خوبصورت، وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حَسِين سفرنامو
نہ دانم تازه مي ڪارد، نہ زخم ڪھن مي خارد،
بده يا رب! دل ڪين صورت بي جان نمي خواهم.
معنيٰ: نہ ڪو نئون زخم ڪم ڏيکاري ٿو. نہ ڪي پراڻا زخم خلش ڏين ٿا. اي منھنجا رب! هاڻي مون کي هڪ نئين دل عطا ڪر ڇو تہ هي ڦڪي زندگي مون کي قبول ناهي.“
اڄ جي سنڌ جو بي مثل ادبي ڪردار بلوچ صحبت علي بہ انھن ئي ڳڻڻ جيترين ڪجهہ شخصيتن جي سٿ ۾ هڪ منفرد نانءُ طور نمايان نظر اچي ٿو. جيڪي پنھنجي مقصدن خاطر مضطرب رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ ان راھہ ۾ ايندڙ تڪليفن کي کلندي، کيڪاريندي، پنھنجي سيني سان لڳائيندا آهن. لکڻ ۽ پڙهڻ هن گهڻ رخي شخصيت جي زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ پنھنجي ان مقدس مقصد سان هن جي عشق جي انتھا اها آهي جو هن مڪمل طور تي پنھنجو پاڻ کي پنھنجي نصب العين ۾ فنا ڪري ڇڏيو آهي.
ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سنڌ جو هي منفرد ڪرداربجا طور تي فنا في العشق جي درجي تي پھتل آهي. هي سال 2024ع منھنجي هن آئيڊيل شخصيت جي حياتيءَ جو گولڊن جوبلي سال آهي. ايتري مختصر عرصي ۾ ذري گهٽ ٽن درجنن کان مٿي ڪتاب هن عظيم شخص جي اتاهين عشق جا اهڃاڻ آهن.
برصغير پاڪ و هند جو عظيم مفڪر علامہ آءِ آءِ قاضي رح پڻ پنھنجي هڪ خطبي ۾ انساني حياتيءَ جي بامقصد جياپي بابت فرمائن ٿا تہ،”گهمڻ، ڦرڻ، سير سفر ڪرڻ، تجربا ڪرڻ، مشاهدا ماڻڻ ۽ پوءِ پنھنجن انھن تجربن، مشاهدن، فطري لقائن، قدرتي مظھرن، منظرن ۽ نظارن جي حسين احساسن کي قلمبند ڪرڻ انساني حياتيءَ جي با مقصد جياپي جو اهڃاڻ آهي.“
انھي نقطي نگاھہ کان هڪ فطرت پرست جمالياتي روماني شاعر پنھنجن اهڙن تجربن، مشاهدن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي شاعري جي صورت ۾ اظھاريندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شاعر، نثر نگار، اديب، يا ڪو بہ عام ماڻھو ڪنھن بہ ملڪ، شھر يا ڪنھن قدرتي ماڳ مڪان جي سير و ساحت ڪري ٿو تہ پوءِ هو پنھنجي ان تجربي کي سفرنامي جي صورت ۾ قلمبند ڪري ماڻھن آڏو آڻڻ جي ادبي ڪاوش ڪندو آهي.
پر بلوچ صحبت علي ان حوالي سان منفرد مقام رکي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هو نہ صرف سفرنامن جي صورت ۾ پنھنجا تجربا، مشاهدا ۽ احساس نثري انداز ۾ اسان جي آڏو آڻي ٿو بلڪہ انھن کان علاوہ انھن خاص ملڪن ۽ ماڳن، مڪانن، دڪانن، روڊن، رستن، گهٽين، درياهن، سمنڊن، سمونڊ ڪنارن، باغ باغيچن، جبلن، پھاڙن، ڍنڍن، ڍورن، وڻن، ٻوٽن ۽ ٻين انيڪ فطرتي لقائن جي اهڙي تہ دل کي ڇھندڙ منظر نگاري ڪري ٿو جو ماڻھو ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
سنڌي ادب جي خوش نصيبي جو صحبت بنيادي طور شاعر هجڻ ڪري انھن ملڪان ملڪ جي تجربن، مشاهدن ۽ وڌرتي منظرن کي پنھنجي شاندار شاعريءَ جو حسين ويس پڻ پارائي نہ صرف پاڻ سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ خوبصورت چمڪندڙ ستاري جيان پڻ جرڪندي نظر ايندو آهي پر ادبي حوالي سان سنڌي شاعري جي دامن کي پڻ اڻ لڀ خزانن سان ڀريندو رهندو آهي.
