آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

ارباب کھاوڙ ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي

”پيارا ڀاءُ
اوھانجو خط Redirect ٿي مونکي مليو آھي. اوھان کي جيئن اڳئين خط جو جواب ڏنو ويو ھيو تيئن اوھان ڏانھن رسالن موڪلڻ جو پڪو سعيو ھوليڪن پوءِ شڪارپور اتان سيٺارجا اچڻ ڪري ائين نہ ٿي سگهيو ۽ اھڙي طرح اوھان جي ايڊريس بہ گم ٿي ويئي، ھاڻي جو اوھانجو وري خط مليو آھي تہ ڪوشش ڪري اوھان ڏانھن رسالا موڪليا ويندا. ستين ڪتاب جا في الحال امڪان ڪونہ آھن ڇاڪاڻ تہ پريس تيار ڪونہ ٿي ٿئي، اھا اسانجي مجبوري آھي. اوھانجي دلچسپي جو اسان کي احساس آھي. اميد تہ اوھان وطن دوست ٻار پڙھيو ھوندو. اوھين ڪراچي کانپوءِ نواز وارن سان رھيا ھئا تنھن جي بہ اسانکي خبر پئي ھئي. جڏھن قربان جسڪاڻي ڪجهہ سامان سان اوھان سان ملڻ آيو ھو تڏھن اوھان وري دادو پھچي ويا ھئا. اسانجي دلي تمنا آھي تہ اوھين ھميشہ خوش ھجو.

توھانجو
ارباب.

مٿيون سٽون ھڪ خط جو متن آھي جيڪو ھن وقت بہ منھنجي آڏو پيل آھي.
رسالي مان مراد ”وطن دوست “ پبليڪيشنز، جڏھن تہ نواز جو مطلب حق نواز جسڪاڻي آھي جيڪو تنھن وقت سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ھيو.

ھن خط تي ائڊريس، ” حميد سومرو معرفت حڪيم غلام قادر سومرو پوسٽ آفيس جوھي دادو ۽ تاريخ 21 مارچ 1979 “ لکيل آھي.
خط موڪليندڙ جو نالو، ”ارباب کھاوڙ پوسٽ آفيس سيٺارجا ضلع خيرپور ميرس “ لکيل آھي.
ھن خط کي ساروڻين ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد اھو آھي تہ منھنجي سرگرم تنظيمي سياست جي شروعات پروگريسو جيئي سنڌ/ وطن دوست سان ٿي، تنھن وقت وطن دوست وارا ائين رابطو رکندا ھيا توڙي جو وطن دوست ۾ منھنجو پڙاءُ ھڪ سال رھيو ليڪن مون جڏھن ھي ساروڻيون لکيل لاءِ پراڻا ڪاغذ ڦلھوريا تہ انھن ۾ نہ صرف ارباب کھاوڙ بلڪہ مظفر ڪلھوڙو، مرتضي کھڙو، ذوالفقار قاضي جا خط، خطن واري فائيل۾ پيل ھيا بلڪہ سکر سينٽرل جيل ۾ ڪجهہ عرصو ھم جيل ھجڻ واري ساٿي حق نواز جسڪاڻي جا اڌ ڊزن خط موجود ھيا. انھن خطن ۾ تمام وڏو ذخيرو ھمت پتافي جي خطن جو آھي جنھن ڪوٽڙي ڪاليج ۾ نوڪري دوران طويل خط لکي منھنجي سياسي، نظرياتي تربيت ڪئي. جڏھن مان 1981ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيس تہ باقي سنگت تہ خط و ڪتابت ختم ڪئي ليڪن اسماعيل کوسو جيڪو منھنجو بچپن جو دوست ھيو اھو وطن دوست ختم ٿيڻ تائين انھي سان سلھاڙيل رھيو تنھن سان خط وڪتابت کانپوءِ رابطہ ڪاري دوستي اڄ تائين جاري آھي. اسماعيل کوسي، ھمت پتافي، حق نواز جسڪاڻي، ذوالفقار قاضي جا تنظيمي، سياسي، نظرياتي موضوعن تي لکيل خط جيڪڏھن ترتيب ڏجن تہ ھڪ ڪتاب جيترو مواد ٿي ويندو.
