آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

استاد جي مار ۽ پيار جو تڪرار. . . !!!

اڌ صدي اڳ جون ساروڻيون لکڻ مشڪل ڪم آھي ڇوتہ گهڻو ڪجهہ وسري چڪو ھوندو آھي ليڪن اڌ صدي اڳ وارا ڪي ڪي واقعا ذھن تي نقش ٿي وسرڻ کان نابري واري ڇڏيندا آھن. اھڙو ئي ھڪ واقعو شايد سال ستھٺ اٺھٺ جو بہ آھي جڏھن آءُ پنھنجي ڳوٺ جي اوڀر ۾ ھلندڙ پرائيمري اسڪول مينھون کوسي ۾ پنھنجي پاڙي وارن ٻارن بخش رند، سليمان رند، لطيف رند، آدم رند ۽ حبيب رند سان گڏ ڦرھي کڻي اسڪول پھتس. اھا ڦرھي مونکي پنھنجي وڏي ڀيڻ حجو ميساري ڏني ھئي ۽ ان رات مونکي ننڊ نہ آئي ھئي ۽ دير تائين اسڪول جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھيس. گهر مان نڪري اسڪول ويندڙ رستي تي رندن جا ٻيا ٻار بہ گڏجي پيا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي اسڪول پھتاسين جتي ھڪ ماستر جي رڙتہ ڇورا گوڙ نہ ڪريو اڌ ساھ سڪائي ڇڏيو. اسڪول ۾ ٻہ ماستر عبدﷲ لنڊ ۽ اميد علي لنڊ پاڙھيندا ھيا. ڪلاس شروع ٿيو پٽي ۽ ڪتاب جو سبق شروع ٿيو انھن ماسترن ڳالھ ڳالھ تي ٻارن کي مار ۽ دڙڪا پئي ڏنا. جنھن جي ڪري پھرين ڏينھن منھنجو ساھ ئي سڪي ويو ۽ اسڪول اچڻ وقت جيڪا خوشي ھئي اھا الائي ڪاڏي ھلي ويئي ھئي ليڪن بي دليو مان بہ اسڪول ويندو رھيس ۽ دڙڪا لپاٽون کائيندو رھيس ۽ ٻين ٻارن کي لپاٽون سوٽيون کائيندي ڏسندو رھيس. اھي اونھاري جا ڏينھن ھجن اسڪول جي آڳر تي وڻن جي ڇانو ھيٺان بئنچون رکي پڙھايو پئي ويو. ڪجهہ ٻارن جو سبق ڪچو ھيو، ماستر کين لپاٽون بہ ھنيون ليڪن سندس خيال مطابق ٻارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ اھو ڪافي نہ ھيو. ڪلاس ۾ ويٺل مونکان ٻہ ٽي ڪلاس سنيئر ٻار غلام مطفي کوسو جو سبق بہ ڪچو ھيو. غلام مصطفي قد بت ۾ کڻائو، سنھڙو ليڪن شڪل صورت ۾ سھڻو ھيو، ماستر کيس ٻہ چنبا ھڻي چيو تہ ڇورا نم جي وڻ تي چڙھي تلھڙ پٽي اچ. غلام مصطفي روئيندي چيو تہ آءُ وڻ تي ڪونہ چڙھندس ليڪن ماستر جي زوردار دڙڪي تي ڊڄندي ڊڄندي وڻ تي چڙھيو. ھن وڻ تي ڊڄي ڊڄي ٽاري پئي پٽي. جنھن ٽار تي بيٺو ھيو ان تان ترڪيو، ترڪڻ سان ھن ٽار ۾ ھٿ وڌا ليڪن اھو ٽار سندس وزن جي سٽ نہ سھي پاڙئون پٽجي سندس مٿان اچي ڪريو تہ ھنجي واتان رڙ نڪتي، ٻارن ۾ ڪوڪرا پئجي ويا. غلام مصطفي پٽ تي بيھوش پيل ھيو ۽ سندس وات ۽ ڪنن مان رت وھي رھيو، سڀ ٻار کيس ڏسي رڙيون ڪندي روئي رھيا ھيا. رڙين تي ڳوٺ جا ڪجهہ مرد ۽ عورتون بہ اچي ويا. عورتن روڄ راڙو ڪيو جڏھن تہ ڪجهہ مرد ۽ ٽاٻر ڇوڪرا کيس جوھي اسپتال کڻي ويا. تيسين ماستر اسڪول ڇڏي ڀڄي ويو ھيو. خوف ڊپ جي ڪيفيت ۾ اسان ڳوٺ جا ٻار بہ اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. ٿوري دير ۾ اھا خبر ڦھلجي ويئي تہ غلام مصطفي فوت ٿي ويو آھي. پوءِ تہ کوسا جنجو پنھنجو ڳوٺ ھيو لٺيون کڻي گم ٿي ويل ماستر جي پويان اچي پيا ليڪن اوڙي پاڙي جي چڱن مٺن معاملي کي معافي تلافي تي ختم ڪري ڇڏيو. غلام مصطفي حمزي کوسي جو پٽ ھيو جنھن کي سندس چاچي عبدﷲ پٽ ڪري پاليو ھيو. عبدﷲ کوسو غلام مطفي