سفرناما

ملائيشيا جون محبتون

ھي سفرنامو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.

Title Cover of book Malaysia Joon Muhbatoon

ول نہ ڏيلھي کاسون

اصل ۾ هي باتو ڪيو (غار) هندن جو وڏو مندر آهي ۽ هن جي مٿين حصي تائين پھچڻ کان پوءِ توهان کي ڪيترن ئي ديوتائن جون مورتيون ملنديون ۽ هڪ اڌ گفٽ جو دڪان بہ ملندو، جڏهن تہ هيٺ ڪافي شاپنگ جا دڪان آهن. هن باتو ڪيو (غار) ۾ هر سال ڪيترائي ياتري پنھنجون اميدون کڻي هن جاءِ تي ايندا آهن ۽ هتان خالي هٿين نہ ويندا آهن، بلڪ پنھنجون خالي جهوليون اُميدن، وشواسن سان ڀري واپس موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ويندا آهن. اعتماد، اعتقاد، ڀروسو، يقين ۽ ويساھہ ئي گهڻن ماڻھن لاءِ گهڻو ڪجهہ هوندو آهي، پر ڪن لاءِ تہ ڪجهہ بہ نہ.
جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تہ هن غار تائين مٿي وڃڻ لاءِ ٽوٽل272 ڏاڪا چڙهڻا هوندا آهن، انھن ڏاڪن تي مختلف قسمن جا رنگ چڙهيل آهن. هر ڏاڪي جو رنگ الڳ آهي. هڪڙي ڏاڪڻ مٿي چڙهڻ لاءِ آهي ۽ ان جي پاسي کان وچ تي هڪڙي سيمنيٽ جي ننڍڙي ديوار ڏنل آهي ۽ ان جي پاسي ۾ ٻي ڏاڪڻ مٿان کان هيٺ لھڻ وارن ياترين لاءِ ٺھيل آهي. يعني مٿي چڙهڻ لاءِ الڳ ۽ هيٺ لھڻ لاءِ الڳ. جيتوڻيڪ ڏاڪڻ جا ڏاڪا ڪشادا ۽ سيمينٽ جا ٺھيل آهن، پر پوءِ بہ مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ تہ دل کپي ۽ ٻيو جذبو. اسان جھڙو دل جو مريض بہ جيڪڏهن همت ڪري تہ 272 ڏاڪا چڙهي سگهي ٿو ۽ چڙهي بہ وياسين.
پر جڏهن هيٺ لھي ايندو تہ هو ضرور چوندو تہ، ”نہ چڙهسون نہ ڏيسون.“ يا وري چوندو تہ،”ول نہ ڏيلھي کاسون.“ هتي مون کي هڪڙو ٽوٽڪو ياد ٿو اچي تہ ڪو مون جھڙو دل جو ڪمزور ماڻھو جڏهن کجيءَ جي سنھڙي ۽ ڊگهي وڻ تي مٿي چڙهي ويو ۽ کجور پٽي ڍوو ڪري کاڌائين. جڏهن لھڻ مھل هن هڪ نظر هيٺ زمين تي وڌي تہ همراھہ کان رڙ نڪري وئي، چيائين،”مار! ايڏو مٿي چڙهي ويو هان ؟.“ سو هن لاءِ لھڻ وارو عمل ڏاڍو ڏکيو هيو. پر پوءِ بہ دل ٻڌي، همت ڪري دعا گهرڻ لڳو ۽ باس باسي تہ،”جيڪڏهن هيٺ لھي ويس تہ رب جي نانءُ تان پاڏو قربان ڪندس.“
ايئن چئي هن همراه هيٺ لھڻ شروع ڪيو. جڏهن ٿورو هيٺ لھي آيو ۽ وري هيٺ نظر وڌي تہ هن کي لڳو تہ هو اڃان بہ گهڻو مٿي آهي. سو هو پنھنجي باس مٽائي چوڻ لڳو تہ،”اڃان بہ جي هيٺ لٿس تہ رب جي نان تي ٻڪرو قربان ڪندس.“ پر جڏهن صفا هيٺ لھي آيو تہ چوڻ لڳو،”تہ رب جي نالي تي هاڻي ڪڪڙ ڏيندس.“ ۽ جڏهن صفا اچي پٽ تي پير رکيائين تہ همراھہ رب جو شڪر ادا ڪندي پنھنجي باس تائين ئي هٿ کڻي ويو. مٿي نھاري چوڻ لڳو تہ، ”هڻ نہ چڙهسون نہ ڏيسون.“
سو اسان بہ دعائون گهرندا، دل ٻڌي هيٺ لھي آياسين. جيتوڻيڪ ڏاڪڻ ايڏي ڏکي ناهي پر مٿاهين تي چڙهڻ جو خوف ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو کي ڊيڄاري ڇڏي ٿو. هن غار تائين پھچڻ جو ذريعو ئي هي ڏاڪڻ آهي. مان سوچيان ٿو تہ جيڪڏهن ان ڏاڪڻ جي جاءِ تي ڪا لفٽ لڳل هجي ها يا وري چيئر لفٽ لڳل هجي ها تہ بہ ڪافي ماڻھو هي ڏاڪڻ استعمال ڪن ها. ڇو تہ هن ڏاڪڻ ذريعي چڙهي مٿي غار تائين پھچڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي.
جيڪڏهن توهان کي سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ پسند آهي ۽ توهان اهو منظر باتو ڪيو کان ڏسڻ چاهيو ٿا تہ توهان کي صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هتي اچڻ گهرجي.
توهان کي هتي اچڻ مھل ڀولڙن جو خاص خيال ڪرڻو پوندو، جيڪي بک جي ڪري توهان جي هٿن ۾ موجود ڪا بہ شي توهان کان کسي سگهن ٿا.