سير و سياحت کي اسلام ۾ مذهبي حوالي سان بہ گهڻي اهميت مليل آهي. جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي تہ، ”فسيروا في الارض“ يعني:”دنيا گهمو ڦرو“. ان کان علاوہ جڳ مشھور اديب پبلو نرودا گهمڻ ڦرڻ ۽ سير و سفر جي حوالي سان ڪيڏي نہ خوبصورت ڳالھہ ڪئي آهي. جڏهن هو چوي ٿو تہ:
”توهان آهستي آهستي مرڻ لڳو ٿا، جڏهن توهان سفر نہ ٿا ڪيو، جڏهن توهان پڙهو نہ ٿا، جڏهن توهان زندگيءَ جا ساز نہ ٿا ڪنايو، جڏهن توهان پنھنجو قدر نہ ٿا ڪيو“.
تنھن ڪري سير و سفر ۽ سياحت کي مختلف حوالن سان هميشہ عالمگير اهميت حاصل رهي آهي. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ سير و سياحت زندگي جي نشاني ۽ اهڃاڻ آهي. سفرنامي جي ويجهي ماضي يعني ماضي قريب جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سفرنامو هڪ مسلم فن آهي. ۽ ان فن جا موجد عرب مسلمان هئا.
قرآن شريف ۾ جيئن تہ واپار ۽ سير و ساحت جي اهميت تي زور ڏنل آهي ۽ لکڻ پڙهڻ جي بہ واضح اهميت آهي. ان ڪري عرب جيئن تہ واپاري بہ هئا ۽ واپار سانگي ملڪان ملڪ ويندا هئا. تڌهن پنھنجن انھن تجربن ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪندا هئا ۽ ايئن سفرناما وجود ۾ آيا. ابن بطوطه جو سفرنامو ان جو هڪ مثال آهي.
سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اڻاٺ رهي آهي. ان حوالي سان هڪ هٿ جي آڱر تي ڳڻڻ جيترا نالا مس اچن ٿا. سنڌ جي مشھور سفرنامي نگارن ۾ الطاف شيخ ۽ عبدالحئي پليجي جا نالا ئي ڳڻائي سگهجن ٿا. جڏهن تہ انھن کان علاوہ ڳڻپ ۾ ايندڙ ڪجهہ ٻيا وڏا ادبي نالا بہ آهن، جن پنھنجن تجربن ۽ مشاهدن کي سفرنامن جو روپ ڏنو. جيئن تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، بدر ابڙو، عبدالجبار جوڻيجو وغيرہ. بلوچ صحبت علي جو سفرنامي جي حوالي سان ”ملائيشيا جون محبتون“ چوٿون ڪتاب آهي. ان کان اڳ ۾ سندس”دبئي“، ”نيپال“، ۽ ”انڊونيشيا“ جا سفرناما،”دادوءَ کان دبئي“، ”نيپالي نينھن“، ”انڊونيشيا جو عشق“ پڻ ڇپجي چڪا آهن. جڏهن تہ مجموعي طور تي بلوچ صحبت علي تقريبا ٽن درجن ڪتابن جا سرجڻھار آهن. جيڪي اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪا آهن.
