Zatoun Sweets ”زيتون“ترڪش مٺائي جو دڪان
هن دڪان جي ڪائونٽر تي هتان جي روايتي ڊريس ۾ ملبوس عورت، ايندڙ گراهڪن کي مٺائي وٺڻ لاءِ آمده ڪري رهي هئي. هن مٺائي جي دڪان، مٺائي کي سينگاري سنواري ۽ پنھنجي خوش اخلاقي سان ئي گراهڪن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو هيو. هڪ تہ مٺائي تازي ٺھيل لڳي رهي هئي ۽ ٻيو تہ مختلف قسمن جون ذائقيدار ۽ اسان جي روايتي مٺائين کان بلڪل منفرد هئڻ ڪري، دوستن جو خيال هو تہ هن مٺائي جو ذائقو چکجي. سو جاني ان زيتون واري دڪان جي ڪائونٽر تي مٺائي خريد ڪرڻ لاءِ بيھي رهيو. هتي بہ ڪافي رش هئي. ائين پئي لڳو تہ هتان جا ماڻھو کائڻ پيئڻ جا وڏا شوقين ۽ ڪوڏيا آهن. ان رش ۾ اسان بہ بيھي پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. مون ان دڪان ۽ دڪان جي مالڪياڻي ءَ جون ۽ اتان جي مٺائي جون تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجهہ تصويرون ٺاهي ورتيون تہ جيئن يادگيرين جي لسٽ ۾ اهي بہ شامل ڪري سگهجن.
هن ليڊي جي مدد لاءِ هڪڙو نوجوان پڻ بيٺو هيو. جيڪو هن کي مٺائي کڻي ڏيڻ سان گڏ گراهڪن کي پڻ منھن ڏيئي رهيو هو. ان ڇوڪري کان پڇڻ تي هن ٻڌايو تہ،”اسان 1990ع کان ئي ”الزيتون“ جي نالي سان مٺائي ۽ بيڪري هلايون پيا. اسان وٽ هر قسم جي ڊبل روٽي، بريڊ، ڪيڪ، پيسٽريز، شادي جا ڪيڪ، چاڪليٽ، ڪافي، برٿ ڊي جا ڪيڪ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قسمين قسمين مٺايون موجود آهن. هن الزيتون جو بنياد اصل ۾ عمر بن ياسر اسٽريٽ، بغداد، عراق کان پيو. جيڪو بعد ۾ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو. اسان مڪس مٺائي خريد ڪري، پيڪ ڪرائي، اڳتي وڌياسين. چوراهي کان ڪراس ڪري ٻي پاسي وڌياسين تہ سامھون ماڻھن جي وڏي ڀيڙ نظر آئي.
ڀيڙ مان ٺوٺيون هڻي اڳتي نڪري ڏٺوسين تہ ساڳيو ئي ”زيتون“ مٺائي جي ٻي شاخ نظر آئي، هي مٺائي جو کليل دڪان هُن عورت واري دڪان کان بہ وڏو هيو. هتي هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو جنھن جي عمر 10 يا 12 سال کن ٿيندي، جيڪو ترڪش ميوزڪ تي ڪائونٽر تي ويھي ڊانس ڪري رهيو هو ۽ هن سان گڏ هڪڙو وڏي عمر وارو همراھہ هن جو وڏو ڀاءُ يا پيءُ (جيڪو بہ هيو) بہ ان ساڳي ئي ميوزڪ تي ڊانس ڪري ماڻھن جي توجھہ پاڻ ڏانھن ڇڪائي رهيا هيا تہ مٺائي بہ کپائي رهيا هيا. هن ڇوڪري کي ۽ ان سان گڏ ٻي همراھہ کي ترڪش وڏاڳاڙهي ناسي رنگ جا ڊگها ٽوپ Romi cap پاتل هيا. جيئن اسان وٽ سائين حسن علي آفندي کي پاتل نظر اچي ٿو.
هي مٺائي کپائڻ جو نئون انداز مون پھريون ڀيرو ڏٺو هو. ماڻھو ميوزڪ جي رونشي تي گڏ ٿي ويا هيا. ڄڻ تہ ڪو مداري ڪرتب ڏيکاري رهيو هجي. ان ڪري هر ماڻھو جو توجھہ ان ميڙاڪي ڏانھن هيو ۽ هو بيتاب ٿي اهو ڏسڻ چاهي پيو تہ اتي ڇا پيو ٿئي. ڪھڙو ڪرتب هلي رهيو آهي. سو ٿوري دير اهو تماشو اسان بہ بيھي ڏٺو، پر مزو نہ آيو، سو پاڻ اڳتي وڌياسين.