لکان لکي نہ سگهان: عبدالرحمٰن پيرزادو
حميد سومرو جنھن جو چوڻ آھي تہ ٿائرآئڊ جي روڳ سبب سندس يادگيريون ميسارجي ويون آھن ان ھي ۱۸۷ صفحن تي مشتمل جيڪو پنھنجي ساروڻين جو پھريون حصو لکيو آھي ان کي پڙھندي مونکي الاجي ڇو ايئن لڳو تہ کانئس مون سان لاڳاپيل ڳالھيون ڪجهہ وڌيڪ وسريون آھن، جن ۾ مونکي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪجهہ ڳالھيون اڌوريون ڇو ڪيون اٿس جيئن ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ المعروف ٻلھڙيجيءَ وارو ساليانو ڪنوينشن جنھن جو سڄو بندوبست ۽ ميزباني مون ڪئي ھئي پر حميد ان جو ذڪر ئي ڪونھي ڪيو، شايد وسري ويو اتس. سن۱۹۷۸ع ۾ جناح باغ لاڙڪاڻي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سن۱۹۵۴ع کانپوءِ پھرين عام جلسي ۾ مان اسٽيج سيڪريٽري ھيس پر ان جو بہ ڪٿي ذڪر ئي ڪونھي. ھدايت منگيءَ جي اغوا ٿيڻ جو سربستو احوال لکيل آھي جنھن کي اسان جي ڪمري ۱/۱ جي ايم سيد ھاسٽل جو ڪمرو نمبر ھڪ تان جيئي سنڌ ڊگري ڪاليج وارن اغوا ڪيو. ھدايت منگي ان ڪمري تي انڪري آيو ھيو جو مان ان وقت سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا شاخ جو سيڪريٽري ھيس ۽ ان ڏينھن ھدايت جو ليڪچر رکيل ھيو. لالي نديم جي فون جو واقعو ان وقت ٿيو ھو جڏھن اسان مخدوم بلاول ھاسٽل جي ٽئين نمر ڪمري ۾ رھندا ھئاسين ۽ لالو چوٿين نمبر ڪمري ۾ رھندو ھيو، انھن ڏينھن ۾ مون ۳/۳ ۾ ڪمري ۾ اندر فون رکي ھئي ۽ اتي لالي جي گرلس ھاسٽل مئون فون آئي ھئي.
خير حميد جون يادگيريون آھن، مونکي جيترو ياد ڪيو اٿئين اھا بہ سندس وڏائي آھي، نہ تہ مون جھڙي اتامري ڪردار کي ڪير ڀلا ڇو ياد رکي.
ڳالھہ حميد جي ڪتاب جي ڪرڻي ھئي پر مان وري پنھنجا ڏکڙا کڻي ويھي رھيس.
ڪجهہ پروفائيل جن ۾ زليخان گنب، بشير ٿھيم جو وڇوڙوـ جوهي جي هڪ عھد جي پڄاڻي، شينھن رند، سائين بخش رند، سليمان رند شامل آھن.
ڪتاب جي ترتيب ۾ حميد پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون شروعات ڪئي آھي جيڪو ستن صفحن تي مشتمل آھي، انھي ڳوٺ ۾ ڊکڻن جو ويڙهو چار صفحا، سندس گهر بعنوان حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو گهر ۹ صفحا، پنھنجي والد صاحب تي بعنوان بابو حاجي ﷲ بخش ڊکڻ چار صفحا،، جوهي جي شاھي بازار تي ٻاويھہ صفحا، استاد جي مار ۽ پيار جي تڪرار تي پنج صفحا، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي تي ۲۲ صفحا، جيل جون يادون۱۳ صفحا،هاءِ اسڪول جوهي کان دادو ڪاليج نئين سفر ۶ صفحا،چانڊڪا ميڊڪل ڪاليج لاڙڪاڻو چوٽيھن صفحن تي پکيڙيل آھي جنھن ۾ وري منھنجا ڪلاس فيلوز ڪلاس جا کلاڙي، پڙھاڪو، فنڪار، سياسي ڪارڪن، ذوالفقار علي ڀٽي جي پھرين ورسي، نظير عباسي جي شھادت، ڊِي ايس ايف جي تنظيم سازي، ھارون اورڪزئي، جوھي نوجوان تتنظيم، ايم ار ڊي جي تحريڪ، جلوس ۽ گرفتاري، ھدايت منگي جو اغوا ۽ ايڪشن ڪميٽي، سنڌ ھاري ڪميٽي، لاڙڪاڻي جو پارٽي سيل ۽ ادارا، چانڊڪا يونٽ جي الوداعي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ، اقليتي گروپ ۽ قومي انقلابي پارٽيءَ بابت احوال شامل آھي.