وطن دوست انقلابي پارٽي جي سياسي اڀار جو عھد منھنجي سياسي سرگرمي جي عروج جو عھد بہ آھي جيڪو جنرل ضِاءَ جي مارشلا کان شروع ٿي ملڪ اندر سول دور جي واپسي سان ختم ٿئي ٿو. سنڌ جي مزاحمتي سياست ۾ وطن دوست جو اھم ڪردار آھي ۽ وطن دوست جي سياست وري ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي سياست جو حوالو آھي انڪري منھن جون ساروڻيون انھي موضوع جي تذڪري کانسواءِ اڌوريون ھونديون.
سال 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا اچڻ سان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ تنظيمي ڏڦيڙ پيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي فڪري قيادت، جيئي سنڌ جي مک اڳواڻ ۽ رسالي ”اڳتي قدم “ جي سھيڙيندڙ ضمير لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جنم ورتو. تنھن وقت ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊماسنٽريٽر طور پڙھائيندو ھيو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ اھو ڏڦيڙ تہ تنظيم ۾ طبقاتي سوال کي اھميت نہ ڏيڻ سان شروع ٿيو ليڪن جي ايم سيد پاران ضياءَ جي حمايت، جمھوري سوال کي اھميت نہ ڏيڻ جي صورت ۾ تڪرار بڻجي ظاھر ٿيو ۽ِ پوري جيئي سنڌ ۾ ڦھلجي ويو. تنھن وقت جوھي ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، اسماعيل کوسو ۽ مان فڪري طور تي جيئي سنڌ سان لاڳپيل ھياسون. انھي دوران اڪبر جسڪاڻي اسان جي گروپ جو مينٽور ھيو ۽ سندس واسطا ھمت پتافي، حق نواز جسڪاڻي، شمس صديقي سان پڻ ھيا جيڪي جيئي سنڌ جي باغي ڌڙي جي اڳواڻن ارباب کھاوڙ ۽ ضمير لاڙڪ سان گڏ ھيا. ضمير لاڙڪ انوقت جيئي سنڌ جو اھم رھنما ليکيو ويندو ھيو، سندس ادارت ھيٺ نڪرندڙرسالو ” اڳتي قدم “ قومي فڪر جي ترويج ڪندو ھيو. تن ڏينھن ۾ ضمير لاڙڪ سنڌ يونيورسٽي ۽ شمس صديقي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جا شاگرد ھيا جڏھن تہ انھي گروپ جو ھڪ اھم نظريہ دان ھمت پتافي ڪوٽڙي ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيو. 1978ع کان 1979 دوران شمس صديقي، مظفر ڪلھوڙو ۽ حق نواز جسڪاڻي جوھي پڻ ايندا رھيا. جيئي سنڌ مان بغاوت کانپوءِ ضمير لاڙڪ ۽ نواز جسڪاڻي جي ادارت ۾ ”وطن دوست“ نالي سلسليوار فڪري مخزن پڻ جاري ٿيو جنھن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي موضوعن ۽ شخصيتن تي انتھائي فڪرانگيز مواد شامل ھوندو ھيو. انھي رسالي ۾ ارباب کھاوڙ، ” ا. س. ناصر “، جي نالي سان مضمون لکندو ھيو. 1979ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪنوينشن ٿيو جنھن ۾ شمس صديقي چيئرمين جڏھن تہ مظفر ڪلھوڙو ۽ مرتضي کھڙو وائيس چيئرمين چونڊيا. شريف ٿھيم کي پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلع دادوجڏھن تہ مونکي گورنمينٽ ڪاليج دادو جو يونٽ آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. آڪٽوبر 1978ع ۾ شيرين سومرو جو ڪيس ٿيو جنھن ۾ احتجاج جي نتيجي ۾ آءُ گرفتار ٿي ھڪ سال سزا ڪاٽڻ لاءِ جيل ھليو ويس. لانڍي بورسٽل جيل ۾ قيد دوران سال 1978ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جا ساٿي فقير محمد لاشاري، صادق بڙدي ۽ سليمان چارڻ پڻ مون سان جيل ۾ ملڻ آيا.
