ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر ۽ ناسي ليماڪ
...چانھہ کي Teh چون ۽ تاريڪ جي لفظي معنيٰ آهي ڇڪڻ يعني Pull ڪرڻ. ”تيھہ تاريڪ“ ساڳي عام چانھہ هوندي آهي. پر هي تامل دڪاندار (ماما) اها چانھہ ٽھڪڻ بعد ڪوپ يا گلاس ۾ وجهڻ بدران وڏي جست يا اسٽيل جي ڪَرِيءَ ۾ وجهي پوءِ اها ٻي هٿ ۾ جهليل ٻي ڪريءَ ۾ وجهندو آهي. ائين ان چانھہ کي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ ڏهن پندرنھن اٿل پٿل ڏيندو آهي، جيئن اسان وٽ گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ٻار کي چانھہ ٺاري ڏيڻ لاءِ ڪبو آهي. بلڪ هاڻ تہ اهو فئشن ۽ ڪرتب ڏيکارڻ جو ڪم ٿي پيو آهي، ٻن ڪرين جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو مفاصلو رکي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ آبشار وانگر چانھہ نائي ڏيکارين. هڪ ماما کي ڏٺم تہ هو هٿ ۾ چانھہ جون ڀريل ٻہ ڪريون کڻي ٻئي هٿ ۾ جهليل خالي ڪرين ۾ چانھہ اوتي رهيو هيو. ...ان قسم جا تماشا ڏسڻ لاءِ مامائن جي دڪانن اڳيان ڪيترائي غيرملڪي سياح نظر اچن ٿا.
ملائيشيا جي ان قسم جي چانھہ”تيھہ تاريڪ“ يا عام چانھہ توهان کي هرگز نہ وڻندي جو ملائيشيا ۾ چانھہ يا ڪافي ۾ condensed کير استعمال ٿئي ٿو. جيڪو بيحد گهاٽو ۽ مٺو ٿئي ٿو. اسان کي بہ شروع جا ٻہ ٽي مھينا بنھہ پسند نہ آئي. گهر ۾ پائوڊر واري کير مان چانھہ ٺاهي پيئندا هئاسين. پر ٻاهر تہ جٿي ڪٿي اها مٺي کير جي چانھہ ملي ٿي سو مجبورن ٽي چار دفعا پي اهڙا تہ عادي ٿي وياسين جو پنھنجي ملڪ جي دود پتي يا انگريزي اسٽائيل جي چانھہ (الڳ کير ۽ الڳ کنڊ واري) وسري وئي. جيئن شروع جي ڏينھن ۾ ملئي ماڻھن تان کلندا هئاسين تہ نيرن تي ڪيئن ٿا ناسي ليماڪ Nasi Lemak کائين. ڇو جو اسان لاءِ نيرن تي ڀت کائڻ سو بہ مڇيءَ سان عجيب ڳالھہ آهي. پر پوءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهو ناسي ليماڪ وارو ڀت اهڙو وڻي ويو جو اڄ بہ ملائيشيا جو نالو ٻڌڻ سان ناسي ليماڪ ٿو ياد اچي. (الطاف شيخ جي سفرنامي ”مون کي موهيو ملائيشيا“ جي مضمون ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر تان کنيل).