عبدالوھاب نديم عرف لالي عمران جي اوچتي وڇوڙي تي ھڪ تاثر جنھن جو عنوان آھي، زندگي جي درد ڪٿا؛ ان ۾ وري چانڊڪا جي مختلف ھاسٽلن جون بہ ساروڻيون ورجائجن ٿيون جن ۾ شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو، جي ايم سيد هاسٽل جي ٽاپ فلور جو آخري ڪمرو، ھڪ نمبر ڪمرو، مخدوم بلاول هاسٽل نمبر ٿري جو ڪمرو نمبر ٿري، هائوس آفيسر ڪالوني بلاڪ سي جو ڪوارٽر، شامل آھن.
ڪجهہ خاڪا جن ۾ اڪبر جسڪاڻي، ارباب کھاوڙ ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي، رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽي شامل آھن.
پنھنجي ڳوٺ جو ذڪر ڪندي حميد جڏھن سرائين جو ذڪر ڪيو آھي تہ ھن سنڌ ۾ مروج غلط العام جو سھارو ورتو آھي. ھاڻوڪي پاڪستان جي سنڌ وحدت وارن علائقن ۾ مغلن جي ڪارندن طور ڪلھوڙن جي تعيناتيءَ ۾ قائم حڪومتي بندوبست ۾ امن امان جو سربراھہ شاھ، تعليم جو آخوند، روينيو جو ديوان، ڳوٺن ۾ سياسي سربراھہ وڏيرو، ڪاروباري قافلن جي رھائش راءِ رياستي بندوبست سراءِ جو منتظم سرائي ۽ انصاف جي فراھميءَ لاءِ قاضي ھوندو ھيو. اھي سڀئي منصبدار جنھن بندوبست تحت ڪم ڪندا ھئا اھو نائين يا ڏھين عيسوي صديءَ کئون مختلف ھنڌين ھلندڙ منصبداري نظام ھيو جنھن ۾ منصبدارن کي سندن ذميواريءَ آڌار ذات مطلب اجوري جي شرح جيئن ھاڻوڪو پي اسڪيل ٿئي ٿو؛ عطا ٿيندي ھئي. انھن منصبدارن مئون سرائيءَ کي واپاري مرڪز يا لنگهہ تي سَراءِ جوڙائي ان جو بندوبست ڪرڻو ھوندو ھيو جيئن واپاري قافلن کي رھائش جي جوڳي سھولت ميسر ھجي، اھو رياست جو بندوبست ھيو جنھن کي ھلائڻ مطلب جاءِ، ماني ٽڪي، قافلن جي وھٽن لاءِ پاڻي، گاھہ پٺو ۽ خدمت ڪندڙ مقرر ڪرڻ لاءِ تعينات ٿيل شخص يـ جنھن کي سرائي چئبو ھو، کي ٻنيءَ جو ٽڪرو مليل ھوندو ھيو. مونکي تعجب لڳو تہ سنڌ ۾ شاھہ ھجن يا سرائي سڀ غيرمقامي آھن. جيڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو مقامي آھي بہ تہ اھو پنھنجي اصلوڪي رھائش کئون پري مقرر ٿيل آھي. ساڳي ريت باقي منصبدارن کي بہ زرعي ايراضيون يا ٻنيون مليل ھونديون ھيون ۽ انھن کي اوتاڪ جنھن کي آفيس چئجي قائم ڪرڻي ھوندي ھئي.