پروگريسو جيئي سنڌ جيڪا شروع ۾ ڪجهہ پڙھيل لکيل نوجوانن تائين محدود ھئي اھا سنڌ ۾ 1880 تائين سنڌ اندر قابل ذڪر فڪري گروپ ”وطن دوست “ گروپ جي صورت ۾ سامھون اچي ويئي. 1980ع ۾ جڏھن عوامي تحريڪ ۾ ڦوٽ پئي تہ شيرخان لنڊ، عزيز ڪينجهرائي، محمد خان احمداڻي، ابراھيم سوھو، عبدالرحمان نقاش سميت ڪافي ڪارڪن پڻ انھي ڌر سان جڙي پيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ٽريڊ يونين تنظيم لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن جنھن عزيز عباسي، منظور اھير ۽ عبدالقادر ملگاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪم پئي ڪيو سا پڻ وطن دوست سان سلھاڙجي ويئي. تيسين وطن دوست پبليڪيشن جا ست پرچا نڪري چڪا ھيا جنھن ۾ شامل مواد سنڌ جي فڪري ڪچھرين، اسٽڊي سرڪلن ۾ بحث ھيٺ ايندو ھيو. انھي ۾ موجود مواد ذريعي، ” وطن دوست “ سنڌ، پاڪستان جي محنت ڪش طبقي جي سياست کي نئين زاويئي سان ڏسڻ جي دعوا ڪئي بلڪہ انھن پرچن ذريعي سنڌ جي سياسي پرت تي وڌيڪ عالم آشڪار ٿيو تہ گهانا جي انڪروما، گني بسائو جي ايملڪار ڪئبرال، ڪانگو جي پيٽرس لوممبا، جي جدوجھد جو فڪري محرڪ ڇا آھي ۽ موزمبيق، زمبابوي، انگولا سميت ڪينيا جي مائو مائو تحريڪ سميت آفريڪا جي جنگ آزادي ڪھڙي مرحلي تي آھي پڻ زبان تي عام ٿيو تہ ھند چيني ۾ ويٽنامي انقلاب، گوريلا تحريڪ جي قائد ھوچي منہ ۽ سندس نائب جنرل جياپ جي قيادت جو ڪردار ڪيئين غيرمعمولي آھي ۽ ڪمپوچيا ۾ سوشلزم جي نالي ۾ ”کيمرروج“ ۽ ”پول پاٽ“ جي آمرانہ، وحشيانہ طرز حڪمراني جي خاتمي لاءِ ويٽنام جي مداخلت کي ڪيئن مختلف نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي. انھي دوارن وطن دوست پبليڪيشنز جي پرچن سميت انھن جي ڪارڪنن ۽ قيادت پاران اپريل 1978ع جي ثور انقلاب ۾ خلق پرچم جهيڙي، ايران ۾ 1979ع کان پوءِ تودہ پارٽي، فدائين خلق ۽ مجاھدين خلق جي سياست ۽ حڪمت عملي تي زوردار بحث مباحثا ٿيندا ھيا. وطن دوست پاڪستان کي ھڪ جبري الحاق ظاھر ڪندي اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيسين جبري الحاق نٿو ٽٽي تيسين باقي حقن جو ملڻ مشڪل آھي، ان باوجود ملڪ اندر جاري حقن جي تحريڪن ۾ شرڪت کي ضروري قرار ڏنو. انھن بحثن جي نتيجي ۾ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف سنڌ ۾ نوجوانن جي ڀرپورمزاحمتي کيپ سياسي ميدان ۾ نڪري آئي. سال 1983ع ۾ ايم آرڊي ۾ شامل پارٽين فيصلو ڪيو تہ جنرل ضياءَ جي مارشلا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ پوري ملڪ جي مُک ۽ مقرر ڪيل شھرن ۽ جاين تي نعرا ھڻي صرف گرفتاريون ڏيڻيون آھن. انھي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ۽ انجي عورتن جو محاذ سنڌياڻي تحريڪ سرگرم ھئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پڻ پنھنجي کليل محاذن ذريعي شريڪ ھئي تہ وطن دوست