بنگالي هوٽل ۾ ناشتو
اتي ئي، آرڪڊ هوٽل جي پرئين پاسي کان ڪنڊ ۾ هڪڙي هوٽل نظر آئي. ڊاڪٽر اندر ويو، ماحول جو جائزو وٺي پوئين پير واپس موٽي آيو. هن ٻڌايو تہ، ”هتي بہ اهو ئي انگريزي اسٽائيل وارو ناشتو، جنھن ۾ سلائيس ۽ انڊا آهن.“ اسان مان ڪو بہ دوست اهو ناشتو ڪرڻ لاءِ تيار نہ هيو. ان ڪري اتان ئي روڊ پار ڪري، پنھنجي هوٽل جي مک گيٽ کان کاٻي پاسي، مين روڊ جي ڦٽ پاٿ تي هلندا اچي هڪڙي بنگالي هوٽل جي اڳيان بيٺاسين. هن کان جڏهن پڇيوسين تہ،” ناشتي ۾ ڇا آهي.“ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ اردو ۾ ٻڌايو تہ،”توهان ڪافي دير ڪري آيو آهيو، ناشتو ختم ٿي چڪو آهي “.
سو اتان نڪري پاڻ ان لائين سان ئي ٻي ڪنھن هوٽل جي تلاش ۾ اڳتي هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳتي هلياسين تہ اسان کي هڪڙي ٻي هوٽل نظر آئي. هي بہ بنگالين جي ئي هوٽل هئي. هوٽل ۾ جڏهن داخل ٿياسين تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ اسان کي سلام دعا ڪري ڪرسين تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. جڏهن هن کان بہ پڇيوسين تہ،”ناشتي ۾ ڇاهي“. هن ٻڌايو تہ،”اسان وٽ اڦراٽا ختم آهن پر توهان کي ماني گرم گرم، تازي ۽ سٺي ملندي“. سو پاڻ ان هوٽل ۾ ويھي رهياسين. ناشتي ۾ انڊو آمليٽ بہ ملي ويو ۽ ڇولا بہ اچي ويا پر ماني اهڙي سنھڙي جو ٻہ گرھہ مس ٿين ۽ ڦوڪ سان اڏامي وڃي.
مٿان وري چانھہ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجيCondensed Milk ڪريم واري چانھہ جنھن ۾ نہ سواد، نہ مزو. سليماني چانھہ ۾ ڪريم واري کير جا ٻہ ٽي چمچا وجهي، چانھہ تيار ڪري اچي اڳيان رکيائين. ناشتو جھڙو ٿيو تھڙو نہ. مطلب تہ اسان کي ماما ڪلچر واري چانھہ نہ ملي جيڪا الطاف شيخ پنھنجي ڪتاب ”مون کي موهيو ملائيشيا“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. سو اتان ئي ٽيڪسي گريب ڪري پاڻ پتراجا مسجد جو پروگرام ٺاهيوسين.