Battu Cave جو خوبصورت ماحول
سامھون کان ئي مندر جا نيل نظر آيا پئي ۽ خوبصورت رنگين ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي جڏهن نظر پئي تہ ويتر اسان جي روح سٽ کاڌي تہ ان پاسي تڪڙي هلجي. مٿان وري ان ڏاڪڻ جي پاسي کان تمام وڏي موروگن جي مورتي نظر پئي، جنھن جو سونھري رنگ هن مورتيءَ جي سونھن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيل هيو. موروگن جي ان مورتي ۾ ايڏي ڪشش هئي جو مختلف ملڪن جا ماڻھو، وڏو خرچ ڪري هن کي ڏسڻ لاءِ هتي اچي پھتا هيا. هن قدآور مورتي جي سونھن اسان کي موهي وڌو هيو ۽ هن جي ڪشش ۽ ڪشف پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي هئي. اسان انھن منظرن ۾ ئي گم هياسين تہ اسان جو ڌيان ڪنھن گوڙ ڏانھن ڇڪجي ويو.
ڏٺوسين تہ هتان جي ليڊي سيڪيورٽي گارڊ هڪڙي عورت کي پاڻ سان وٺيو پئي وئي. ان عورت سان هو سخت لھجي ۾ مخاطب ٿي رهي هئي. خبر ناهي تہ ڇا معاملو هيو. پر ڪجهہ هيو ضرور، خير اسان جو پنڌ اڃان بہ اڳتي هيو. پاڻ ٽي ٽڪيٽون وٺي اندر داخل ٿياسين. ڊاڪٽرچيو تہ،”هو اڳ ۾ هن جاءِ تي اچي چڪو آهي، ان ڪري هو ٻيھر 272 ڏاڪڻيون چڙهي پاڻ کي ٿڪائڻ نہ ٿو چاهي. ڇو تہ ڏاڪڻيون ٿڪائيندڙ آهن.“
اسان هي ماڳ پھريون ڀيرو گهمڻ آيا هياسين ۽ اسان لاءِ هي جاءِ نئين هئي ۽ هن کي پسڻ لاءِ اسان وٽ نئون جذبو، جوش ۽ جنون هو. هي بلڪل نئين دنيا هئي، جنھن جي کوج ڪرڻ ئي اسان جي زندگي جو مقصد هيو. ان ڪري پاڻ ٽيئي توڪل ڪري، هڪڙي ڏاڪي تي پير رکيو. مون کي ڪنھن جو قول ياد ٿو اچي تہ،”هزارن ميلن جو سفر، هڪڙي قدم کڻڻ سان ئي کٽي پوي ٿو.“ سو اسان اهو هڪڙو قدم کڻي چڪا هياسين ۽ مٿي مندر ڏي چڙهڻ شروع ڪيوسين. ڏاڪڻون چڙهندي چڙهندي مان ٿڪجي پيو هئس، جاني ۽ پرتاب اڳيان اڳيان چڙهي نہ بلڪ ڀڄندي چڙهي رهيا هيا.
مون کي ياد ٿو اچي جڏهن مان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هئس، انھن ڏينھن ۾ ڪورٽ جي عمارتن ۾ لفٽ لڳل نہ هوندي هئي. اسان جو پيارو دوست سيد جوهر عابد رضوي ايڊووڪيٽ بہ سٽي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هيو. هن جي عجيب ڪيفيت هئي، هو ڪورٽ بلنڊنگ جو ڏاڪڻيون ڀڄندي چڙهندو ۽ لھندو هيو. خاص ڪري سائوٿ جي ڏاڪڻ ڏاڍي مٿي ۽ اُڀي هئي. هي سنھڙو سيپڪڙو، سنگل باڊي همراھہ ڀڄندي ڏاڪڻون چڙهندو هيو ۽ ڀڄندي لھندو هيو. اسان جو ٻيو پيارو دوست محترم محمد رمضان چنہ ايڊووڪيٽ وري چوندو هو تہ،”اسان تہ ڏاڪڻون چڙهي چڙهي خصي ٿي ويا هون.“
مرحوم محمد رمضان ملير مان سٽي ڪورٽ ايندو هو. هو چوندو هو تہ هو ايم اي انگلش آهي. نيوي جي کاتي مان رٽائر ڪري آيو آهي. قد آور مڙس، هر آنڱر ۾ مُنڊي پاتل. پٿرن سان جڙيل هي منڊيون هن کي فقير منش انسان جو ڏيک ڏين پيون. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هو ملير ڪورٽ ۾ ئي وڪالت ڪرڻ لڳو. اتي ئي عريضي نويسي پڻ شروع ڪئي هئي. بعد ۾ هن جو پٽ ان جاءِ تي ويٺل نظر آيو.