انقلابي پارٽي جا ڪارڪن پڻ شريڪ ٿيا. انھي جدوجھد کي ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ مزاحمتي رنگ ڏيندي جلسا جلوس ريليون ڪڍيون ۽ گرفتاريون ٿيون جنھن ۾ وطن دوست جي دوستن جي قربانين جو ذڪر پڻ اچي ٿو. انھي عرصي ۾ پروگريسو جيئي سنڌ، يونيورسٽين ڪاليجن ۾ جيئي سنڌ کي ھٿيار جي استعمال جي جواب ۾ ھٿيار استعمال ڪندي چيلينج ڪيو. اھڙو خوفناڪ جهيڙو سپيريئر سائنس ڪاليج ۾ بہ ٿيو جنھن جي تسلسل ۾ شاھ لطيف ڪئمپس خيرپور ۾ جيئي سنڌ جي شاشو خانن کي زوردار ڪٽڪو ڪڍيو ويو جنھن ڪٽڪا ڪاري جي قيادت وطن دوست جي مزاحمتڪار ابراھيم سوھو پئي ڪئي. جيئي سنڌ لاءِ ھڪ عبرتناڪ واقعو مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ بہ ٿيو جتي جيئي سنڌ جي قبضي ھيٺ رھندڙ ھاسٽل تي پروگريسو جيئي سنڌ جي ھٿيار بند ڪارڪنن قبضو ڪيو . جڏھن تہ انھي کان اڳ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ھٿيار جي زور تي ڏاڍ ڪرڻ، ھاسٽلن تي قبضا ڪرڻ، ٻين تنظيمن جا جلسا ڦٽائڻ، ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن سان غنڊا گردي ۽ جهيڙيڪار روايت جا امين صرف جيئي سنڌ وارا ئي ھوندا ھيا. ان وقت ھٿيار جو نماءُ سپاف بہ ڪندي ھئي. ليڪن ٽين ڌر جنھن ھٿيار کڻي جيئي سنڌ سان تعليمي ادارن ۾ مھاڏو اٽڪايو اھا پروگريسو جيئي سنڌ ھئي. 1983ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ، وطن دوست جو نوجوانن، سندن مزدور محاذ رومڙ ڪري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انکي مزاحمتي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن سبب سندس سياسي ڪارڪنن جو مورال بلند ٿيو ۽ سياست ۾ کين مڃتا ملي ائين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ھٿيار جي سياست خلاف ھٿيار بند مزاحمت پڻ ڪاليجن يونيورسٽين ۾ شاگردن نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ڪيو ۽ سياسي ڪيڊر جي پروگريسو جيئي سنڌ سان جڙت ۾ اضافو ٿيو. ڪاليجن يونيورسٽين ۾ پروگريسو جئي سنڌ جي اھڙي مزاحمتي عمل ۾ مزدور محاذ جا نوجوان پڻ شانہ بشانہ پنھنجي ساٿين سان ٻٽ رھيا. سنڌوطن دوست انقلابي پارٽي جي فيصلہ ساز اداري 1982ع ۾ ڊفينس ڪميٽي جوڙي انقلابي سياست کي سگه وٺرائن لاءِ پئسو گڏ ڪرڻ لاءِ وارداتون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنھن جو ھڪ نتيجو وطن دوست اندر ڏوھاري عنصر جا پير کوڙڻ جي صورت ۾ ظاھر ٿيو. انھي عنصر جي شموليت، ھٿيار کڻڻ انھي جي نماءَ سان وطن دوست جي سڃاڻ ھڪ عرصي لاءِ ھڪ مزاحمتي عنصر طور تہ ٿي ليڪن آھستي آھسٽي ڏوھاري عنصر پنھنجي من ماني ھلائڻ لڳو ۽ پوءِ ” ھمراھ تہ ڪنبل مان ھٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ھيو ليڪن ڪنبل جان ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ٿيو “، نتيجي ۾ پارٽي جي ساک کي شديد نقصان پھتو.
