ڏنگيندڙ ٿي سگهي ٿو، تنهڪري پرڏيھہ ۾ ٽيڪسي يا هوٽل بوڪ ڪرائڻ وقت ڊرائيور جي ”ڊيلنگ“ ۽ ملازمن جي ”موڊ“ کي جاچي پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي. صحبت علي ملائيشيا جي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو تعارف هيئن ڪرايو آهي تہ ”هي نہ فقط بخيل قسم جو پوڙهو هو پر ان سان گڏ خبيث پڻ هيو. جنھن جي نظر بار بار پوئتي پوي پئي تہ ڪٿي گاڏي سان حرڪت تہ نہ ٿا ڪن. هڪ دفعي تہ هن رڙ ڪري بہ چيو هو تہ،” ڊونٽ ٽچ تہ ٿنگس.“ هن سان وڌيڪ ڪچھري ڪرڻ جوکائتو ڪم هيو.“ سفرنامي ۾ بيان ڪيل اهڙا تجربا مستقبل ۾ پرڏيھہ جي سفر جو ارادو رکندڙ ماڻھن جي گهڻي رهنمائي ڪن ٿا.
سفرنامي ۾ ملائيشيا جي ٻين ڪيترن ئي تاريخي ۽ تفريحي ماڳن سميت ڪولالمپر جي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ پيٽروناس جا ٻہ جاڙا ٽاور، 272 ڏڪا مٿي ۽ 100 ميٽر کليل ڇت واري باتو ڪَيوِ، لارڊ موروگن جي 42 ميِٽر ڊگهي ۽ سونھري مجسمي، گينتنگ هائلينڊ، ٿيم پارڪ ۽ ”اسڪاءِ ورلڊ“ جو دل لڀائيندڙ احوال بہ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو تہ اتان جي سماجي بيهڪ، عورتن جي بااختيار هجڻ ۽ ملڪ جي ماحول بابت بہ ڪافي دلچسپ معلومات ملي ٿي.
مجموعي طور تي هي هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي سفرنامو آهي جنھن کي پڙهندي مان تمام گهڻو محظوظ ٿيس ۽ هن سفري ڪٿا جي سحر ۾ ايترو ئي محو ٿي ويس جيئن اردو جي هڪ شاعر راهي معصوم رضا چيو آهي تہ ؛
اس سفر میں نیند ایسی کھو گئی،
ہم نہ سوئے رات تھک کر سو گئی.
.....
پروفيسرمختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
05.04.2024