بوٽينيڪل خوبصورت گارڊن ؛ جنت جو ٽڪرو
جيڪڏهن ڪنھن بہ سياح کي ڍنڍ جو سير يا گارڊن کي گهمڻو هيو تہ اهي ڪرائي تي ٻيڙو ڪرائي ڍنڍ جو چڪر هڻي سگهن پيا. اڳتي هلياسين تہ پاڻيءَ تي ڪاٺ جي خوبصورت بھترين پل ٺھيل هئي، جنھن کي ايڏو تہ خوبصورت نموني سان ٺاهيو ويو هو جو اتان توهان هر طرف جو نظارو آساني سان ڪري سگهو پيا. ان پل جي هيٺان پاڻي وهي رهيو هيو. ڄڻ تہ جنت الفردوس جي ڪا سھڻي جاءِ هجي. ڇا تہ موهيندڙ منظر هيو. خاص ڪري جڏهن ان ڪاٺ واري پل جي مٿان بيھي هيٺ وهندڙ پاڻي تي هڪ نظر وجهون پيا، تہ ائين محسوس ٿئي پيو تہ اسين پاڻ ان پاڻي تي بيٺا آهيون. هي منظر روح کي سڪون بخشڻ لاءِ ڪافي هيو.
سامھون کان مسجد بہ نظر اچي پئي تہ وزير اعظم جي آفيس بہ. اتي وڏن اکرن ۾ سيمينٽ جي هڪڙي دڪي نموني ٺھيل پٿر تي ”بوٽيني پتراجايا تمن“ لکيل هيو. اڳتي هلياسين تہ هتان جي نيڪال جي نالي جنھن جو مٿيون حصو سوڙهو ۽ هيٺيون تري وارو حصو ويڪرو هيو، جو برسات يا ٻيو ڪو نيڪال جو پاڻي وغيرہ مزي سان نڪري سگهي پيو.
وڏي ڳالھہ تي هي نالي انتھائي درجي جي هيٺ تھہ تائين صاف هئي. ان جي برعڪس اسان جي شھرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين جون ناليون گند سان، ڪچري سان ڀريل، کليل، جيڪي مڇرن ۽ بيمارين جا ڳڙھہ آهن. صفائي وارا صدورا مٿان مٿان ڪچرو هٽائي، وري اتي ئي ان جي پاسي ۾ رکي هليا وڃن. انھن کي کڻڻ وارا اچن تہ ٺيڪ نہ تہ وس وارا آهن.
اسان هاڻي رولاڪيون ڪندي ٿڪجي پيا هياسين. سو جاني کي چيوسين تہ،” گريب ايپ“ ذريعي ٽيڪسي گهرائي. هن ٽيڪسي گهرائي پر ٽيڪسي واري ميسيج ڪيو هو تہ هو اسان تائين اندر نہ ٿو اچي سگهي ان ڪري هن اسان کي چيو تہ،”اسان کي ٻاهر ٽيڪسي اسٽينڊ تي اچڻو پوندو.“ سو اسان ساڳي ئي پيچرن تان پنڌ ڪندا واپس ورياسين.
پڇندا پڇندا ٽيڪسي اسٽيند تي اچي پھتاسين. جتي ٽيڪسي ۾ هڪڙو پوڙهو، گنجو بخيل قسم جو ڊرائيور اڳ ۾ ئي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. هي نہ فقط بخيل قسم جو پوڙهو هو پر ان سان گڏ خبيس پڻ هيو. جنھن جي نظر بار بار پوئتي ان ڪري پوي پئي تہ ڪٿي هي ماڻھو ٽيڪسي سان حرڪت تہ نہ ٿا ڪن. اسان کي هن جو رويو نہ وڻيو هيو. هڪ دفعي تہ هن رڙ ڪري بہ چيو هو تہ،” ڊونٽ ٽچ دي ٿنگس.“ سو هو اسان کي ائين ئي واپس هوٽل ئي پڄائي ويو ڄڻ تہ اسان هن سان گڏ ٽيڪسي ۾ هياسين ئي ڪونہ. اهڙي ماڻھوءَ سان ڪچھري ڪرڻ جوکائتي جو ڪم هيو.