انڊين هوٽل ۾ رات جي ماني
هن هوٽل ۾ ڪافي رش هئي ۽ جنھن مان اندازو ٿيو پئي تہ هن هوٽل جي ماني سٺي هوندي. پاڻ ڪرسين تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳاسين تہ ڪو بيرو اچي آرڊر وٺي پر هتي اهو طريقو رائج الوقت نہ هيو. سو جاني اٿي پيو ۽ وڃي ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ کان طريقو پڇڻ لڳو. جنھن تي هن ٻڌايو تہ توهان جنھن ٽيبل تي ويٺا آهيو، ان جو توهان کي هڪڙو ڊجيٽل ٽوڪن اشو ڪيو ويندو. ان کان پوءِ توهان کي جيڪا بہ ڊش کپي اها هن لائين ۾ بيھي پنھنجن پليٽن ۾ وٺڻي پوندي ۽ آخر ۾ هن ڪائونٽر تي اوهان جا ورتل سڀ کاڌا توهان جي ٽوڪن ۾ جوڙ ڪيا ويندا. ان ۾ چپاتي، نان، جوس يا بوتل وغيرہ شامل نہ آهن. ان لاءِ توهان وٽ ٽيبل جو بيرو ايندو جيڪو توهان جو ٽوڪن کڻي توهان جي ضرورت جون شيون کڻي اچي توهان کي ڏيندو ۽ بل ان ٽوڪن ۾ ايڊ ڪرائي ايندو. هي عجيب طريقو ڏسي پھرئين تہ بک ئي ختم ٿي ويئي. جيسين ماني اچي، تيسين پيا هڪ ٻئي کي ڏسون. سو، خير ماني ٿوري دير کان پوءِ ٽيبل تي لڳي ويئي.
گرم گرم چپاتيون، تازا گارلڪ نان، لذيذ سبزي جو ٻوڙ وغيرہ مطلب تہ ائين لڳو تہ ماني تازي آهي ۽ ان جي ذائقي ۾ پڻ لذت آهي. سو هن هوٽل جو ماحول بہ اسان کي وڻيو. چوڌاري کليل هي هوٽل اسان جي شھر جي ٻھراڙين وارين هوٽلن جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. ماني کان پوءِ جاني جوس جو آرڊر ڏنو. جنھن ۾ پائين ايپل جو جوس سڀني کي وڻيو. اهڙي ريت ماني جو مزو وٺي، بل ادا ڪرڻ لاءِ جاني بيري کي ٽيبل تي سڏ ڪيو، هي بيرا يا مالڪ اردو ٻولي ڳالھائي رهيا هيا. جن مان اڪثريت بنگالي ۽ انڊين جي هئي. بيري ڊجيٽل ٽوڪن جاني کان وٺي، ٿوري دير ۾ بل جي پرنٽ ڪڍي جاني کي هٿ ۾ ڏني. هن وٽ بل واري مشين هٿ ۾ ئي هئي، جيڪو تمام جديد طريقيقار هيو. بل تي جاني نظر وجهڻ کان پوءِ چيو تہ،”مار ايترو بل.“ جنھن تي ڊاڪٽر جو ڌيان موبائيل مان هڪدم هٽي جاني ڏي هليو ويو. چيائين،” ايڏو وڏو بل آ ڇا.“ جنھن تي جاني چيو،”نہ نہ، مذاق پئي ڪيو، مناسب بل آ، انڊونيشيا جي انڊين هوٽل جي حساب سان اڌ جيترو هيو.“ ڊاڪٽر چيو تہ، ”اسان جو تہ ساھہ ئي نڪري ويو هو، اهڙي مذاق ڪبي آ.“ ان تي سڀني کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو.
اهو ارادو ڪيوسين تہ هڪدفعو ناشتو يا منجهند جي ماني کائڻ لاءِ وري ٻيھر هن هوٽل ۾ ضرور اينداسين. سو اتان کان ئي ساڳيو رستو وٺي پنڌ گهمندا ڦرندا، واپس هوٽل ڏي ورياسين.
صبح جي ناشتي ۾ دوستن کي نج کير واري چانھہ، انڊا، اڦراٺا، انڊو آمليٽ يا ڇولا نہ مليا ها، ان ڪري انھن جو ناشتو انھن جي خواهشن مطابق نہ ٿي سگهيو هو. سو دوست ان خيال جا هيا تہ ڇو نہ هوٽل ۾ پنھنجو ناشتو پاڻ ئي تيار ڪجي. ان خيال سان ئي واپسي مھل ايندي رستي تي پوندڙ اسٽور کان کير، بريڊ، جيم، پتي ۽ ٻيو ناشتي جو ضروري سامان وٺي، اڳ ۾ ئي کائڻ جي تياري ڪري اچي پنھنجي هوٽل جي آرامدہ بسترن تي ليٽي پياسين. سو ننڊ سگهو ئي اسان جي وجود کي وڪوڙي ويئي ۽ روح کي جسم کان ڌار ڪري، اسان کي ٽئن ٽاورن جي موهيندڙ ماحول ۾ کڻي ويئي ۽ اسان ان جي عشق جي آغوش ۾ اهلجي پياسين.