1986 ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽي
سال 1951ع جي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ 1954ع ۾ بندش کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان خفيہ طريقي سان پنھنجي کليل متحدہ سياسي محاذن يعني عوامي نيشنل پارٽي، نيشنل پروگريسو پارٽي، نيشنل پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي ذريعي ڪم ڪندي پئي رھي انجو شاگردن ۾ ڪم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پاڪستان فيڊرل يونين آف اسٽوڊنٽس، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن افراسياب خٽڪ گروپ ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيش سميت، سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ بلوچستان بزگر ڪميٽي ۾ پئي ٿيو جڏھن تہ ٽريڊ يونين ۾ پارٽي جو ڪم پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ذريعي پئي ٿيو.
منھنجي سانڀر ۾ ڪميونسٽ پارٽي 1978ع ۾ ڄام ساقي جي گرفتاري، 1980ع ۾ نذير عباسي جي گرفتاري ۽ شھادت جهڙين قربانين سبب ماڻھن تائين پھتي. ڄام ساقي پارٽي جي اڳ۾ سڃاڻ بڻيل ھيو جڏھن تہ نظير عباسي جي شھادت تي پارٽي پاڻ دعوي ڪئي تہ ھو پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ھيو. جولاءِ 1980ع ۾ ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي مبينہ آفيس تي ڇاپو لڳو ۽ حُڪومت پاران مشھور ڪيو ويو تہ اھا ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ھئي ۽ چيو ويو تہ انھي جڳھ مان ھٿ ڪيل مواد تخريبي آھي جيڪو ملڪ ۽ نظريہ پاڪستان سان غداري آھي. توڙي جو انھي ڇاپي ۾ ڄام ساقي گرفتار نہ ٿيو ھيو ۽ ھو اڳ۾ ئي قيد ۾ ھيو ليڪن اھو ڪيس ڄام ساقي سازش ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو جنھکي ڪميونسٽ سازش ڪيس سڏيندي انھي واقعي کي 1951ع واري راولپنڊي سازش ڪيس سان جوڙيو ويو. ڄام ساقي جي گرفتاري، نظير عباسي جي شھادت ۽ ڄام ساقي سازش ڪيس ۾ گرفتارين پردن ۾ ويڙھيل پارٽي کي عالم آشڪار ڪري ڇڏيو، ويتر جو ڄام ساقي پاڻ کي کلئي عام ڪميونسٽ چوائڻ شروع ڪيو تہ انھي ڳالھ جوپڻ اثر ٿيو. ڄام ساقي ڪيس کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي کي غدارن جي پارٽي سڏيو پئي ويو ليڪن ڄام ساقي ڪيس ۾ ملڪ جي اھم سياسي اڳواڻن جو ڪميونسٽ ڄام ساقي کي محب وطن قرار ڏيڻ سودمند ثابت ٿيو. جنرل ضيا الحق جي دور ۾ پارٽي پنھنجي کليل محاذن ذريعي مارشلا جي مزاحمت ڪندي پئي رھي. پٽ فيڊر ھاري تحريڪ ھجي يا صحافين جي جدوجھد يا وري جمھوري آزادين جي جدوجھد پارٽي جا کليل محاذ پنھنجي وس آھر ھر موڙ تي عوام سان گڏ رھيا. انھي دوران پوري ملڪ ۾ سوشلزم جي آواز ۾ پڻ اضافو نظر اچي ٿو جنھنجو ھڪ مظھر پوري ملڪ خاص طور سنڌ ۾ انھي نالي سان سياست ڪندڙ ڪارڪنن ۾ واڌ نظر اچي ٿي. اھڙي ڳالھ عوامي تحريڪ تہ ڪئي پئي ليڪن ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي سياست جي بنياد تي جيئي سنڌ کان علحدگي ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي ٺاھڻ، سنڌ دوست انقلابي پارٽي جو ٺھڻ ۽ جيئي سنڌ مان اڳتي ھلي جيئي سنڌ کڙتالي گروپ جو الڳ ٿي پارٽي سان پاڻ کي جوڙڻ اھم ڪڙيون آھن. پنجاب ۾ امتياز عالم جي لوڪ پارٽي جو ڪميونسٽ پارٽي ۾ ضم ٿيڻ ۽ پختون قومپرستن سميت بي ايس او جي چڱي خاصي لاٽ جي پارٽي ۾ شموليت پڻ ڳڻائي سگهجي ٿي. انھي دوران انفرادي طور لاتعداد ماڻھو پارٽي ڏانھن ڇڪجي آيا. 1985ع ۾ جڏھن امداد چانڊيو ڪوئيٽا دوري تي ويو تہ اتي قومي حقن جي جدوجھد ڪندڙ بلوچ ۽ پختون سياسي ڪارڪنن ۾ کيس زوردار موٽ ملي. ھڪ بلوچ ڪامريڊ تہ اھا ڳالھ ڪندو ھيو تہ جيڪڏھن امداد چانڊيو ڪجهہ مھينہ ڪوئيٽا يونيورسٽي ۾ رھي پوي تہ بلوچستان ۾ صرف ڊي ايس ايف نظر ايندي. ھي امداد چانڊيو جي جدوجھد کي مڃتا تہ ھئي ليڪن انھي ماحول ۾ اھا پارٽي سياست کي پڻ پذيرائي ھئي. ڄام ساقي جي آزادي کانپوءِ لاھور ۾ سندس سگهارو استقبال پڻ انھي جو مثال آھي. جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا دوران پارٽي جي رينڪ ۽ فائيل ۾ ڪافي اضافو ٿيو. ڊِيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن جھڙوڪ ايل ايم سي ڄامشورو، لطيف ڪئمپس خيرپور سميت وڏن ادارن ۾ واڌ ڏسڻ جھڙي ھئي. اھڙي ڪيڊر جي واڌ جو آءُ پاڻ چانڊڪا ۾ حصو رھيس . ائين سنڌ ھاري ڪميٽي پاران 1984ع، 1985، 1986ع ۽ 1987 ۾ وڏيون ڪانفرنسون پارٽي جا سماجي بنياد وسيع ٿيڻ جو مظھر آھن. مٿين ٽن واقعن سميت پمفليٽ سازش ڪيس ۾ امداد چانڊيو، شِير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي کان پوءِ گهنشام پرڪاش جو گرفتار ٿيڻ پڻ سنڌ جي نوجوان سياسي سوجه بوجه رکندڙ ماڻھن کي الڳ انداز سان متاثرڪيو. سال 1978، 1979ع ۾ نظير عباسي، ڄام ساقي، امداد چانڊيو ۽ گهنشام پرڪاش متعلق دادو، ڪراچي ۽ سکر جيل ۾ ھجڻ دوران مخالف سياسي ڪارڪنن کان مون سندن تعريفون ٻڌيون. پارٽي ۾ اھا واڌ ڪنھن طبقاتي صفبندي جو نتيجو ھجڻ بجاءِ سماج جي ھيٺين وچين پرت، شاگردن، دانشورن تائين موجود ھئي. جيڪي ماڻھو ڊي ايس ايف جي پروگرامن ۾ ھوندا ھيا اھي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ھجڻ ضروري سمجهيا ويندا ھيا. ”ھاري مزدور شاگرد رابطہ ڪميٽي“ پڻ انھي جو ئي مظھر آھي جيڪا نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي کانپوءِ پارٽي جو کليل چھرو ٿي ڪم ڪندي ھئي. ڪميونسٽ پارٽي جي 1974ع کانپوءِ ڪانگريس نہ ٿي ۽ ڪنھن اڳين ڪانگريس کان اڳ سينٽرل ڪميٽي ۾ ڦوٽ پئجي ويئي. امام علي نازش ملڪ کان ٻاھر ھيو، جمال نقوي، ڄام ساقي جيل ۾ ھيا ان دوران پارٽي کي مختيار باچا، حسن رفيق ۽ اعزاز نظير پئي ھلايو. افغان ثور انقلاب کان پارٽي جو مرڪز خيبرپختونخواھ ۽ ڪابل شفٽ ٿي ويو. قومي سوال، ملڪ ۾ انقلاب جي نوعيت سميت متحدہ محاذ ۾ ھجڻ يا پارٽي جو کليل ھجڻ سميت مختلف مامرن تي اختلاف موجود ھيا. ھم خيال ۽ نواڻ جا داعي ھجڻ ڪري مختيار باچا، امتياز عالم، مير ٿيٻو ھڪ طرف ھوندا ھيا باقي سينٽرل ڪميٽي ٻئي طرف ھوندي ھئي. ڊگهي عرصي تائين ڪانگريس