باتو ڪيو کان لھي اچڻ کان پوءِ جي ڪيفيت
جي گڻيش، جي گڻيش، جي گڻيش ديوا،
ماتا تيري پاروتي پتا ماها ديوا.
(شنڪر ڀڳوان کي مھا ديو بہ سڏيو ويندو آهي).
ان ڪارتڪ ديوتا جي باري ۾ ڳالھائيندي، پاڻ اڳتي هلندا، ڪچھري ڪندا باتو ڪيو جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪري آياسين. سامھون گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ مھل منھنجي نظر ڊرائيور کي ڳوليندي رهي. پريان ئي اسان جي ٽيڪسي بيٺي هئي ۽ مان گيٽ کان گهڻو اڳتي ٽيڪسي ڏانھن وڌي ويو هئس. جتي ڊرائيور ڦٽ پاٿ تي ويٺي اسان جو انتظار پئي ڪيو. مون جڏهن پوئتي مڙي دوستن ڏي ڏٺو تہ منھنجا دوست ليمي جي شربت واري ريڙهي تي بيٺي بيٺي ليمي جي رس وارو شربت پيئڻ جو موڊ ٺاهي چڪا هيا.
ڊاڪٽر مون کي پاڻ ڏانھن اچڻ جو اشارو ڪندي، سڏ ڪري چيو تہ،”اچو شربت تہ پيئون“. هن ريڙهي تي عورتون شربت کپائي رهيون هيون. اتي ٻن قسمن جا شربت هيا. هڪڙي جو رنگ گلابي هيو ۽ ٻيو سفيد. هي ٻيئي شربت شيشي واري فريم ۾ بند هيا. مون کي ليمي جي رس وارو شربت وڌيڪ سٺو لڳو. مون ان عورت کي اشارو ڪندي چيو تہ،”مون کي ليمي جو شربت ڏي.“ هن ڊسپوزل گلاس ۾ شربت سان گڏ پلاسٽڪ اسٽرا وجهي ڏنو. هي واقعي ئي مزيدار ذائقي وارو شربت هيو.
اسان ڊسپوزل گلاس هٿ ۾ کڻي، ليمي جي شربت جون چسڪيون ڀريندا، ڦٽ پاٿ تي هلندا، ٽيڪسي واري وٽ اچي پڳاسين. دل ۾ خيال آيو تہ جيڪڏهن هڪڙو گلاس ٽيڪسي واري لاءِ بہ وٺجي ها، تہ ڇا ٿي پوي ها. ڇو تہ هو بہ اسان وانگر انسان آهي، هو اسان جو ٻن اڍائي ڪلاڪن کان انتظار ڪري رهيو هيو. ٽيڪسي واري منھنجي چھري جا تاثرات پڙهي ورتا هيا ۽ هن مسڪرائي ڳالھہ ٽاريندي چيو تہ،”توهان کي باتو ڪيو ڪيئن لڳو.“ ”زبرست پيارا، تمام خوبصورت ماڳ آهي.“ پرتاب ٽيڪسي جو دروازو کولي سيٽ ۾ ويھندي چيو. اسا بہ پوئين سيٽ تي ويھي رهياسين ۽ ائين ئي مون واري سوچ هن ٽريفڪ جي گوڙ ۾ دٻجي ويئي.
هن ماڳ کان پوءِ اسان کي گينتنگ هائلينڊ وڃڻو هو. سو ڊرائيور کي گينتنگ هائلينڊ لاءِ هلڻ جو چئي ڇڏيو. اسان هاڻي گينتنگ هائلينڊ وڃي رهيا هياسين. هي ٽيڪسي جبلن ۽ ساون چھچ وڻن جي وچان روڊ تي ڊڪي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. جهنگ ئي جهنگ هيو. جبل ئي جبل. مٿان وري ڪارن ڪڪرن جو لعل لبيس. ڇا تہ موهيندڙ منظر هيا. اسان گينتنگ هائلينڊ لاءِ جبل ڏانھن ويندڙ رستي تي مٿي چڙهي رهيا هياسين. جيئن ڪوھہ مري يا گورک هل اسٽيشن جو رستو هوندو آهي.