محبت جن جي من ۾
Life is a journey, not a destingation.
(زندگي مسلسل سفر جو نالو آهي، جنھن ۾ ڪا بہ منزل نہ آهي.)
سنڌ محبتن، امن، پيار، صوفين، درويشن، شاعرن؛ لطيف، سامي ۽ سچل جي ڌرتي رهي آهي، جتي محبتن، عزتن، پيار، پاٻوھہ، ڏات ۽ ڏاهپ جا قصا ۽ ڪھاڻيون قابل ذڪر ۽ ڏيھان ڏيھہ مشھور آهن. ساڳي ريت هي اها ئي عظيم قوم جي عظيم ڌرتي آهي جتان جي شاعرن، ڏاهن، عالمن، علم جي اڪابرن هميشہ مُحبت، ڀائيچاري، اخوت ۽ اُمن جو درس ڏنو. اسان جي روحاني مرشد شاھہ عبدالطيف ڀٽائي فرمايو آهي تہ؛
مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ
پِي پِيَالَو اُڃَ جَو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿِيَارِ،
پُنھون پَاڻَ پِيَارِ، تہ اُڃَ سَان اُڃَ اُجَهائِيَ.
سنڌ جا سيلاني، مسافر، وڻجارا ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ليکڪ جڏھن محبت من ۾ سانڍي قدرت جو اڏيل خوبصورت رنگ برنگي جھان ڏسـڻ لاءِ ولايت نڪري پون ٿا تہ سندن محبتي خمير، جماليات جي ڪامل نگاھہ، سونھن پرستي، سنڌ پرستي ۽ سندن عاشق مزاج طبيعتون انھن موهيندڙ منظرن ۾ گم ٿي وڃن ٿيون ۽ انھن خوبصورت نظارن کي پنھنجي اک ۽ دل جي ڪيمرا ۾ هميشہ لاءِ قيد ڪري ڇڏين ٿا ۽ اتان جا اهي تحفا پنھنجي ڌرتي ڌڻين لاءِ کڻي پنھنجي وطن واپس ورن ٿا. جيڪي اسان جي ٻڍي توڙي ٻالڪ جي علم ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. شاھہ صاحب سر سامونڊي ۾ وڻجارن لاءِ لکي ٿو تہ؛
سيئي جوڀن ڏينھن جڏهن سڄڻ سفر هليا!،
رئان رهن نہ سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!
(اُهي منھنجا جوانيءَ جا ڏينھن ئي هئا، جڏهن سڄڻ سفر تي اُسھيا. اي جيجل! مان ڪيئن ڪريان. جو روئان ٿي تہ بہ پرين وڃڻ کان نہ ٿا رهن. مونکي جيئري ئي چکيا تي چاڙهي (آگ ۾ ساڙي)، وڻجارو ٻيڙي هاڪاري هليو ويو.)
منھنجي دوست بلوچ صحبت هيل تائين سنڌي ادب جي جهولي ۾ 29 بھترين ڪتابن جا تحفا ڏنا آهن. صحبت جو هي چوٿون سفرنامو آهي. سندس پھريون سفرنامو ”دادوءَ کان دبئي“ آهي جيڪو سال 2020ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سندس ٻيون سفرنامو ”نيپالي نينھن“ 2023ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ هن جو ٽيون سفرنامو”انڊونيشيا جو عشق“ بہ تازو ڇپجي چڪو آهي. هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتونlove of Malaysia“ توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ هن کان پوءِ ايندڙ سفرنامو ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ بہ تمام جلدي توهان جي هٿن ۾ هوندو.
صحبت جي شخصيت تي لکڻ لاءِ تہ گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو. ڇو تہ هن جي شخصيت گهڻ رخي آهي. هڪ تہ پاڻ پروفيشنل طور تي ناميارو وڪيل آهي، ٻيو تہ ڪھنہ مشق شاعر، بھترين ترجمي نگار ۽ دلچسپ سفرناما لکندڙ ليکڪ آهي. مان صحبت جي سڀني پاسن کي ڇڏي، توهان سان صحبت جي هن ڪتاب جي باري ۾ پنھنجا ويچار ونڊڻ چاهيان ٿو. مون هي سڄو ڪتاب هڪ ساهي ۾ پڙهيو آهي. هن ڪتاب جي باري ۾ مختلف اديبن، ڏاهن، ۽ ڏات ڌڻين لکيو آهي، جنھن مان هن ڪتاب جي اهميت چٽي طرح ظاهر ٿي بيھي ٿي. مان هن ڪتاب ۾ ڏنل معلومات تي وڌيڪ روشني وجهڻ چاهيان ٿو.
