گينتنگ هائلينڊ
گينتنگ هائلينڊ ۾ گهمڻ لاءِ ڪيئي مشھور جايون هيون. ان لاءِ توهان جو هتي هڪ ٻہ ڪلاڪ ترسڻ سودمند نہ ٿيندو، منھنجي صلاح آهي تہ توهان هتي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي رات ضرور گذاريو. پوءِ ئي توهان هن گينتنگ هائلينڊ کي حقيقي روپ ۾ پسي سگهندا. ڇو تہ هتي گهمڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهہ آهي. جيئن ”ٿيم پارڪ“، ”ڪسينو“، ”ڪيبل ڪار“، ”اسڪاءِ ورلڊ“، ” سن وي لگون“ وغيرہ وغيرہ قابل ذڪر آهن. رستي ۾ ئي اسان کي محسوس ٿيو تہ هتان جي آبھوا ۽ صاف سٿرو ماحول صحت لاءِ ڪيڏو نہ فائديمند آهي. ان ڪري هتان جي ماڻھن جي چھرن تي رونق بکي رهي آهي ۽ ماڻھو صحتمند آهن. ڇو تہ صاف سٿري آبھوا ۾ ساھہ کڻن ٿا. اصل ۾ هي جاءِ ڪافي مٿي جبل تي آهي، جنھن جي ڪري هتان جي آبھوا خوشگوار ۽ پُرسڪون آهي.
پاڻ جيئن ئي ٽيڪسي کان هيٺ لٿاسين تہ اسان جي آجيان هتان جي ملھار جهڙالي موسم ڪئي. اسان جي وجود کي هتان جي قرب واري ڪوهيڙي وڪوڙي ڇڏيو هو. پر پوءِ احساس ٿيو تہ اهو ڪوهيڙ نہ هيو بلڪ اسان ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هياسين. مون کي ان مھل سيءُ محسوس ٿيڻ لڳو. مٿان وري موسم جي مھرباني جو ان مھل هلڪي هلڪي برسات بہ شروع ٿي چڪي هئي. هن بوندا باري اتان جي ماحول جي مزي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هيا. ايڏي خوبصورت موسم روح سان گڏ جسم ۾ تازگي جي ڇڻڪار ڪري رهي هئي. مون وٽ پاڻي جي وڏي بوتل هٿ ۾ هئي، جنھن ۾ چوٿون حصو پاڻي وڃي بچيو هو. باقي پاڻي مان اڳ ۾ ئي پي چڪو هيس.
ڊاڪٽر چيو تہ،”توهان پاڻي پي ختم ڪري ڇڏيو، بوتل خالي ڪري ٽيڪسي ۾ رکي ڇڏيو، اسان کي ڪم ايندي.“ مون باقي سمورو پاڻي پي بوتل خالي ڪري ڪار ۾ رکي ڇڏي. ڪڪرن سان گڏ ٿڌڙي هير بہ اسان سان کيچل ڪري رهي هئي. پاڻ خيالن ئي خيالن ۾ ٿوري دير لاءِ ڪنھن جھاز جيان ڪڪرن کان بہ مٿي اڏامي رهيا هياسين. هتي ڪيڏو سڪون ۽ شانتي هئي. مون کي نيپال جو ” اسٽوپا آف پيس “ ياد اچي ويو.
جبلن/پھاڙن ۽ وڏن وڻن جي وچ ۾ اچي، ڪڪرن جي گهيري ۾ اچي هن خوبصورت موهيندڙ ماحول ۾ پاڻ کي ماڻھو ڪيڏو نہ خوش قسمت سمجهي ٿو. ڊرائيور اسان کان موڪلائڻ مھل ڪجهہ هدايتون ڏيندي چيو تہ،”توهان پنھنجي مرضي سان گهمو ڦرو، جيتري توهان جي دل چوي، شام جو جڏهن هيٺ لھو تہ ”پوسٽل اسٽاپ“ تي لھي اچجو. توهان ڪيبل ڪار جي ذريعي هيٺ لھجو ۽ ڪيبل ڪار جي خالي لھڻ واري ئي ٽڪيٽ وٺجو، مٿي واري واپسي جي ٽڪيٽ نہ وٺجو، مان توهان جو اتي ٽيڪسي اسٽينڊ، پوسٽل اسٽاپ وٽ انتظار ڪندس.“ پاڻ ڊرائيور کان موڪلائي فن لينڊ ۾ داخل ٿياسين.
