آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

ذوالفقار علي ڀٽي جي پھرين ورسي

ڪاليج ۾ منھنجي داخلا ٿيڻ جي ٿوري وقت ۾ ئي ڀٽي جي ورسي 4 اپريل اچڻ جو ڏينھن ھيو. ملڪ سميت لاڙڪاڻي ۾ ھيجان برپا ھيو. انھي صورتحال ۾ ڪاليج انتظاميہ ڪلاس ختم ڪري ڇڏيا. ڪافي ميسون بند ھيون ليڪن ڪينٽينون کليل ھيون. انھي ڪري ڪافي شاگرد ڳوٺ ھليا ويا تہ آءُ بہ جوھي وڃي پھتس. جوھي ۾ منھنجو يار اسماعيل کوسو بہ حيدرآباد کان آيل ھيو. ان وقت جوھي شھر ۾ بہ فوج جي چرپر وڌيل ھئي ۽ سياسي ڪارڪنن جي وٺ پڪڙ جاري ھئي. حسب عادت اسان شام جو بشير پنجابي جي ھوٽل تان چانھ پي نڪتاسين جن ۾ مون سان گڏ ستار ٻٻر، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي، حبيب ڪنگراڻي ۽ سائين بخش رند شامل ھيا. اسان پنھنجي مستي ۾ دادو روڊ وٺي پئي وياسين تہ رستي تي اريگيشن بنگلي تي فوج بيٺل نظر آئي سامھون پارڪ ۾ ھڪ فوجي آفيسر پنھنجي فيملي سان ويٺل نظر آيو. اسان ڇھئي دوست موج مستي ۾ کلندا ٽھڪ ڏيندا پئي وياسين عزيز ڪنگرڻي ۽ اسماعيل کوسو ڪنھن ڳالھ تي ٽڪريا تن ھڪٻئي خلاف نعرا پئي ھنيا. نائين شيخ کان واپسي تي جيئن انھي فوجي ڪيمپ وٽان لنگهياسين تہ ھڪ فوجي سپاھي اسان کي روڪي اشارو ڪري چيو ته، ھو صاحب توھان کي سڏي ٿو. اسان جو من مستي ۾ بہ ھيو فوج خلاف ڪاوڙ بہ ھئي نوان نوان سياست ۾ آياسين تہ بغاوت ڪجهہ سرس ھئي سو اسان چيو تہ اسان ڇو ھلون ۽ اسان ڪونہ ھلنداسين. فوجي سپاھي اسان کي قائل ڪرڻ چاھيو تہ صاحب توھان سان ڪجهہ ڳالھائڻ چاھي ٿو ان دوران مون کيس چيو تہ اسان ڪونہ ھلنداسين ۽ اسان ڪچھري ڪندا ٽھڪ ڏيندا کيس پوئتي ڇڏي آياسين. جڏھن اسان مختيارڪار آفيس وٽ پھتاسين تہ پويان اچانڪ فوجين جي ٽرڪ اچي ڪڙڪي ۽ پوءِ اسان مان ڪو ڪيڏانھن ڀڳو ڪو ڪيڏانھن ڀڳو. آءُ سائين سليمان لاشاري جي اسٽيشنري جي دوڪان ۾ وڃي بيھي رھيس ڄڻ تہ انھي واقعي جو مون سان ڪو تعلق ڪونہ ھيو. اسماعيل کوسي ۽ ستار ٻٻر کي مون کنڀجندي ڏٺو. ھئو مئو ٽري تہ مان بہ کڙين تي اچي زور ڏنو ۽ اچي گهر پھتس. ٿوري دير ۾ اسانجو عزيز ڊاڪٽر علي نوازسومرو اچي گهر پھتو جنھن ٻڌايو تہ توھان فوجين آڏو نعرا ھنيا آھن ۽ اريگيشن پارڪ ۾ ويٺل سندن عورتن تي ھُوٽنگ ڪئي آھي. توھانجي نالن جي خبر پئجي ويئي آھي سو ھل، توکي گهرايو اٿن باقي معاملي کي اسان سنڀالي وٺنداسين. مونکي اسڪوٽر تي چاڙھي اچي ڊاڪ بنگلي تي فوجين آڏو بيھاريائون. جتي جوھي جي بزرگن چاچو حاجي ميرل باھوٽو، دين محمد ٿھيم سميت ستار ٻٻر، سائين بخش رند، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي ۽ حبيب ڪنگراڻي ويٺل ھيا. فوجي آفيسر جيڪو شايد ميجر پئي لڳو تنھن اسان سڀني کي ڏٺو ۽ چيائين ڇوڪرا تہ ڇھ ئي پورا آھن ليڪن وڏن وارن وارو ڇوڪرو جنھن نعرا پئي ھنيا ۽ جنھن فوجي سان تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھيو اھو ڪٿي آھي. ھن اسانکي دٻڙاھٽ ڏني، آئيندہ احتياط ڪرڻ لاءِ چيو ۽ چيائين تہ ھنن معزز شھرين جي ضمانت تي توھان کي ڇڏجي ٿو آئيندہ اھڙي شڪايت آئي تہ جيل موڪلي ڇڏيندوسانو. ان دوران مون سوچيو پئي تہ وڏا وار تہ منھنجا آھن ۽ فوجي جي اصرار تي سندس آفيسر نہ ملڻ جو ضد بہ منھنجو ئي ھيو خبر ناھي ڇو ان وقت منھنجا وار کيس وڏا نظر نہ پئي آيا.
جڏھن فوج جي حوالات مان نڪري گهر واپس آيس تہ ڀٽي جي پھرين ورسي جو چوٻول ھيو ۽ انھي ورسي جي جلسي جي تيارين جي بي بي سي بہ رپورٽنگ ڪئي سو آءُ پڻ ٻئي ڏينھن ئي لاڙڪاڻي لاءِ نڪري پيس ۽ وڃي ڳڙھي خدابخش پھتس. جلسي لاءِ ماڻھن جي وڏي پيھ ھئي. ڳڙھي خدابخش ۾ جا بجا بئنر پوسٽر لڳل ھيا ۽ ميلي جو سمان ھيو، ھر طرف ضياءَ جي خلاف نعرا پئي لڳا. وڏو جلسو ٿيو جنھن ۾ پوري ملڪ خاص ڪري پنجاب مان جيالن جي ذات لٿل ھئي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيخ رفيق ۽ احترام الحق ٿانوي پڻ تقرير ڪئي. احترام الحق ٿانوي تقرير ڪندي، جيئن جنرل َضياءَ جو نالو ورتو تہ رڪجي چيائين تہ ھن معتبر ميڙ ۾ جنرل ضياءَ جھڙي منحوس جو نالو وٺڻ نہ گهرجي ھا ليڪن ڇا ڪجي ڪھڙي بہ پاڪ جاءِ ھجي ان ۾ بيت الخلا ضرور ھوندو آھي ائين ھن متبرڪ ميڙ ۾ ضياءَ الحق بہ آھي.