”شِينھن رند” ڪيرسڏائي
”الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،
قالو بلي قلب سين تڏھن تت چيوم،
تنھنين ويل ڪيوم وچن ويڙھيچن سان“
ھلڪي قد ۽ ڀريل جسم واري شھپريل جوان غلام قادر جي پنھنجي ڳوٺ ۾ سُڃاڻ ھڪ نھٺي ضدي شخص واري ھُئي جيڪو ڪنھن جي ڳالھ نہ مڃيندو ھو نہ ان کي خاطر ۾ آڻيندو ھيو، ڳوٺ جي ڪچھرين ۾ اوطاق تي گهٽ ويھندو ھيو ليڪن جڏھن بہ سندس ڪو مھمان ايندو ھيو تہ انجي خاطر تواضع روايتي سرائين جي اوطاق نہ بلڪہ ھنجي غريباڻي گهر مان ٿيندي ھُئي. چار پٽن ۽ ٻن نياڻين جو پيءُ غلام قادر پاڻ بہ جاکوڙي ۽ خوددار ھيو ائين ئي ”ماسي شھناز“جي نالي سان مشھور سندس گهر واري بہ ھئي جيڪا نہ صرف ساڻس ھارپي ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي بلڪہ ڳوٺ ۾ اوڏن جي کوٽ کي بہ ھن پورو ڪندي اڻ ڳڻيا گهر ۽ ڀتيون بہ اڏيائين. جڏھن سنڌ ۾ انقلابي سياست جي ٻيگهي متي ۽ عزيز سلام بخاري کان پوءِ اھا سياست اڪبر جسڪاڻي ۽ محمد حسن روستماڻي ذريعي جوھي جي وسعتن ۾ ڦھلجي ويئي تہ انھي ۾ غلام قادر رند جي سياست کي بہ چار چنڊ لڳي ويا. غلام قادر پنھنجي عيال سميت نہ صرف ٻني ٻارو ڪيو بلڪہ سياست جي ميدان ڪارساز ۾ راھوڪي، جنگشاھي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، ڪراچي، جا پنڌ بہ ڪيائين. جوھي، واھي پانڌي ۽ انجي سياست جنھن طريقي سان مارشلا دور ۾ ٻري اُٿي انھي آڳ لڳائڻ ۾ غلام قادر رند جو پورھيو نہ وسارڻ جھڙو آھي. ھو وقت جو پابند ۽ قول جو پڪو ھوندو ھيو. ميٽنگ ۾ ڪنھن دير ڪئي تہ اوڏي مھل چئي ڏيندو ھيو ۽ ائين پنھنجي قائد رسول بخش پليجو کي بہ پروگرام ۾ دير اچڻ تي ڪونہ بخشيائين جنھنجو جواب کيس پنھنجي قاائد ”شينھن“جي نالي سان مخاطب ٿيندي ڏنو جيڪو لقب ساڻس گڌ باقي زندگي اوڍڻ بڻجي رھيو. ڪو پروگرام ھوندو، احتجاج ھوندو غلام قادر شينھن وقت تي پنھنجي عيال سميت پھچندو. اھي رند جيڪي تعليم ۽ خاص طور عورتن جي تعليم جي باري ۾ ڪجهہ ھٻڪ جو شڪار رھيا انھي ڳوٺ جو آڱوٺي ڇاپ غلام قادر رند احتجاجن ۾ گڏجاڻين ۾ پنھنجي زال، ننھن ٻارن سميت شريڪ ٿيندو ھيو.