ھي اھو موضوع آھي جنھن تي سنڌيولاجيءَ کي تحقيق ڪري تاريخ درست ڪرڻ گهرجي. جيڪڏھن اسان ايئن نہ ڪيو تہ سڀاڻي حميد جي ھن ڪتاب سميت الاجي ڪيترا ڪتاب ھوندا جن ۾ اھو غلط العام درج ھوندي ۽ اھي وري حوالو ٿي ڪم ايندا. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جيڪا سنڌي ٻولي اختياري، ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جو ھڪ دستاويز آھي ان ۾ سرائيءَ متعلق ڪجهہ ھيئن داخلا آھي ''سرائي1 (ذات): ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ سرائي جي معنيٰ ’سري جو رهاڪو، چڱو مڙس ۽ مانائتو‘ ڄاڻائي آهي. محمد شبير احمد پنھنجي ڪتاب ’سرائڪي زبان‘ ۾ لکي ٿو تہ، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي اترئين خطي (سري) جا ماڻھو ۽ ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻھو.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ، ”سنڌ ۾ ڪلھوڙا حاڪمن پنھنجي ڪن خاص خادمن کي، جيڪي غير بلوچ هئا، نمڪ حلالي ۽ بھترين ڪارڪردگيءَ جي بدلي ۾ جاگيرون ڏئي ’سرائي‘ جو لقب پڻ ڏنو.“
تاريخ ۾ سڀ کان پھرين ميان يار محمد خان ڪلھوڙي جي دور ۾ سرائين جو ذڪر ملي ٿو. ميان يار محمد وٽ ڪافي اترئين حصي مان سرائي اچي گڏ ٿيا، جن مان سرائي راڄو ليکي قابل ذڪر آهي. سرائي لقب ميان يار محمد ڪلھوڙي طرفان سڀ کان پھرين راڄو ليکي ۽ ان جي مٽن مائٽن کي عطا ڪيو ويو . ان کانپوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ ٽالپرن جي بہ دور ۾ معتبر ۽ قابل ماڻھن کي ’سرائي‘ جي لقب سان نوازيو ويندو هو، پر اڳتي هلي سرائي ذات طور پڻ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو.
’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙو ڄاڻائي ٿو تہ، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي سري جا ماڻھو يا ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻھو.“
ڀيرو مل مھرچند، گريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ايس. صادق علي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب ’سرائي‘ سنڌ جي اترئين حصي مان لڏي آيل ماڻھن کي چون ٿا ۽ انھن جي ٻولي ’سرائڪي‘ آهي. پراڻي دور ۾ سنڌ جو خطو بھاولپور، ديري غازي خان، ميانوالي ۽ ملتان تائين پکڙيل هو. اهي ماڻھو اتان لڏي اچي سنڌ ۾ ٿر ۽ سامونڊي ڪناري تي آباد ٿيا، جتي پاڻ کي سرائي سڏائڻ لڳا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هنن جا ۲۴ پاڙا لکيا آهن.
ايس. ايم. چنا موجب سرائي اصل ۾ جتن جو پاڙو آهي، جيڪي گُرداسپور ۽ سيالڪوٽ ۾ رهن ٿا. ڪجهہ ماڻھو ستلج جي مٿئين ۽ هيٺين پاسي جا بہ رهندڙ آهن. سيالڪوٽ وارا سرائي ڀٽي آهن. هنن سرائين ۽ ڪلھوڙن طرفان لقب ڏنل سرائيءَ ۾ ڪو بہ ڳانڍاپو ڪونہ آهي. جيمس ٽاڊ جي لکڻ موجب سرائي پنوار جت آهن، جيڪي اروڙ سلطنت دوران سنڌ ۾ رهندا هئا. اهي پاڻ ’صحر‘ بہ سڏائيندا هئا، يعني صحرا جا رهاڪو. گرداسپور وارا سرائي شيخ بہ سڏبا آهن، جيڪي سخي سرور جا پوئلڳ آهن.
سرائي راڄڻپور، ضلعي ديري غازي خان وارن ڪلھوڙن جو بہ لقب آهي، جيڪي ’ميان صاحب سرائي‘ ڪري سڏيا ويندا آهن. سنڌ ۾ سرائي لقب عام آهي.
ڀٽي راجپوت نسل جي هڪ ماڻھوءَ جو نالو ’سرائہ‘ هو، جيڪو حافظ آباد جو رهاڪو هو ۽ اهو پاڻ کي جٽ سڏرائيندو هو. سندس اولاد ’سرائن‘ سڏجي ٿو. سنڌ جا ماڻھو هنن کي سرائي جت چون ٿا.''
سرائي1 : (Sindhianaسنڌيانا) https://share.google/Wwg5Dat3I89a0wnR7
ھاڻوڪي پاڪستان جي وحدت پنجاب ۾ تہ سراءِ جي نالي سان شروع ٿيندڙ شھر آھن جيڪي وڏين تاريخي شاھراھن تي قائم آھن ۽ سرائي وسيب جو ھڪ الڳ داستان آھي. جيڪڏھن ٿورو ٿڌي دماغ سان ڏسئون تہ ساڳي ڳوٺ، شھر يا پاڙي ۾ ساڳي ذات برادريءَ جا سڀ ماڻھو سرائي ناھن سڏبا ڀلي اھي سرائڪي ٻولي ڇو نہ ڳالھائيندا ھجن پر انھي مغلن واري منصبدار جو پڳدار سرائي سڏبو آھي. اھو انڪري جو بيٺڪيت ايندي ايندي اھي سڀ منصبداري عھدا موروثي ٿي ويا ھئا ۽ ورھاڱي پڄاڻان طبقو.
