اسڪاءِ ڪسينو Sky Casino
هن ڪسيني ۾ داخل ٿيڻ مھل مک گيٽ تي ايترا سيڪيورٽي گارڊ بيٺل ڏسي مون کي حيرت ٿي تہ هيتري نفري ڇا جي لاءِ آهي. اهو سڀ اسان جي حفاظت لاءِ هيو تہ ڪو بدمعاش نشي ۾ ڌت ٿي متان ڪنھن سياح کي ڇيھو نہ رسائي. خير سيڪيورٽي چيڪ اپ کان فارغ ٿي، ڪسيني ۾ اندر داخل ٿيندي ئي سگريٽن ۽ وسڪي جي خوشبو ڀليڪار ڪندي اسان جي آجيان ڪندي چوڻ لڳي،”منھنجا مترو! ڀلي آيو“. تقريبن هر گيم ۾ رانديگر پنھنجي قسمت آزمائي رهيا هيا. ڪا بہ ڪمپيٽر گيم يا مينيوئل گيم واري ڪرسي خالي نظر نہ آئي. هر گيم ۾ جوارين جي رش لڳل هئي مطلب تہ ڪو بہ واندو نہ هيو. هر ڪو پنھنجي ڌنڌي سان لڳل هيو. يقينن ڪو راند هارائيندو هوندو تہ ڪو کٽيندو هوندو، ڪنھن کي پئسا ملندا هوندا تہ ڪو وري ڏيندو هوندو. اهو تہ جوا جو دستور آهي. سو مون کي انھن جوارين جي چھرن مان ئي اندازو ٿي ويو هو تہ ڪنھن هارايو ۽ ڪنھن کٽيو. ڇو تہ انھن جوارين مان ڪي کلي خوش ٿي رهيا هيا تہ ڪي اداسي ۾ اداس هيا.
ڪمپيوٽر تي ڪيترائي ماڻھو ڪيتريون ئي مختلف رانديون ڪُڏي رهيا هيا. راند ۾ مشغول رانديگر سگريٽ ڇڪڻ سان گڏ انگورن جي پاڻيءَ مان بہ لطف اندوز ٿي رهيا هيا. دنيا جو عجيب چرخو هو هتي. هر طرف پئسن جي راند هئي. ان مان اهو تاثر جڙي رهيو هو،”وٺ رينگٽ کي.“ سو رينگٽ اسان کان زور هيو. پاڻ مختلف جاين تي گهمندا ڦرندا اڳتي وڌي رهيا هياسين. مون جاني کي چيو تہ،”جاني پاڻ بہ هڪڙي راند کيڏي سگهون ٿا.“
جاني پڇيو،”سائين ڪھڙي.“
وراڻيم،” نَوَ ٽِڻ.“
کلي چيائين،”نہ سائين اها راند هتي ڪونھي.“
وري چيم،”ڀلا اٽي ڏڪر.“
چيائين،”نہ سائين اها بہ ناهي هتي.“
ٻيھر چيم،”ڀلا چيدا (بلور).
ٽھڪ ڏيئي چيائين،”نہ سائين انھن راندين سان هنن جو ڪو بہ تعلق ڪونھي.“
آخر ۾ چيم،” ڀلا لڪ لڪوٽي يا ڪوڏي ڪوڏي.“
چيائين،” سائين توهان ڪھڙي دور جون ڳالھيون ٿا ڪيو، هتي اهڙي قسم جي ڪا بہ راند نہ کيڏي ويندي آهي.“
مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، چيم،”باقي هي گيمون اسان جي ڪھڙي ڪم جون، هتي تہ بيھڻ ئي بيڪار آهي، اچو تہ هلون هتان.“
سو پاڻ ائين مزاڪ مستي ڪندا اتان ٻاهر نڪري آياسين.