سفرناما

ملائيشيا جون محبتون

ھي سفرنامو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.

Title Cover of book Malaysia Joon Muhbatoon

پُتراجايا اسڪوائر تي ريفريشمينٽ

پنڌ گهمندي گهمندي هاڻي اسان ٿڪجي پيا هياسين. مٿان اس بہ تکي ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري ٿورو ساهي پٽڻ جي غرض سان اتي ئي پارڪ جي ڪنڊ ۾ وڻن جي ڇانو هيٺان سيمينٽ جي ٺھيل سيٽن تي ويھي فروٽ کائڻ شروع ڪيوسين. مون نوٽ ڪيو تہ اسان جي سامھون هڪڙي ڊوم وين بيٺي هئي. هن جي پوئين پاسي کان ڊڪي کليل ۽ مٿي ٿيل هئي. هن وين جي پاسي ۾ بيٺل همراھہ برگر، بوتلون، جوسز ۽ ٻيو کائڻ پيئڻ جو سامان وغيرہ ان وين ۾ وجهي کپائي رهيو هو. هي همراھہ هن وين ۾ ئي پنھنجو روزگار ڪري پيو. ڇو تہ هي سياحن جي گهمڻ جي بھترين جاءِ هئي ۽ هن جي سٺي روزي ٿيندي هوندي.
هتي شام جو يقينن تمام گهڻي رش ٿيندي هوندي، ماڻھو فيملين سان هتي تفريح لاءِ ايندا هوندا. ڇو تہ هتي هڪ پاسي پُتراياجايا مسجد هئي تہ ٻئي پاسي وزيراعظم جي آفيس. ڏاڍي پرنور فضا ۽ رونق واري جاءِ هئي. ان کان علاوہ پتراياجايا ڍنڍ ۽ نباتاتي گارڊن علاوہ ٻيو گهڻو ڪجهہ گهمڻ لاءِ هيو. ان ڪري هنن ماڻھن جا چرندڙ ڦرندڙ گاڏا، گاڏيون، هنن جي روزي جو ذريعو هيا. مون کي سٽي ڪورٽ ڪراچي ياد اچي ويو، جتي اسٽامپ وينڊر پراڻي ختم ٿيل، بنان انجڻ جي سوزوڪي کي ڌڪي اچي ڪورٽ واري روڊ تي بيھاريندا آهن ۽ ان کي آفيس ڪري، ان ۾ اندر ٽائيپ رائيٽر رکي، درخواستون بہ لکندا آهن تہ وري مختلف دستاويز، قسم ناما، انڊرٽيڪنگ، نڪاح ناما، ضمانت ناما وغيرہ رکي کپائيندا آهن ۽ شام جو ان ساڳي ئي ختم ٿيل، بنان انجڻ جي سوزوڪي کي ڌڪي اچي ڊينسو هال واري عمارت جي احاطي ۾ بيھاريندا آهن. پر هتي ڳالھہ ٻي هئي. هتان جون سوزوڪيون ۽ وينون بلڪل نيون هيون ۽ هلندڙ /چالو حالت ۾ هيون. اسان فروٽ کائي، ان جو کلون ان ئي شاپر ۾ وجهي، اتي ئي پاسي ۾ پيل ڊسٽ بن ۾ اڇلي، پتراجايا ڍنڍ جي درشن لاءِ روانا ٿياسين.
پاڪستان ۾ هجون ها تہ اهي کلون روڊ تي اڇلائي ڇڏيون ها يا وري گهر جو ڪچرو گهٽي ۾ ئي اڇلائي اچون ٿا. منع ڪرڻ جي باوجود نہ مڙون ها. جتي منع ٿيل هوندو آهي تہ،”هتي ڪچرو نہ اڇلايو“ تہ اتي ئي وڃي ڪچرو اڇلائي اينداسين. جن ديوارن تي لکيل هوندو آهي تہ،”هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي“ تہ اتي ئي اڳٺ کولي پيشاب ڪنداسين، يا وري جتي لکيل هوندو آهي تہ No parking اتي ئي اچي ڪار يا گاڏي بيھاري هليا وينداسين. ان کان علاوہ ڪٿي جيڪڏهن No smoking لکيل هوندو آهي تہ اتي ئي سگريٽ ڪڍي، ڪش هڻي دونھان ڪڍنداسين. اسان سڀ ڪم ابتو ڪندا آهيون، اسان جي ماڻھن جي اها ڪني عادت ٺھي ويئي آهي. مجال آ جو اسان کي ڪنھن جي پرواھہ هجي. ڇو تہ اسان کي نہ چوڻ واروآهي نہ ئي ڪو آکڻ وارو. پر هتي جيڪڏهن ڪنھن روڊ تي توهان ڪچرو اڇلايو تہ توهان کي ڏنڊ جي ڳري رقم ادا ڪرڻ پوندي. ان ڪري هرڪو سڌو لڳو پيو هوندو آهي.