نہ ٿيڻ ڪري پارٽي ۾ ضلعي، صوبائي توڙي سينٽرل ڪميٽي ۾ ماڻھو ”ڪو آپٽ“ ڪرڻ جو سلسلو پئي ھليو. شاگرد تنظيم، يعني ڊي ايس ايف کي ھلائڻ ۾ جمھوري روش جو حال اھو ھيو جو سنڌ ليول جو ڪو اجلاس، سرگرمي، ڪنوينشن منعقد ڪرڻ کان اڳ ڊِي ايس ايف ۾ ڪم ڪندڙ سرگرم ڪارڪنن تي مشتمل فريڪشن سڏايو ويندو ھيو جتي بحث تہ ٿيندو ھيو ليڪن حقيقت ۾ فيصلا ھيٺ لاٿا ويندا ھيا جيڪي مٿي ڪنھن اداري ۾ اڳ ۾ ٿي چڪا ھوندا ھيا. ڊي ايس ايف جي 1985ع وارو صوبائي ڪنوينشن ڪاليج بدران ٻلھڙيجي ۾ منعقد ڪرڻ سميت منھنجي ڊي ايس ايف جي صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيڻ جو فيصلو ائين ٿيو، ڪراچي کان ڪشمور تائين انھن سمورن ڊيليگيٽس مونکي ووٽ ڪيو جيڪي مونکي سڃاڻندا بہ نہ ھيا. منھنجي ڄاڻ مطابق اھڙي قسم جا فريڪشن ھاري ڪميٽي، دانشورن، مزدورن ۽ متحدہ محاذ ۾ پڻ ٺھيل ھيا. مير ٿيٻو ۽ رحيم بخش جعفري لاڙڪاڻي جا سيل ڏسندا ھيا. اھي جڏھن بہ لاڙڪاڻي ايندا ھيا ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ضرور ملندا ھيا، وٽس پارٽي جو فيصلا پھچائيندا ھيا ۽ کانئس مشورو بہ وٺندا ھيا. انھي مان مون اھو اندازو لڳايو تہ ڪامريڊ سوڀو ان وقت بہ پارٽي سان باقائدي رابطہ ۾ ھيو ۽ سندس راءِ کي وزن ڏنو ويندو ھيو. 1978ع کان 1986ع تائين پارٽي ۾ مقداري واڌ آئي تہ پارٽي جي ڪم کي سنڀالڻ لاءِ ڪل وقتي ڪارڪنن جي ضرورت بہ پئي. انھي موقعي تي مختلف محاذن سميت پارٽي جي مختلف ليول تي ڪم ڏسڻ لاءِ ماڻھو اڳتي آندا ويا. ائين بہ ٿيو تہ جيڪي نالي وارا سياسي ڪارڪن ٽولن جي صورت ۾ پارٽي ۾ شامل ٿيا انھن کي پارٽي جي مٿين ادارن تائين پھچايو ويو ۽ جتان اھي ڪارڪن مٿين ليول تي پھچايا ويا اتان جي مقامي ڪميٽين، انجي سيل ۽ تنظيم کي صرف اطلاع ڏيڻ ڪافي سمجهيو ويو. پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ڪارڪن جيڪي مقامي گروپ يا سيل ۽ ضلعي ڪميٽي ۾ ڪڏھن ڪونہ ويٺا انھن کي ضلع ڪميٽين ۽ سيلن جو انچارج مقررڪيو ويو. جنھن تي اعتراض بہ آيو ليڪن پارٽي جو فيصلو سمجهي مان پاڻ بہ انھي کي قبول ڪيو ۽ منھنجي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندڙ پارٽي ادارن کي بہ اھو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ چيم جنھن سان پارٽي ڪيڊر ۾ اھا جائز سوچ اڀري تہ فيصلا مٿان ٿاڦيا پيا وڃن نتيجي ۾ ڪجهہ دوست مايوس ٿي ويھي رھيا. جمال نقوي پنھنجي ڪتاب ”ليونگ دي ليفٽ بھائينڊ “ ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي تہ ڪنھن عمل مان گذارڻ کان سواءِ مرڪزي ڪميٽي تائين ماڻھوکڻڻ سان پنھنجا نوازي ۽ گروھ بندي جنم ورتو. پارٽي ۾ قومي سوال، پارٽِي ۽ متحدہ محاذ، قومي جمھوري انقلاب ۽ سوشلسٽ انقلاب جي سياست تي اختلاف ھيا ليڪن پارٽي کي غيرجمھوري طريقي سان ھلائڻ ڪارڪنن کي مريد ڪري ھلائڻ پارٽي لاءِ گهاتڪ ثابت ٿيو ويتر جو سوويت يونين ٽٽو تہ ٿوري عرصي ۾ پنھنجي وت کان وڏي پارٽي پنھنجي وزن جو بار نہ سھي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويئي.