سفرناما

ملائيشيا جون محبتون

ھي سفرنامو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.

Title Cover of book Malaysia Joon Muhbatoon

موسيقي ۽ مٺائي جو مزو

نيٺ ڀڄندي دوستن تائين پھتس. هاڻي منھنجا دوست هڪڙي چوراهي وٽ اچي بيھي رهيا هيا. هن چوراهي تي نوجوانن جو هڪڙو ميوزيڪل بينڊ موسيقي جي سُرن کي ڇيڙڻ لاءِ پنھنجا طبلا باجا، تيار ڪري رهيا هيا ۽ ٿوري دير ۾ ئي انھن ميوزڪ جو شو شروع ڪيو ۽ موسيقي جو مڌر آواز ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. هي نوجوان ڪنھن عربي ڌن تي ڪو ملئي گانو ڳانو رهيا هيا. ماڻھن جو انبوھہ گڏ ٿي ويو هو. ميوزڪيل بينڊ کي داد ملي رهيو هيو. اسانجي بہ دل چيو تہ هن موسيقي جو مزو مٺائي سان مڪس ڪري وٺجي تہ واھہ جو مزو اچي ويندو.
پاڻ جتي بيٺا هياسين، اهو مين روڊ سان چوراهو هيو. اسان ان ئي چوراهي جي ڪنڊ وٺي ويھي رهياسين. اسان جيان ڪيترائي ماڻھو اتي ويھي موسيقي جو مزو ماڻي رهيا هيا. جاني پيڪيٽ کولي سڀني دوستن کي مٺائي جو مزو چکرايو. واقعي هي مٺائي تازي، کائڻ ۾ مزيدار، لذيذ ۽ اسان واري مٺائي کان گهڻي قدر بھتر هئي. ڇو تہ هن ۾ گيھہ يا تيل جو نالو نشان نہ هيو. خشڪ/سڪل قسم جي مٺائي پنھنجو الڳ معيار رکي پئي. ترڪش مٺائي جي خاصيت اها آهي تہ تمام گهٽ مٺي هوندي آهي ۽ اسان جي علائقي وارين مٺائين کان بلڪل مختلف هوندي آهي ۽ اڪثر ڪري ڪَتل جو گهڻو استعمال ڪيل هوندو آهي. دل چئي پئي تہ ٻيجل لاءِ بہ هتان مٺائي وٺي وڃان، پر سفر، پنڌ، سامان جي گهل گهلان، وري مٿان ٿائيلينڊ جو سفر، اهو سوچي تہ مٺائي کي ڪٿي ڪٿي پيا رلائيندا وتنداسين، هتي ئي خراب ٿي ويندي. ان ڪري اهو خيال ئي ذهن جي دنيا تان ٽاري ڇڏيو.
اتان پنڌ ڪندا، ڪولالمپر سٽي سينٽر (KLCC ) جي وچان ڪراس ڪري ٽئن ٽاور ڏانھن وڌڻ لڳاسين. اصل ۾ جيڪو بہ سياح ملائيشيا گهمڻ اچي ٿو، ان سياح جي دلي خواهش هوندي آهي تہ هو ”ٽئن ٽاور“ يا پيٽرونس ٽاورز جو درشن ضرور ڪري. سو اسان بہ ٽئن ٽاور جي سڪ سيني سان سانڍي پاڪستان کان نڪتا هياسين. هاڻي ٽئن ٽاور اسان جي ويجهي ئي هيو. ائين لڳي پيو تہ ٽئن ٽاور وارا هي ٻيئي جاڙا ڀائر اسان کي پڪاري رهيا آهن ۽ سڏ ڪندي چئي رهيا آهن تہ،”منھنجا دوستو! اچو اچو، مان توهان جي اوسيئڙي ۾ پاڻ کي سينگاري ڇڏيو آهي. توهان سياحن جو درشن ئي منھنجي زندگي آهي ۽ منھنجي بقا ئي توهان جي ديد ۾ آهي.“