ملائيشيا جيڪو سياحت جي حوالي سان دنيا اندر ايترو تہ مشھور ٿي چڪو آهي جو هن وقت تائين سنڌ ۽ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن اندر رهندڙ ماڻھن ۾ هڪ خوبصورت مسلمان ملڪ جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. منھنجي ذاتي راءِ اها آهي تہ سنڌ جي سياحت کاتي جي عملدارن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ اهي سمورا اپاءَ وٺڻ گهرجن جيڪي هڪ برادر مسلمان ملڪ اندر حڪومت پاران پنھنجي رياست جي ترقيءَ ۽ عوام توڙي سياحن کي سھولتون ڏيڻ واسطي ورتا ويا آهن ۽ ورتا وڃن پيا. اها ڳالھہ آءُ يقين سان لکان پيو تہ مون سميت سموري سنڌي عوام سنڌ جي ترقي، امن، خوشحالي جا خواهشمند آهن.
پياري دوست صحبت جنھن دلچسپ انداز سان ھي سفرنامو تحرير ڪيو آهي، ان کي پڙهڻ سان هر ماڻھو اهو لطف، مزو هوبھو ائين ئي محسوس ڪندو جو ڄڻ تہ هو پاڻ ليکڪ سان گڏ ملائيشيا ۾ هجي ۽ هتان جي آرڪڊ هوٽل جي ماحول جو مزو وٺندو هجي. ان کان پوءِ ڪرنسي جي معلومات ڏيڻ سان گڏ اتان جي ٽرانسپورٽ سسٽم، لوڪيشن، ٽريفڪ جو آهستي آهستي، ٻلي پير هلڻ جا خوبصورت منظر اُنھن جو نظارو ڪندي حقيقت نگاري ۽ جنھن خوبصورت انداز سان ماڳن مڪانن جي تاريخي حيثيت تي روشني وجهي اهڙو تہ ماحول پيدا ڪري ٿو جو پڙهندڙ جي ان مھل من اندر هڪ خواهش جنم وٺي ٿي تہ هن سڄي سفرنامي کي هڪ ساهي ۾ پورو ڪجي ۽ صحبت جي اک سان انھن ماڳن جو نظارو ڪجي. واڪنگ اسٽريٽس کان واڪ ڪندا، چائنا مال Sungai wang mall مان شاپنگ ڪرڻ کان علاوہ اتان جا جڳ مشھور پيٽروناس ٽاور ۽ اُتان جي ڦوٽوگرافرن جي هڪ هٽي بہ واھہ جو بيان ٿيل آهي. هنن ٽئن ٽاورز جي ذڪر بنا هي سفر نامڪمل آهي.
يقينن هن سفرنامي کان اڳ مونکي پيٽرونس ٽاور جي ايڏي خبر نہ هئي پر جڏهن صحبت جي هن سفرنامي ۾ اُنھن پيٽرونس ٽاور جي باري ۾ پڙهيو تہ دل ۾ خواھش جنم ورتو تہ هي ٽاور هڪ دفعو زندگي ۾ ضرور ڏسڻ کپي!
پڙهندي پڙهندي مونکي ليکڪ جي هن ”ملائيشيا جو محبتون“ جي سفرنامي وڌيڪ ان مھل متاثر ڪيو جڏهن مون تاريخي مندر باتو ڪيو جي بابت پڙهيو، هن مندر جي باري ۾ پڙهندي ذھن سنڌ جي تاريخي ۽ خوبصورت مندرن ڏانھن هليو وڃي ٿو ۽ سوچڻ لڳو تہ اسان وٽ تاريخ جا تمام پراڻا مندر آهن جيئن مڪلي مندر، شري پنچ مُکِي، ساڌ ٻيلو، روهڙي وارو ڪالي ماتا مندر، ڪراچي وارو سوامي نارائڻ مندر، گرو مندر ۽ ٻيا سنڌ ۾ هزارين مندر آهن. جن کي هندو ڀائر پنھنجي مدد پاڻ تحت مينٽين ڪيو پيا اچين، ڪي تہ بند بہ ٿي ويا. ڪٿي ڪٿي اسان جي ذهني ڪمزور ماڻھن انھن تاريخي ماڳن، مڪانن کي پڻ نقصان پھچايو آهي. سنڌ جي سياحت کاتي جي عملدارن پاران ڪوششون وٺي اتي ملڪي، غير ملڪي سياحن لاءِ اهڙيون تہ سھولتون، عبادت گاهون، تفريحي رونقون بحال ڪيون وڃن، جو دنيا جي شوقين سياحن جو هن پاسي بہ لاڙو ٿئي، تاريخي ماڳن جي اهميت اجاگر ٿئي ۽ اتان جي لوڪل ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿي سگهن ۽ سنڌ سکي ستائبي ٿئي.
ليکڪ هن ڪتاب ۾ باتو ڪيوَ battu caveجو ذڪر پڻ ڪيو آهي، جنھن جا حسين نظارا، مندر جي مورتي سان گڏو گڏ اُنھن مورتين، مجسمن، ديوتائن ۽ اُنھن ماڳن ۽ مڪانن جي اڏاوت، تعمير، ڪاريگري، ڪاشيگري، اهو ٻڌائي تہ هي شاهڪار مجسما تاريخي جو اڻٽٽ حصو آهن. انھن جي باري ۾ پڙهندي دل سٽ کاڌي تہ هينئر ئي هينئر انڊونيشيا جي ٽڪيٽ ڪٽرائي وڃي اهي سڀ نظارا ڏسي اچان جن جو صحبت ذڪر ڪيو آهي. ڪاش! ائين ٿئي ها.
ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھر جو نظام ۽ اهم ڳالھہ اتان جا مندر، مسجدون جنھن مان ثابت ٿئي ٿو اتان جا حڪمران ۽ عوام رواداري، ڀائچاري، امن جا پيروڪار آهن. جنھن ۾ ليکڪ جنھن طريقي سان هن ملڪ جي باري ۾ لکيو آهي اُن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ قوم ۽ وطن خاطر هتان جي حڪمرانن جون خدمتون غير معمولي آهن. آءُ ذاتي طور تي ملائيشيا جي حڪمرانن مھاتيِر محمد ۽ انور ابراهيم جو مداح آهيان، ڇاڪاڻ تہ ملائيشيا اڄ جتي آهي اها هن عظيم اڳواڻن جي خوابن جي تعبير، انھن جي اڻٿڪ جدوجھد، محنت، ايمانداري جو پگهر ۽ انيڪ قربانيون شامل آهي. ڪاش سنڌ جي حڪمرانن ۾ بہ مھاتير محمد جھڙيون خوبيون هجن ۽ سنڌ بہ ملائيشيا جيان دنيا جي نقشي تي اڀري اچي.
جيڪي بہ ماڻھو ملائيشيا گهمڻ جا خواهشمند آهن، ليکڪ انھن لاءِ اهي سموريون معلوماتي ڳالھيون هن ڪتاب ۾ پڻ لکيون آهن تہ جيئن کين هتي ڪنھن بہ مشڪلات سان منھن نہ ڏيڻو پئي. هن جديد دور ۾ جتي هر ماڻھو مختلف ملڪ گهمڻ يا اتي روزگار حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، انھن کي هڪ ڳالھہ ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ پنھنجي ملڪ کان ڪنھن بہ ٻئي ملڪ سفر ڪرڻ کان اڳ اتان جي ڪلچر، تاريخ، ٻولي، رهڻي ڪھڻي، سستي سفر، کاڌ خوراڪ، صحت، امن امان جي حالتن، مشھور ماڳن، روزگار حاصل ڪرڻ جي طور طريقن سميت سموري معلومات حاصل ڪرڻ بعد ئي سفر ڪرڻ گهرجي.
صحبت جو هي سفرنامو هر لحاظ کان پڙهڻ جھڙو آهي. خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي هي سفرناو ضرور پڙهڻ گهرجي. اڳ ۾ اهو چيو ويندو هو تہ سفرناما لکندڙ ليکڪن جي کوٽ آهي. ڇو تہ مشھور ليکڪ محترم الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ بدر ابڙو کان علاوہ ٻين ليکڪن تنوير عباسي، قربان منگي، آفتاب ميمڻ، آغا ثنا ﷲ خان، اسحاق انصاري جا بہ بھترين سفرناما آهن. انھن ليکڪن جي سفرنامن کي ڪنھن بہ ريت نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي. انھن سفرنامن سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف ۾ ڪافي خوبصورت ڪتابن جو اضافو ڪري هن سفرنامي واري صنف کي جياري اوج تي پھچايو آهي. ان سان گڏ مون کي اهو چوڻ جي اجازت ڏيو تہ صحبت جي مٿين سفرنامن پڻ اسان جو ڌيان ڇڪرايو آهي تہ سفرنامي جي صنف اڄ بہ پنھنجي اوج، عروج ۽ مستي ۾ آهي. اڄ بہ اسان جا دوست سائين الطاف شيخ جي ڏسيل راھہ تي هلندي، سفرنامن جي دنيا کي آباد ڪيو پيا اچن. جيڪا هڪ سٺي ڳالھہ آهي. ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ صحبت جا ٻيا اڳ ۾ آيل سفرناما اهو ڏس ڏين ٿا تہ صحبت کي پنھنجي ڌرتيءَ سان ڪيڏو چاھہ آهي. مان اميد ڪيان ٿو تہ صحبت جو قلم سنڌ ۽ سنڌ جي سونھن تي لکندو رهندو. ان سان گڏ پنھنجن نوجوان دوستن، شاگردن کي پڻ اها گذارش ڪندس تہ اهي سائنسي علم، شاعري، افسانن کان علاوہ بھترين سفرناما بہ ضرور پڙهن تہ جيئن انھن جي اندر ۾ ۾ اتساھہ جي چڻنگ پيدا ٿئي ۽ دنيا کي ڏسڻ/گهمڻ جو شوق جنم وٺي.
اصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪم،
سو سِسِنئان اَڳِرو، سندو دوسان دم،
هي هڏو ۽ چم، پِڪَ پريان جي نہ پڙي.
(سر سانڍڻ، عاشقن جو وڙ اصل نہ آهي. دوستن جي صحبت جو هڪ دم بہ سو سرن کان مٿي. پرينءُ جي سرڪيءَ سان، هي هڏن ۽ چم جو جسم مٽ نہ ٿو ٿي سگهي).
سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق
انجنيئر مسلم بڙدي
آمريڪا