وطن دست انقلابي پارٽي جي ڏھ سالا اڀار کانپوءِ زوال جو مختصر ليکو ڪجي تہ انجا مثبت ۽ ڪمزور پاسا ڪجهہ ھيئن ٿي سگهن ٿا.
وطن دوست انقلابي پارٽي سنڌ ۾ طبقاتي سياست جي ھڪ دعويدار ڌر طور ظاھر ٿي۽ ٿوري عرصي ۾ پاڻ مڃايائين.
سنڌ جي انقلابي سياست ۾ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو نروار ٿيڻ جيڪو جنرل ضياءَ جي دور ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقي سان گڏجي مزاحمتي ٽيڙو جي صورت ۾ سامھون آيو.
ڊاڪتر ارباب کھاوڙ جو ھڪ نظريہ دان دانشور طور سامھون اچڻ جيڪوھر گڏجاڻي ۾ ڪنھن نہ ڪنھن معاملي تي لکي ايندو ھيو جنھن کي ھو ”ٿيسز“ سڏيندو ھيو جنھن تي ھر ڪنھن کي تياري ڪري ڳالھ ٻولھ رکڻ تي اتساھيو ويندو ھيو ۽ اھو بحث ڪارڪنن تائين لاٿو ويندو ھيو.
وطن دوست جي جتي بہ تنظيم ھوندي ھئي اتي ڪارڪن مختلف موضوعن تي اسٽڊي سرڪل ھلائيندا ھيا جن۾ ھلڪي سلڪي سياسي سوجه بوجه رکندڙ ماڻھو پڻ ويھاريا ويندا ھيا. نتيجي ۾ جتي ڪٿي پڙھيل نوجوانن سياسي ڪارڪنن جو چڱو خاصو ڪيڊر تيار ٿيو.
”وطن دوست “، ”آڳڙيو“ ”سرواڻ “ پرچا انتھائي معياري ھوندا ھيا جن کي پڻ اسٽڊِي سرڪل ۾ پڙھيو ويندو ھيو ۽ اھي پرچا ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ ساڃاھ وند پڻ شوق سان پڙھندا ھيا.
وطن دوست، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي پڙھائيندڙ استادن جي تنظيم شاھ لطيف ٽيچرز ائسوسيئيشن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو جتان صادق بڙدي سليمان، چارڻ جھڙا محنتي ڪارڪن اڀري نڪتا ۽ وطن دوست جي سياست ڦھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
وطن دوست سنڌ جي ھر ننڍي شھر ۾ موجود ٻيڙي ٻاڌن ۾ پڻ تنظيم ڪاري ڪئي. سنڌ ۾ وطن دوست اھا تنظيم ھئي جنھن انھي محنت ڪش گروپ کي ٽارگيٽ ڪيو جتان قربان جسڪاڻي، شبير سولنگي جھڙا مزاحمت ڪار اڀري نڪتا. ل اڙڪاڻي، ڏوڪري، باڊھ سميت سموري سنڌ جي ٻيڙي ٻاڌن وطن دوست جي پيغام کي ڦھلائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. شبير سولنگي اڳتي ھلي ڄام ساقي، جمال نقوي جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن انقلابي سياست کي تياڳي مايوس ٿي لاڙڪاڻي شھر ۾ پنھنجي ڳچي ۾ تئو ٽنگي سياست کان توبہ تائب ٿيو ۽ انقلابي سياست لاءِ خواري جو باعث بڻيو.
وطن دوست 1983ع ايم آر ڊي تحريڪ جدوجھد دوران، ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو جنھن ڪري ايم آر ڊي پاران سيٽ ٿيل طريقي ڪار ٽٽي پيو ۽ سنڌ جي جمھوري جدوجھد کي عوامي رنگ ڏيڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪيو.
