هتان جو مشھور شوارمو
پيار جو پنڌ ڪندا، يارن سان مزاڪ مستيون ڪندا، روڊ ڪراس ڪندا، پاڻ شوارمي جي دڪان جي اڳيان گذرياسين، جتي ماڻھن جي وڏي ڀيڙ نظر آئي. وڏي قطار ۾ بيٺل ماڻھو، پيٽ جي باھہ کي وسائڻ لاءِ منتظرنظر آيا. هي شوارمي جو دڪان هيو. جتي ايڏي رش هئي. هتان جي شوارمي جي باري ۾ هتان جي ماڻھن جو اهو خيال هو تہ هتان جو شوارمو ايترو تہ مزيدار، لذيذ ۽ مشھور آهي جو هن جا شوقين تمام پري پري کان هتي اچي، قطار ۾ بيھي شوارمو خريد ڪن ٿا. ان ڪري هن گهٽي ۾ گهڻي رش بہ هئي، تہ رونق پڻ. شوارمي جا شوقين وڏي قطار ڪري پنھنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا هيا.
توهان جيڪڏهن هن گهٽي ۾ اچو ٿا ۽ توهان کائڻ پيئڻ جا شوقين آهيو تہ توهان کي هي شوارمو ضرور آزمائڻ گهرجي. پر ان لاءِ توهان کي ڊگهي لائين ۾ بيھي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ جڏهن توهان جي هٿن ۾ اهو شوارمو ايندو ۽ توهان جي وات کان ٿيندو، جڏهن توهان جي پيٽ ۾ داخل ٿيندو تہ نہ فقط توهان جي زبان هن سواد مان لطف اندوز ٿيندي پر ان سان گڏ توهان جو پيٽ پڻ توهان کي دعائون ڏيندو تہ يار! واھہ ڪھڙي شي کارائي ٿئي. پر ان لاءِ توهان کي پنھنجن ٽنگن کي تڪليف ڏيڻي پوندي، توهان کي انتظار جي آوي ۾ پچڻو پوندو.
ماڻھن جي ان انبوھہ جي پاسي کان گذرندا اڳتي وڌي وياسين. شوارمي جي خوشبو اسان جي حواسن تي ڇانئجي ويئي هئي. ماڻھن جي انبوھہ کي تجسس سان ڏسندا ۽ اهو سوچيندا وياسين تہ پيٽ ماڻھو کي قطار ۾ بہ بيھاري سگهي ٿو. پر سچ اهو آهي تہ دل تہ اسان جي بہ چوي پئي تہ هن شوارمي جو مزو وٺجي، پراسان پاران لائين ۾ ڪير بيھي، انتظار ڪير ڪري. انتظار ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو سچ چيو اٿن تہ ”انتظار موت برابر.“