داخل ٿيندي ئي محسوس ٿيو تہ هي دنيا آهي ئي ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي. ان ڪري هتي ٻارڙن کي آڻجي ها تہ ڪيڏو نہ مزو اچين ها. ڇاڪاڻ تہ جتي هي فن لينڊ وڏن ماڻھن جي تفريح جو باعث بڻيل هيو اتي خاص ڪري فيمليز ۽ ٻارن لاءِ پڻ بھترين ماحول مھيا ڪري رهيو هيو. ٻارڙن جا جهولا، مختلف رانديون، ڪمپيوٽر گيمون، چوڏل، ريل گاڏيون، ڪارون، مٿي کان مٿي ويندڙ مختلف ڦرڻيون، ڪمپيوٽرائيزيڊ آسماني ڇت، مطلب تہ ٻارڙن لاءِ خاص ماحول جوڙيو ويو هيو. مون ڏٺو تہ هتي ٻار ڏاڍو انجواءِ ڪن پيا. هتي جتي وڏا وڏا چوڏول هيا پر انھن اڀ سان ڳالھيون ڪندڙ چوڏولن ۾ ويھڻ لاءِ درياءُ دل کپي. جيڪو اسان جھڙي ماڻھو لاءِ ڏاڍو مشڪل هيو.
ڪجهہ دوستن جو خيال هو تہ ڪنھن نہ ڪنھن جهولي جي ٽڪيٽ وٺي ان ۾ چڙهي، رڙيون ڪري، زوردار هوڪرا هڻي، پنھنجو ٻالڪپڻ هڪ دفعو ٻيھر ياد ڪري ماحول جو مزو وٺجي، پر مان انھن سان متفق نہ ٿيندي پنھنجي راءِ ڏني تہ،”توهان ڀلي چڙهو، پر منھنجو موڊ نہ ٿو ٿئي“. پاڻ مختلف جاين کان ٿيندا، گهمندا رهياسين تہ هڪڙي پاسي کان خوشيءَ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، جڏهن ان پاسي وڃي ڏٺو سين تہ هڪڙي ٻار راند کٽي ورتي هئي. ان راند جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ اهي هوڪرا هڻي رهيا هيا. اصل ۾ هي راند ائين هئي جو ڪنھن ٻار جا جيڪڏهن هڪ ٻئي پويان ساندھہ ٻہ بال ان ٽارگيٽ/بالٽيءَ تي پون پيا ۽ ٻيئي بال ٿيڙ کائي ان بالٽي تان ٻاهر نڪري نہ ٿا اچن تہ سمجهو تہ هن راند کٽي ورتي. ان انعام ۾ ان ٻارڙي کي هڪڙو ڀالو Teddy bear جو تحفو ڏنو ويو هو. ان خوشي ۾ هن سان گڏ هن جا والدين بہ رڙيون ڪري رهيا هيا.
هتي اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي رانديون هيون جنھن ۾ توهان کٽي بہ سگهو پيا تہ هارائي بہ. هنن راندين ۾ بھرو وٺڻ لاءِ يا کيڏڻ لاءِ، مخصوص ٽڪيٽ رکيل هئي جيڪا ان ٻار کي خريد ڪري، راند ۾ شامل ٿيڻو هيو. هن فن لينڊ ۾ هيٺ توڙي مٿي ٻارڙن لاءِ انيڪ رانديون هيون، جيڪڏهن ڪو ٻار سڄو ڏينھن بہ هتي گهمي ۽ راندين ۾ بھرو وٺي تہ بہ ڏينھن پورو ٿي وڃي پر رانديون نہ کٽنديون.
اڳتي هلندي هڪڙي بئنڪ نظر آئي ۽ ان سان گڏ اي ٽي ايم مشين بہ. ڊاڪٽر چيو تہ،” ٿورو بيھو تہ مان هتي پنھنجو اي ٽي ايم ڪارڊ آزمايان“. ڊاڪٽر ۽ جاني اي ٽي ايم مان پئسن ڪڍرائڻ جي پروسيس ۾ لڳي ويا، پر خبر پئي تہ جيڪڏهن توهان جي اي ٽي ايم ڪارڊ جي انٽرنيشنل ٽرانسيڪشن ايڪٽو نہ ٿيل آهي تہ توهان پئسا نہ ٿا ڪڍرائي سگهو. ان لاءِ جڏهن بہ توهان ڪنھن ٻي ملڪ سفر ڪيو تہ پھريان پنھنجي بينڪ جي مينيجر ذريعي پنھنجي اي ٽي ايم جي انٽرنيشنل ٽرانسيڪشن ضرور ايڪٽو ڪرايو. اهڙي نموني گهمندي، مردن، عورتن توڙي ٻارڙن جو چوڏلن ۾ چڪر دوران رڙيون ٻڌندي، خوب انجواءِ ڪندي اڳتي وڌي آياسين.