انقلابي سياست جي زوال پُڄاڻان ماڻھو انقلابي ۽ سماجي تبديلي جي سياست کان توبھ تائب ٿي ويھي رھيا ليڪن غلام قادر رند ھمت نہ ھاري. منھنجي ڪلينڪ جي ڀرسان پياري خان روستماڻي جي اوطاق تي ھر آچرتي مال پڙي جي ڪارگزاري کان پوءِ ڪجهہ ٽوپي پٽڪي وارن سان سندس ڪچھري گهڻي عرصي تائين معمول رھي. ھي انھي عوامي تحريڪ جا آخري اجلاس ھيا جيڪي شينھن رند نہ ڪري ھا تہ جوھي ۾ عوامي تحريڪ گهڻو اڳ ختم ٿي وڃي ھا. تنظيم جي رابطي جي فقدان، انقلابي سياست ۾ ماٺار ڪارڻ اھي اجلاس اڳتي ھلي صرف جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي اجلاس جي نانءُ ٿي ويا ۽ غلام قادر سياست جي زوال کي ھڪ نئين جهت ڏيندي پنھنجي مقامي آبادگارن سان جوڙي زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف تحريڪ جو محور ۽ سڃاڻ بڻجي ويو. جوھي ۾ پاڻي کوٽ معمول پئي رھي آھي . انھي تحريڪ جو اھم ليڊر ميرمحمد لغاري چوندو ھيو تہ اسانجي اھا ريت ۽ تاريخ رھي آھي تہ جهيڙي کان پوءِ سرڪار، آبپاشي کاتي کان نيٺ چيٽ جو پاڻي وٺي ويندا آھيون ليڪن سن ٻہ ھزار کانپوءِ اھڙي رسم ھلي جنھن ڪري چيٽ ۾ بہ پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويو ۽ آبادگار ھاري رڙيون ڪندا رھجي پئي ويا. انھي تي شينھن رند چوندو ھيو تہ اھا غلط فھمي دور ٿيڻ گهرجي تہ جدوجھد کانسواءِ اقتدار تي قابض، ڳن تي ويٺل وڏيرا اسانکي پاڻ ڏيندا انڪري ھن جدوجھد ۽ ٻڌي ۾ آبادگارن جي تحريڪ جي ڪاميابي کي ڏٺو پئي. جوھي برانچ پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻھن جا نالا ھو ڀير جي ڏونڪي تي کڻندو ھيو. ٻہ سال اڳ جوھي ۾ غلام قادر رند ۽ سندس سٿ جي اڳواڻي ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف زوردار لاڀائتي تحريڪ ھلي جنھن جي سھڪار ۾ حيدرآباد ۾ آباد جوھي واسين بہ ھٿ ونڊايو. پريس ڪلب حيدرآباد آڏو انھي احتجاج ۾ شينھن رند مک تقرير ڪئي ليڪن سندس جسم ۾ ھاڻي اھا طاقت نہ ھئي ۽ نہ سندس ڳالھ ٻولھ ۾ ڪو ربط ھيو ليڪن ھنجا حوصلا کيرٿر جي پھاڙن کان بہ اوچا ھيا. تازو جولاءِ مھيني جي شُروعات ۾ بيمار ٿي سيوھڻ پھتو تہ اتي موجود ڊاڪٽرن چيو تہ ھن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ آھي جنھن ڪارڻ سندس جسم جو اندروني نظام شديد متاثر ٿيو آھي. ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي جسم ۾ بہ انھي کوٽ کيس زندگي کان ھٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو ھيو. مسلسل احتجاجن، بک ھڙتالن غلام قادر رند جي جيون سان بہ شايد ساڳيو کيڏ کيڏيو ھيو ۽ سندس جيون جي ٻيڙي تار تار ٿي ويئي ھئي. بيماري جي بستري تي شينھن رند جي خواھش رھي تہ مون سان اھي ملڻ اچن جن سان منھنجي روح، فڪر ۽ سفر جو رشتو آھي۽ انھن کي ساريندي دم بہ ڏنائين. ليڪن اھو سچ آھي تہ ھاڻي اھو ڪامريڊ غلام قادر رند جيڪو شينھن رند جي نالي سان گجندو ھيو اھو ھاڻي جوھي جي احتجاجن روڊن رستن تي نظر نہ ايندو. ايندڙ چيٽ ۾ بہ جوھي برانچ ۾ حسب روايت پاڻي جي کوٽ ٿيندي، “رڙ، ڪوڪ، ٿيندي“، ”اچي اچي، ٿيندو“، “وارو ڪيو ” ٿيندي، امام علي روستماڻي، ميرمحمد لغاري، جهنڊو لغاري، قادو لنڊ ھاڻي بہ جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جهنڊا، بينر شيٽون کڻي فاضل راھو چوڪ تي ٻارين ٻچين اچي ڌرڻو ھڻندا، احتجاج ڪندا ليڪن انھن ۾ ھاڻي ڪوئي شينھن رند نہ ھوندو جنھن کي مھڻا ملندا ھئا تہ جڏھن وٽس ٻني جو ھڪ جريب ڪونھي تہ اھو احتجاج ڇو ٿو ڪري جنھنجي جواب ۾ ھو سيني تي ھٿ ھڻي چوندو ھيو تہ ڪير ٿو چوي تہ مھنجي ٻني ڪونھي. انھن سڀني آبادگارن، ھارين جي ٻني منھنجي ٻني تہ آھي جيڪي پاڻي کوٽ ڪارڻ سُڪي رھيون آھن جنھنجي لاءِ آواز اٿارڻ مون سميت سڀني سنڌ واسين تي فرض آھي. ھو چوندو ھيو تہ ٻني آباد ٿيندي تہ ھر گهر ۾ ان داڻو ايندو جوھي ۾ وڻج واپار جهجهو ٿيندو ۽ ماڻھن جي منھن تي مرڪ ايندي، خوشحالي ايندي اھا منھجي خوشحالي بہ تہ آھي.