قصو ڪوتاھہ، ڪٿان کان ڪٿي هليو ويس. واٽ تي ڪٿي ڪٿي اسٽاپ لاءِ بہ ڏاڪڻ جي وچ تي ڪافي اسپيس ڏنل هيو تہ جيئن ڪو ماڻھو بيھي ساهي پٽڻ چاهي تہ هو بيھي سگهي ٿو. 272 ڏاڪڻون چڙهندا وياسين ۽ هڪ ٻئي سان کل ڀوڳ بہ ڪندا وياسين. نيٺ ان حصي تي اچي پھتاسين، جتي مٿان کان جبل ڪوريل/ ڪٽيل آهي ۽ ان جي پاسن کان چھچ گهاٽن ساون وڻن جي ساوڪ نظر آئي. جيڪي ان جبل جي سونھن بڻيل هيا. ان کان علاوہ گپتيشور غار نيپال جيان، هتي هن غار جي ڇت مان بہ پاڻي ٽمي رهيو هيو. ڄڻ تہ مٿان هلڪي هلڪي برسات وسي رهي هجي.
پاڻ کي پاڻي جي ڦڙن کان بچائيندا، ان ڪشادي غار کي چوڏس ڏسندا، گهمندا رهياسين. هتي هر پاسي، هر ڪنڊ کان ڪا نہ ڪا مورتي جيڪا ڪنھن نہ ڪنھن ڀڳوان، ديوتا جي نظر پئي آئي، جتي اگربتيون ٻري رهيو هيون، تہ مٿان گلن جو پتيون بہ نڇاور ٿيل هيون.
انھن مورتين، مجسمن، ديوتائن جي اوسي پاسي ۾ ڪي پوڄاري پڻ نظر اچي رهيا هيا، جيڪي پنھنجي ڪاروبار ۾ محو هيا. پرتاب اڃان بہ اڳتي وڌي رهيو هيو. ٿوري دير لاءِ اهو خيال دل ۾ آيو تہ جيڪڏهن اهو هيبناڪ پھاڙ مٿان اچي ڪِري تہ اسان سياحن مان هڪڙو بہ زندہ نہ بچي. ڇو تہ اهو پھاڙ ٿوڻين يا ڪنھن ٽيڪ جي بنا بيٺو هيو. اندران سڄو ڪٽيل ۽ ڪوريل. عجيب منظر هيو. ان پھاڙ تان پاڻي مسلسل ٽمي رهيو هيو. يقينن پاڻي جبل کي ڪوريندو ۽ ڳاريندو تہ هوندو نہ.
اسان جي منزل هتي نہ هئي. اسان کي اڃان بہ اڳتي مٿي وڃڻو هيو ۽ ڪيئي ٻيون ڏاڪڻون اڃان بہ چڙهڻيون هيون. ٿڪاوٽ جي باوجود اسان مٿي چڙهي رهيا هياسون. هاڻي تہ ساھہ ۾ بہ سھڪو ٿي پيو هو. پر پوءِ بہ اهو پنڌ پار ڪري پنھنجي منزل جي بلڪل ويجهو اچي پڳا هئاسين. هي غار جو آخري ڇيڙو هيو. هتان کان پوءِ غار بند هئي. اڳتي ڪو بہ رستو نہ هيو. هتي بہ اهو ئي ساڳيو ماحول هيو. غار جي اندران پاڻي ٽمي رهيو هيو ۽ ڪنھن ڪنڊ کان غار ۾ روشني داخل ٿي رهي هئي. هيءَ جهيڻي روشني بلبن جي روشني سان ملي ڪري اونداهي غار کي روشن ڪري رهي هئي.