خير!! اھو غلط العام وري الاجي ڪيڏانھن گهلي ويو. ادي عبدالحميد جي ڪتاب ڏي موٽئون تہ جيڪڏھن مان ايئن چوان تہ يادن جا ڇٽل ڦٽ ٻيھر اڊيڙي ساروڻيون لکڻ منھنجي لاءِ تہ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي پر جنھن سفارتي ٻوليءَ ۾ حميد پنھنجو يادگيريون لکيون آھن اھو جس لھڻي. ڳوٺ، گهر، پاڙو، والد صاحب، اسڪول، جوھي شھر، دادو ڪاليج، جيل، چانڊڪا ۽ وري فردن کي جنھن طريقي سان بيان ڪيو اٿس اھو انداز نہ رڳو پڙھڻ پر سکڻ لاءِ بہ ھڪ بھترين دستاويزي شڪل ۾ موجود آھي. کوڙن ڪردارن تي ڪک بہ رکيا اٿئين جن جا مان تہ نالا کڻڻ بہ پسند ڪونہ ڪندس.
مان چوندو آھيان تہ سنگت ۾ کنڌو ناھي رکبو ۽ حميد منھنجو سنگتي آھي. حميد سان شناسائي سن۱۹۸۰ع ۾ ٿي جڏھن مان چانڊڪا جي ٻئين سال ۾ پڙھندو ھيس، حميد نئون نئون چانڊڪا ۾ داخل ٿيو ھيو ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جو خواھشمند ھيو. اھا پھرين ملاقات مخدوم بلاول ھاسٽل جنھن کي ھاسٽل ٿري بہ چوندا ھئاسين جو پوئين ونگ ۾ شايد ۲۷ ڪمرو ھيو جنھن ۾ بخشل ۽ سليم رھندا ھيا. بعد ۾ جڏھن حميد شامل ٿيو تہ ان سان ڊيگهہ وڌي ۽ ان ۾ دوستيءَ جو دم سن۱۹۸۲ع ۾ پيو جڏھن مان سال وڃائي نہ رڳو حميد وارن جو ھم ڪلاسي ٿيم پر اسان کي جي ايم سيد ھاسٽل ۾ ڪمرو بہ ساڳو الاٽ ٿيو ۱/۱ جتي مان، حميد، لالو ۽ ارباب جوڻيجو رھندا ھياسين. ان کانپوءِ ۳/۳ ۽ ۶/۶ ۾ بہ ساڳي ڪمري ۾ رھياسين.ھائوس جاب ۾ جدا ٿياسين حميد سي ۵ ۽ مان اي ۳ ڪواٽر ۾ ھيم پر ھوندا سڄو ڏينھن گڏ ھياسين. حميد ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سن۱۹۸۳ع کئون عھديدار رھيو ۽ مان آواز. جلسي، جلوس ۾ تقرير ڪرڻي ھجي يا اسٽيج سيڪريٽري جي ذميواري، ايڪشن ڪميٽي يا ڪٿي انتظاميا سان مکا ميل اھو منھنجو ڪم ھيو جيستائين وڃي جمن باھوٽو تيار ٿيو.
حميد سان سن۱۹۸۰ع کئون رابطو اڄ سوڌو قائم رھيو مون جڏھن ڪووڊ ـ ۱۹ واري بوا دوران برقي اشاعت جو سعيو ڪيو تہ منھنجي ڪتابن جا مھاڳ حميد لکڻ شروع ڪيا ۽ مان حميد کي چوندو ھيم تہ جيئن شيخ اياز جي ڪتابن جا ابراھيم جويو مھاڳ لکندو ھيو تيئن تون منھنجو ابراھيم جويو آھين پر پوءِ انھن بلاگن واري ڪرت ۾ جڏھن مون تي ابراھيم جوئي جو اصل چھرو ظاھر ٿيو جنھن ۾ ھو ھڪ آبتي ڪردار ٿي منھنجي سامھون آيو تہ مون نہ رڳو حميد کي روبرو ٻڌايو تہ مون کان سَھَوَ ٿي پر ھاڻي لکت ۾ بہ معذرت ٿو ڪيان. اميد ٿو ڪريان تہ حميد جو ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿا، يادگيرين، ساروڻين جي عنوان ۾ ھڪ سٺو واڌارو ڳڻبو.