ڪامريڊ غلام قادر رند ٺُپ اڻ پڙھيل ھيو ليڪن پڙھيلن کان وڌيڪ پڙھيل ۽ ڪڙھيل نڪتو، پنھنجي منھن ھن ڪو ڪتاب ورلي پڙھيوھوندو، اسٽڊي سرڪل ۾ ٻيا ڪتاب پڙھندا ھُئا ھي ٻُڌندو ھو، ڳالھ ھينئين سان ھنڊائيندو ھيو. ڪتاب پڙھائيندڙ ماستر۽ وقت جا ڏاھا راھ مٽائي ويا ليڪن وطن ۽ انجي ويڙھيچن سان وچن جو اھو سبق ھن سلڇڻي شاگرد ھڪ پل بہ نہ وساريو. غلام قادر رند بحث ۾ کُٽي پوندو ھيوتہ چئي ڏيندو ھيو تہ رسول بخش پليجي ۽ فاضل راھو کان وڌيڪ عقل توھان ۾ آھي ڇا. انھي ارڏي، اڏول، بيباڪ ڪردار واري شخص جي سماجي تبديلي جي جنگ ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جهيڙي ۽ انھي فرض جي ادائگي ۾ جواني ويئي، عمر ويئي، عيال ويو جان ويئي ليڪن انياءُ خلاف جوھي جي لازوال جدوجھد تي ڇاپ ھڻي ھو ظالم وقت کي واھ جو ڀُونڊو ڏئي ويوآھي، ھو جيڪو پنھنجي عمر جا پنجاھ سال کان بہ وڌيڪ پل جدوجھد کي ارپي نالو ڪمائي ويو اھو سنھري اکرن ۾ لکڻ جھڙو آھي. جوھي شھر جي اڀرندي ڪڇ ۽ چنجاڻي شاخ جي الھندي ڪنڌي تي آباد رند سرائين جي ڳوٺ بخشعلي رند جو اڻپڙھيل غلام قادر رند ھڪ مثال قائم ڪري ويو تہ جيڪڏھن سنڌ جي ھر ڳوٺ ھر شھر ۾ اھڙا چار شينھن پيدا ٿي پون تہ سنڌ کي جيڪي گدڙ کائي رھيا آھن انھن کي لڪڻ لاءِ جاءِ بہ نہ ملندي. وقت ماڻھن کي جيئندي بہ ڏٺو ۽ مرندي بہ ڏٺو ليڪن جنھن نموني شينھن رند جيءُ ۽ مري ڏيکاريو اھا ميراث ۽ مڃتا ماڻڻ ڪجهہ خلق خدا سان گڏ صرف شينھن رند جي کاتي ۾ آئي جنھن سسئي بنجي پنھون پاڻ ٿي پنھنجي جز کي ڪائنات جي ڪُل ۾ جذب ڪري امر ٿي ڏيکاريو،
”ساجن ڪارڻ سُڃ مر قبولي سسئي،
اندر جنين اڃ پاڻي اڃيو تن کي. ”