مزاحمت جو ھڪ رنگ تعليمي ادارن ۾ جيئي سنڌ جي ڏاڍ کي چيلينج ڪرڻ بہ اھم آھي جنھن ۾ خيرپور، ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي ۾ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ تعليمي ادارن ۾ ڪنھن جي ڏاڍ مڙسي نہ ھلڻ ڏبي. جيئي سنڌ جي زيادتين باوجود مزاحمت جي اھڙي طريقہ ڪار کي ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوامي تحريڪ رد پئي ڪيو ليڪن وطن دوست جو اھڙو عمل شاگرد سياست ۾ ھڪ نئون عنصر ٿي سامھون آيو.
مزاحمت جي حوالي سان لاڙڪاڻو ليبر فيشريشن، وطن دوست مزدور فيڊريشن پڻ پاڻ ملھايو، الائيڊ ٽيڪسٽائيل مل ۽ شھدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۾ مزدورن جي شاندار جدوجھد جي نتيجي ۾ مزدورن جا مطالبا مڃرائڻ غيرمعمولي ھيو. وطن دوست کي عزيز عباسي، منظور اھير، محمد خان احمداڻي، عبدالقادر ملگاڻي جھڙا مزدور ليڊر مليا جن ٽريڊ يونين سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
وطن دوست انقلابي پارٽي ”وطن دوست“، ” آڳڙيو“، ”سرواڻ “ سان گڏ ٻارن لاءِ وطن دوست ٻار ۽ ھيمون رسالي جو اجراءِ پڻ ڪيو ان سان گڏ وقفي وقفي سان پمفليٽن ذريعي ڪارڪنن سان مسلسل رابطو رکيو ويو.
شايد ئي ڪنھن ترقي پسند تنظيم ٿوري عرصي ۾ ايترا پڙھيا لکيا ماڻھو پيدا ڪيا جيترا وطن دوست جي ورثي ترقي پسند تحريڪ کي ڏنا جن ۾ ھمت پتافي، اظھر خواجہ، نواز جسڪاڻي، فقير محمد لاشاري، شمس صديقي، مظفر ڪھلوڙو، امداد قاضي، ذوالفقار قاضي، مرتَضي کھڙو، عرض رتڙ، قربان جسڪاڻي، عبدﷲ سمون، غفار مزاري، عزيز ڪينجهرائي، ديدار سولنگي، سميت لاتعداد پڙھيا لکيا ماڻھو شامل ھيا.
وطن دوست انقلابي پارٽي جي ڪمزورپاسن ۾ ھڪ ڳالھ اھا تہ سياست ۾ جنھن نموني جو ان ڏيک ڏنو ان ۾ محسوس ڪرايو تہ ھن ملڪ ۽ خطي ۾ کانئن اڳ۾ ڪا انقلابي ڪميونسٽ سياست نہ ھئي جڏھن تہ ھن خطي ۾ 1920ع کان ڪميونسٽ پارٽي ڪم ڪيو پئي جنھن جي سياست ۾ اتار چڙھاءُ بہ آيا. ڪميونسٽ پارٽي گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز ھيٺ 1942ع ۾ پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي، 1948ع ۾ پنھنجي غلطي تسليم ڪندي بورجوازي سان اتحاد ڪرڻ بجاءِ انقلابي لائين ڏني. پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٺاھي ويئي ۽ 1951ع جي بغاوت کان پوءِ 1954ع ۾ پابندي ھيٺ رھي ۽ سختين سبب نيشنل عوامي پارٽي جھڙي متحدہ محاذ ۾ سياست ڪئي. انھي سلسلي کي پاڻ سان جوڙڻ بجاءِ اھا لائين ورتي ويئي جيڪا رسول بخش پليجي ورتي تہ ساڻن کان اڳ ملڪ سميت سنڌ اندر ڪا انقلابي ڪميونسٽ سياست نہ ھئي.