کي ياد ڪري روئي ڏيندو ھيو ۽ کانئس وڌيڪ صدمي ۾ تہ سندس زال رھي جنجي دنيا آباد ٿي ھميشہ لاءِ اجڙي ويئي ھئي. ڪافي عرصي تائين غلام مصطفي جو ڇڙھيون ھڻندڙ جسم جنھن جي ڪن ۽ وات مان رت پئي وھي ۽ ان مٿان وڻ جو وڏو ٽار پيل ھيو مونکي رات جو خواب ۾ ايندو ھيو، آءُ رات جو ڊڄي پنھنجي ڀيڻ کي چنبڙي پوندو ھيس ۽ صبح جو اسڪول وڃڻ کان گھہ ڪري ويھي رھندو ھيس جڏھن تہ زور ڀرڻ تي روئي ڏيندو ھيس. ڪجهہ وقت کان پوءِ بابو مونکي ريجهائي جوھي اسڪول وٺي آيو. بابا جو دڪان بہ جوھي اسڪول ڀرسان ھيو انڪري مونکي اھو ڏڍ ھيو تہ ماستر ماريندو تہ مان ڀڄي بابا وٽ دڪان تي ھليو ويندس. اسڪول ۾ رسيس وقت ۽ موڪل کانپوءِ دوڪان تي اچي ويندو ھيس جتي مونکي خرچي بہ ملندي ھئي . جوھي پرائمري اسڪول ۾ بہ مار ڏيندڙ استاد ھيا جن ۾ سائين عيدن جسڪاڻي بہ ھيو جيڪو لپاٽ يا رول ھڻن بجاءِ ٻارڙن جون ببڙيون چپٽي سان چيڀاٽي پٽيندو ھيو. اسڪول جو ھيڊ ماستر سائين سليمان جسڪاڻي بہ نرالو شخص ھيو، خاص پوشاڪ ۾ خاص ٽوپي سان وارد ٿيندو ھيو. ٻارڙن کي اڪثر ٻوٿ تي مڪو وھائي ڪڍندو ھيو. ليڪن انھن استادن جي مار مونکي اھڙي ڀوائتي نہ لڳي ۽ آءُ آھستي آھستي پنھنجي ڪلاس فيلوز ۽ اسڪول ۾ گهائل مائل ٿي ويس. ان دور ۾ مار ٻار لاءِ سنوار سمجهي ويندي ھئي ۽ استاد جي مار کي والدين پڻ برو ڪونہ سمجهندا ھيا. پرائيمري ۾ منھنجو ھڪ استاد گل محمد ٻٻر بہ ھيو. چاپئين ڏاڙھي تي بوسڪي جو پٽڪو کيس ڏاڍو ٺھندو ھيو. ھن استاد مونکي ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو ڪونہ ڏنو ھميشہ پيار محبت سان پاڙھائيندو ھيو. پرائيمري تعليم ۾ منھنجو آخري استاد شير محمد لغاري ھيو جيڪو ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان جو رھواسي ھيو سائين شير محمد لغاري جا اکر ڏاڍا خوبصورت ھيا. جڏھن پرائيمري پاس ڪيم تہ سائين چيو تہ سومرا ! تنھجي پيءُ جو ڪپڙي جو دڪان آھي کيس چئو تہ تنھنجي پاس ٿيڻ جي خوشي ۾ مونکي پٽڪو انعام ڏئي. بابي خوشي خوشي ۾ سائين لاءِ ململ جو پٽڪو ڏنو. مينھون خان کوسو اسڪول جي ڀيٽ ۾ جوھي پرائيمري اسڪول جا اڪثر استاد پيار ڪندڙ ھيا جن ۾ محمد حسن پنھور جي ورتاءُ جومونتي وڏو اثر پيو. جناح ٽوپي پائيندڙ، محمد حسن پنھورپڙھيل لکيل جھانديد، ڀلو ماڻھو سميت بھترين استاد بہ ھيو. سائين محمد حسن گرامر ڏاڍو سٺو پاڙھيندو ھيو ۽ ھمٿائيندو رھندو ھيو. پرائيمري اسڪول جوھي ۾ ڪيترن ئي استادن کان تعليم حاصل ڪئي ليڪن محمد حسن پنھور مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. سائين محمد حسن علم ادب خاص طور سنڌي ادب جو ڄاڻو ھو پڙھائڻ دوران دل لڳائي پڙھائيندو ھيو. توڙي جو پرائيمري ۾ مونکي ايتري سمجهہ ڪانہ ھئي ليڪن ھو استادن جي روايتي ڌڙي بندي ۽ سياست کان آزاد ھيو. ڪڏھن بہ ڪنھن شاگرد کان ڪو تحفو نہ گهريائين نہ وري پنھنجي شاگردن کان گهر جو ڪم ڪار ورتائين جيڪو ان دور ۾ عام رواجي ڳالھ ھئي. سندس ھڪ ڳالھ جنھن منھنجو ٻاروتڻ ۾ ڌيان ڇڪايو اھو سندس اھو چوڻ ھيو تہ سنڌي ٻولي سھڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ سنڌ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي. ھو انھن شاگردن کي رھنمائي فراھم ڪندو ھيو جن کي پڙھائي ۾ دلچسپي ھوندي ھئي. آءُ پرائيمري کان اڳتي وڌيس تڏھن بہ سائين ملڻ وقت ھمٿائيندو رھندو ھيو. ڊاڪٽر ٿي اچڻ کانپوءِ سائين سان سياست علم ادب تي ڪچھريون ٿينديون ھيون. کيس ٻہ ڀائر ٻيا بہ ھيا جيڪي پڻ پڙھيل، علم ادب سان لڳاءُ رکندڙ ھيا. سندس ھڪ ڀاءُ الھورايو پنھور تعلقي ماستر جي عھدي تي ھيو. شاعري بہ ڪندو ھيو ۽ طنز مزاح جو استاد ھيو. سنڌ جي مشھور شاعر احمد خان مدھوش سان سندس شاعري تي چڪريون پيون ھلنديون ھيون. سائين احمد خان مدھوش ۽ سائين ﷲ ورايو پنھور ھڪٻئي جي شاعري تي پيروڊي پڻ ڪندا ھيا. الھورائي پنھور جي ڪچھري ۾ چرچو گهٻُو پيو ھلندو ھيو. ڪنھن وقت لفظن لفظن ۾ اھڙو چرچو ھڻي ڪڍندو ھيو جو سامھون واري جي ٽڪڻ وڃي لڳندي ھئي سائين محمد حسن جو ٻيو ڀاءُ محمد بخش پنھور ھٿ جي ھنر سيکارڻ جو استاد ھيو. گهڻُو عرصو دادو ۾ نوڪري ڪيائين. سگا جوھي ۾ سرگرم رھيو ۽ جڏھن جولائي 1999ع ۾ جوھي ۾ دوستن لئبرري ٺاھڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ سائين انھي لائبرري ٺاھڻ ۽ انکي ھلائڻ ۾ مھڙ وارو ڪردار ھيو. اھا لئبرري ھن وقت ميونسپل ڪميٽي جوھي جي نظرداري ھيٺ اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائبرري جي نالي سان ڪم ڪري رھي آھي. سائين محمد حسن کي ڇھ پٽ ٻہ نياڻيون ھيون تن سڀني کي تعليم ڏياريائين. آءُ جڏھن 1987ع ۾ ڊاڪٽر ٿي آيس تہ سائين محمد حسن مونکي پنھنجي خالي پيل دوڪان ۾ ڪلينڪ کولڻ لاءِ چيو ۽ چيائين تہ جڏھن ڪمائڻ لائق ٿين تہ پوءِ ڪرايو ڏجائين. سائين محمد حسن ھڪ ڀيري کنگه بخار جي تڪليف سبب مون کي ڏيکارڻ آيو مون کيس احتياط طور ايڪسري ڪرائڻ لاءِ چيو. سائين جي ايڪسري فلم ۾ دل واري جاءِ سان گڏ ھڪ ٻيو وڏو اڇو نشان ڏسي آءُ دھلجي ويس. سائين کي مون ايڪسپرٽ اوپينين سميت ڪنھن ڦڦڙن جي ماھر کي ڏيکارڻ لاءِ چيو. منھنجو خدشو درست ثابت ٿيو سائين کي ڦڦڙن جو ڪينسر نڪري پيو ۽ پوءِ ڪجهہ عرصي ۾ سائين گذاري ويو. بلاشڪ سائين محمد حسن پنھور کي ھڪ مثالي استاد سميت جوھي شھر جو ھڪ مثالي ماڻھوءَ سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي جيڪو جوھي شھر جو اثاثو ھيو . سائين محمد حسن جھڙا ماڻھو ورلي پيدا ٿي تاريخ تي پنھنجا اڻمٽ نشان ڇڏي ويندا آھن. ھن جا اھي لفظ تہ ” سنڌي ٻولي سھڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ سنڌ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي“ منھنجي من ۾ اندر موجود ملان تي پھرين ضرب ھئي. پرائيمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پرائيمري اسڪول جي ماحول جي زير اثر ماسترن جي باري ۾ مون وٽ موجود مينھون خان کوسو ڳوٺ وارو تاثر ختم ٿي چڪو ھيون. غلام مصطفي کوسي جو رڙيون ۽ ڇڙھيون ھڻندڙ جسم جنھن جي مٿان نم جو وڏو ٽار پيل ھيو سو پڻ ھڪ تلخ ياد بڻجي دماغ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھڪ ياد طور زندہ رھجي ويو ھيو.