بلوچ صحبت علي بنيادي طور تي ادبي حوالي سان هڪ ڪھنہ مشق شاعر آهي پر نثر ۽ ترجمي نگاري ۾ بہ سندس قابل تعريف ڪم ٿيل آهي. آءُ ان راءِ جو آهيان تہ بلوچ صحبت علي کي فقط شاعر چوڻ حقيقت جي انحرافي ٿيندي. حقيقت ۾ هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. جنھن کي قدرت ادب جي هر صنف ۾ مھارت عطا ڪئي آهي. پوءِ اها شاعري هجي، ترجمي نگاري هجي، نثر هجي، آزاد نظم هجي يا سفرنامن جو موضوع هجي. هن جڏهن بہ قلم هٿ ۾ کنيو آهي، ان کي عبادت سمجهي هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ان ڪم کي مقدس ڄاڻيندي پنھنجي قلم سان هميشہ انصاف ڪيو آهي.
بلوچ صحبت علي جو هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتون“ سندس اڳين سفرنامن جيان پڻ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي ۽ ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اڻاٺ جي پورائي جي حوالي سان ٻين ليکڪن سان گڏ بلوچ صحبت علي جا سفرناما پڻ هڪ مثبت ۽ بھتر ڪوشش آهن. جنھن لاءِ هي کاهوڙي شخصيت بلاشڪ داد جو مستحق آهي. سندن تحرير ۾ قدرت ڪمال جي مھارت عطا ڪئي آهي. سندس آسان انداز بيان ۽ لفظن جي مٺاڻ پڙهندڙن کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ پڙهندڙ ان ۾ محو ٿي وڃن ٿا.
انداز بيان جي سادگي، لفظن جو آسان ۽ خوبصورت سٽاءُ ۽ قدرتي منظرن جي خوبصورت منظر نگاري بلوچ صحبت علي جي سفرنامي جي اهڙي تہ سحر انگيز خوبي آهي جو سندس سفرنامو پڙهندي پڙهندڙ خود ان ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ هو بذات خود اتي موجود آهي. اها لاشڪ بلوچ صحبت علي جي انتھائي خوبصورت ادبي خوبي آهي جو هو پنھنجي سفرنامي جي يادگيرين، تجربن، مشاهدن ۽ احساسن کي اهڙي تہ دلڪش منظر نگاري سان پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ ان جي سحر ۾ مُحو ٿي وڃي ٿو ۽ سفرنامي مان مڪمل طرح لطف اندوز ٿئي ٿو.
”ملائيشيا جون محبتون“ هڪ سفرنامو آهي پر اهو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطه تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. صحبت جيئن تہ بذات خود خوش مزاج، گهڻرنگي ۽ گهڻرخي شخصيت آهي، ان ڪري سندس سفرناما بہ بيحد دلچسپ، رومانوي، وڻندڙ ۽ معلوماتي هوندا آهن.
ائين ئي هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتون“ بہ هڪ اهڙو ئي خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا بہ سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو.
سنڌي ادب جي هن وڏي نانءُ بلوچ صحبت هميشہ جيان پنھنجي شاندار روايت کي وڌائيندي ”ملائيشيا جون محبتون“ جي صورت ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ ٻئي شاندار ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي، جنھن لاءِ هي عظيم فقير منش شخصيت بيشڪ مان لھڻي. هي سال هن شاندار سرجڻھار جي حياتي جو گولڊن جوبلي سال آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ ﷲ پاڪ کيس صحت، شفا ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ هو پنھنجي حياتي جي ڊائمنڊ جوبلي يعني سينچري مڪمل ڪري ۽ پنھنجي شاندار علمي ۽ ادبي صلاحيتين سان سنڌي ادب جي جهولي کي مالا مال ڪندو رهي. آمين.
علم جي خزاني جو ادنيٰ طالب علم
اين -اي -بلوچ
وڪيل هاءِ ڪورٽ
شاھہ آباد محلہ- دادو