ملڪ جي اندر ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جيڪا 1951ع کان مسلسل عتاب ھيٺ رھي رياستي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي وطن دوست ان کي سياسي مخالف بجاءِ ھڪ دشمن طور ڏٺو، ڪڏھن بہ انجي ڪنھن ڪم کي چڱو سمجهي انقلابي تحريڪ کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي وئي. جنھن پروگرام کي اڳتي ھلي وطن دوست انقلابي پارٽي پڻ اپنايو ان پروگرام تحت ڪميونسٽ پارٽي اڳ ۾ ئي ڪم ڪيو پئي. وطن دوست انقلابي پارٽي پنھنجون تمام گهڻيون توانائيون ڪميونسٽ پارٽي کي غيرانقلابي ثابت ڪرڻ ۾ لڳايون جنھنجو نقصان صرف انقلابي سياست کي پيو. گهڻ ڌرين بحث مباحثن ۾ وطن دوست اڪثر ڪري ڪميونسٽ پارٽي مخالف رجحانن سان گڏ بيٺل ھوندي ھئي. انھي عرصي دوران ڪميونسٽ پارٽي جو وطن دوست ڏانھن رويو دوستانہ ۽ جوڙڻ وارو رھيو.
ملڪ ۾ موجود ڪميونسٽ پارٽي سميت ڪنھن بہ ڌر تي تي تنقيد ڪرڻ غلط نہ آھي ليڪن وطن دوست جھڙي ڌر جيڪا مارڪسزم ليننزم سميت ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب جي داعي ھئي ان ڪميونسٽ پارٽي کي پڻ ان معيار تي پئي پرکيو ۽ تنقيد ڪئي جيڪو عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جي وطيرو رھيو جيڪو انقلابي تحريڪ جي جڙت ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيو مثال طور ڪميونسٽ پارٽي جي زير زمين رھڻ کي مذاق بنائڻ، انجي قيادت کي ڌرتي جو نہ سمجهي تنقيد ڪرڻ، ملڪگير، متحدہ محاذ جي سياست تي جلھ ڪرڻ شامل آھي.
ھڪ عرصي تائين وطن دوست جا ساٿي پنھنجي ڪچھرين ۾ لساني متڀيد جو شڪار ٿي پنجابي مھاجر مخالف رھيا ۽ جبري الحاق جي راڳ ھيٺ پاڪستان جي صورتحال کي برطانيہ ۾ آئرلينڊ سان جوڙي انگريز مزدور جي پنجابي مھاجر مزدور سان ڀيٽ ڪندي انجي ڪنھن بہ انقلابي ڪردار کان انڪار ڪندا رھيا ۽ نتيجي ۾ محنت ڪش طبقي جي سياست ۾ تنگ نظري جو شڪار رھيا.
ڪميونسٽ پارٽي جي متحدہ محاذ يعني نيشنل عوامي پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۾ ڪم کي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ پڇ لٽڪائو سڏيندا رھيا جڏھن تہ اھڙي ئي بندوبست ھيٺ ”قومي انقلابي پارٽي “ جو حصو ٿي رھيا ۽ آخر ۾ تہ ڊاڪتر ارباب کھاوڙ مورڳو بشير قريشي جي اڳواڻي ۾ قائم جسقم جو حصو بڻجي ويو.
انقلابي تحريڪ ۾ فنڊ ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڌاڙا ھڻڻ، بئنڪون ڦرڻ کي پارٽي لائين بنائيندي ڊفينس ڪميٽي ٺاھي ويئي، ان سان اھو ٿيو تہ ڪجهہ پئسو آيو، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاشو خان وارو تاثر تہ مضبوط ٿيو، ڪجهہ عرصي لاءِ پارٽي پبليڪيشنز جھڙوڪ ہ سرواڻ بھتر نموني ڪڍيو ويو ليڪن انھي عمل ڏوھاري عنصر لاءِ پارٽي ۾ گنجائش پيدا ڪئي جيڪو اڳتي ھلي وڏي نقصان جو ڪارڻ پڻ بڻيو.
وطن دوست پنھنجي پبليڪيشنز ۾ تہ سنڌ جي انقلابي جدوجھد کي ملڪ سميت عالمي جدوجھد سان جوڙيو پئي ليڪن سنڌ سميت ملڪ اندر انقلابي تحريڪ کي جوڙڻ جي ڪوشش نہ ڪئي ويئي بلڪہ ڪميونسٽ پارٽي تي اجائي ۽ غيرضروري تنقيد ۽ ھلان ڪري انقلابي تحريڪ جي ملڪ گير تحريڪ بڻجڻ واري عمل کي شديد نقصان پھچايو.
وطن دوست انقلابي پارٽي سنڌ جي صورتحال کي آفريڪا، ھند چيني سان ڀيٽي جدوجھد جو مقصد آزادي جي صورت ۾ پئي ڏٺو جنھنجي ڪري جبري الحاق جو اصطلاح ڏنو ويو جڏھن تہ 1947ع کانپوءِ ھندوستان ۽ پاڪستان جي تناظر ۾ جدوجھد جو مک مقصد حقن جي حاصلات ھيو جيڪي پاڪستان جي آئين ھيٺ مليل آھن جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ۽ ملڪ۾ ھائبرڊ نظام قائم آھي ۽ ٻيو تہ سنڌ 1943ع ۾ پاڪستان ۾ پاڻ شامل ٿي ھئي ۽ کيس ھن وقت بہ اسيمبلين ۾ پنھنجا نمائندا چونڊڻ جو آئيني اختيار آھي.
جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا دور ۾ وطن دوست انقلابي پارٽي جي مظھر جو منظر عام تي اچڻ ۾ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي ذات جو غيرمعمولي عمل دخل ھيو جيڪو سندس غيرمعمولي صلاحيتن جو اظھار آھي. اھو سندس ڪمال آھي تہ سندس اٿڻ ويھڻ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي سندس ڪارڪنن ۾ تقليد ٿيندي ھئي، ھو ھر ڪنھن سان نالي کانپوءِ ”سائين“ ڪري ڳالھائيندو ھيو ۽ ھر مامري تي بحث تي اتساھيندو ھيو. سندس ٽھڪ بہ وکري قسم جا ھوندا ھيا جنھن ۾ غيرمعمولي اعتماد ھوندو ھيو. مخالف نڪتہ نظر رکندڙ سان پڻ سائين ٿي مخاطب ٿيندو ھيو ليڪن مخالف راءِ کي نہ مڃيندي طنزيہ ٽھڪ بہ سندس سڃاڻ بڻجي پيا. ارباب کھاوڙ پارٽي ٺاھڻ ۾ بہ تن تنھا ھيو ۽ انا پرستي ۽ پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهڻ سبب وطن دوست جھڙي شاندار ورثي کي ڊاھڻ جو ڪارڻ بہ پاڻ بڻيو. حيرت انگيز طور جنھن جيئي سنڌ مان بغاوت ڪري نڪتو ھيو آخر ۾ اتي ئي واپس موٽي آيو. جيئي سنڌ جي ڪجهہ حلقن مان ائين بہ ٻڌو ويو آھي تہ جڏھن جيئي سنڌ ۾ ضمير لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ بغاوت ٿي تہ تنظيم اندر معاملا ٺاھڻ لاءِ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ کي چيئرمين ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد ٽي ڀيرا جيئي سنڌ محاذ جو اجلاس ملتوي ڪيو ھيو ۽ سندس نہ اچڻ تي عبدالواحد آريسر کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو ھيو. ھڪ ڏينھن اھڙو آيو، ڊاڪترارباب کھاوڙ جي ايم سيد جي ھڪ سپاھي بشير قريشي جي جسقم گروپ ۾ شامل ٿيو جڏھن تہ سندس ڪجهہ ساٿي وطن دوست جمھوري پارٽي جي نالي سياست ڪن پيا ليڪن ڏھن سالن جي زوردار انقلابي، مزاحمتي سياست جي علامت ۽ ميراث ”وطن دوست انقلابي پارٽي“ کي وقت جو واءُ خبر ناھي ڏانھن ڪيڏانھن اڏاري کڻي ويو آھي.