ھدايت منگي جو اغوا ۽ ائڪشن ڪميٽي
سال 1985ع ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جي ڪنوينشن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ رکيو ويو. ڪنوينشن چانڊڪا ۾ رکڻ جو ڪارڻ چانڊڪا ۾ ڊي ايس ايف ۾ معياري ۽ مقداري واڌ ھيو جنھن ڪري ڪجهہ تنظيمن کي اھا ڳالھ نہ پئي وڻي. انھي عرصي دوران جيئي سنڌ کڙتالي گروپ سميت ڪجهہ شاگرد اڳواڻ پڻ ڊي ايس ايف ۾ شامل بہ ٿيا جيڪا ڳالھ بہ جيئي سنڌ جي ڪجهہ ماڻھن کي پسند ڪونہ آئي. جيئي سنڌ چانڊڪا يونٽ جي صدر محمد خان شر مون سميت ڪافي ساٿين کي ڌمڪي بہ ڏني تہ پاڪستان جي حامي تنظيم ڊي ايس ايف کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪنوينشن نہ ڪرڻ ڏينداسين. اھڙي ماحول ۾ سينيئر ساٿين جي صلاح مصلحت سان اھوڪنوينشن ڳوٺ ٻلھڙيجي منتقل ڪيو ويو. انھي سيشن ۾ چيئرمين گهڻشام پرڪاش ٿيو جڏھن تہ آءُ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس. ڊي ايس ايف جي سنڌ ڪابينہ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيڻ کان پوءِ چانڊڪا ڪاليج جون ذميواريون يونٽ ڪابينہ حوالي ٿيون. چانڊڪا يونٽ جو صدر جمن باھوٽو ٿيو. نون دوستن جي محنت سان ڪاليج ۾ ڊي ايس ايف جي سٺي ٽيم ٺھندي پئي ويئي جنھن ۾ جمن باھوٽو، نذير منگي، جئيپال ڇاٻڙيا، جعفر شاھ، عنايت مگسي، گل بليدي، غلام رسول گهمرو، دليپ ڪمار، غفار رند، صفدر عباسي، جئہ پرڪاش، اشوڪ پرٿياڻي تنظيم ۾ ڪافي متحرڪ ھيا. انھن دوستن جو پنھنجو الڳ الڳ حلقو ھيو جنھن مان بہ تنظيم کي سگه ملي پئي. صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ھجڻ دوران منھنجو ڪراچي يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، لطيف ڪئمپس خيرپور پڻ وڃڻ ٿيو. انھن دورن ۾ تنطيم جو وائيس چيئرمين منير ميمڻ پڻ ساڻ ھوندو ھيو.
انھي عرصي دوران تنظيم جو صوبائي ترجمان مشعل پڻ نڪرندو رھيو. ھڪ ڀيرو انھي پرچي جو مواد گڏ ڪري ڪراچي يونيورسٽي پھتس جتي محسن زيدي جي ڪمري ۾ رھيس. ان وقت تنظيم وٽ پرنٽنگ جي سگه ڪونہ ھئي. پرچي جا اسٽينسل ڪٽي سائيڪلو اسٽائيل تي ڪاپيون ڪڍيون ويون. انھي پرچي جو ڪجهہ مواد مون پاڻ تيار ڪيو ھيو جن ۾ ڪجهہ يونٽن جي تنظيم سازي جون خبرون ھيون جن ۾ ايل ايم سي يونٽ جي نون عھديدارن جي چونڊ جو ذڪر بہ ھيو. انھن خبرن ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي آخر ۾ پاڪستان لکيل ھيو. اھڙي خبر ايل ايم سي يونٽ جي بہ ھئي جتان جي ڪابينہ ۾ جيئي سنڌ مان تازو ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿيل ساٿي ستار رند جو نالو بہ ھيو. مشعل جا اھي پرچا سڀني يونٽن ڏانھن موڪليا ويا. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ستار رند سان ملاقات ٿي جنھن ڊي ايس ايف پاڪستان لکڻ تي اعتراض ڪيو ۽ ٻڌايائين تہ انھي سبب ڪري مشعل جو اھو پرچو ايل ايم سي ۾ ڪونہ ورھايو ويو آھي. انھي وقت ايل ايم سي ۾ پڻ تنظيم جو سٺو يونٽ ھيو جنھن ۾ طالب لاشاري، نياز سومرو ۽ حميد سومرو جھڙا ساٿي ايڪٽو ھيا. ڊِي ايس ايف ٺھڻ کانپوءِ طالب لاشاري، علي حسن چانڊيو، لالا رحمان سمون، حميدہ گ، معين قريشي، اظھر عباس، ظفر بلوچ، پرويز پٺاڻ، عباس جلباڻي، منظور سولنگي، اسد عابدي، قدوس مھر، اشو ٿاما، ضيا ڀٽي، اعجاز سومرو ۽ وزير لاکو پڻ مرڪز ۽ صوبائي ليول جي تنظيم ۾ متحرڪ رھيا.
سال 1981ع ۾ ايس اين ايس ايف، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن افراسياب خٽڪ گروپ ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ھڪ گروپ کي جوڙي تشڪيل پائيندڙ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سال 81، 82، 84 ۾ مرڪزي ڪائونسل سيشن ٿيا جن ۾ مرڪزي چيئرمين امداد چانڊيو ٿيندو رھيو جنھن دوران امداد چانڊيو جيل ۾ ھيو. پھريون ڪنوينشن لاھور ٻيون ڪنوينشن پشاور يونيورسٽي ۾ رکيل ھيو ليڪن اسلامي جميعت طلبا جي غنڊن اھو ڪنوينشن ٿيڻ نہ ڏنو نتيجي ۾ اھو ڪنوينشن جمرود ۾ ٿيو جتي عبدالرحمان پيرزادي ۽ مون سنڌي ۾ گيت بہ ڳايا تہ زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪلاشنڪوف کي ھٿ بہ لائي ڏٺو. ڊي ايس ايف جو ٽيون مرڪزي ڪنوينشن بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ ٿيو. 1983ع ۾ ايم آرڊي تحريڪ ۽ ٻين ڪجهہ سبب ڪري اھو ڪنونشن نہ ٿي سگهيو. جيل ۾ ست سال ڪاٽي امداد چانڊيو جڏھن آزاد ٿيو تہ سال 1985ع ۾ ھو مرڪزي چيئرمين جي حيثيت ۾ بولان ميل ۾ ڪوئيٽا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي مان لانگهائو ٿيو تڏھن لاڙڪاڻوريلوي اسٽيشن”ويلڪم ويلڪم امداد ويلڪم “ جي نعرن سان گونجي پيئي. ڊي ايس ايف سميت ھاري ڪميٽي ۽ پارٽي جا ساٿي جهجهي تعداد ۾ گڏ ٿي سندس آڌر ڀاءَ ڪرڻ آيا.