آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي

آءُ ڳوٺ سميت مٽن مائٽن ۾ مولود ڳائيندو ھيس، اھا شھرت ڇھين ڪلاس ۾ بہ منھنجو پيڇو ڪندي آئي. ھڪ ڏينھن اسانجي ھيڊ ماستر غلام حيدر سولنگي مونکي پنھنجي آفيس گهرايو. مون سميت منھنجو ڪلاس ٽيچر سائين غلام شبير سيال ۽ ڪلاس فيلو بہ ھيڊ ماستر پاران مونکي گهرائڻ تي حيران ٿيا. ھيڊ ماستر مونکي سڏي پاڻ وٽ ويھاريو ۽ پوءِ پڇا ڪيائين تہ تون مولود ڳائيندو آھين. مون ھائو ڪئي. ھن مونکي انھي وقت ئي مولود ڳائڻ لاءِ چيو جيڪو مون ڊڄي ڊڄي ڪنن تي ھٿ رکي ڳايو. سائين کي منھنجو مولود ڳائڻ ڪافي وڻيو. مونکي شاباس ڏيندي چيائين تہ آئيندہ صبح واري اسيمبلي ۾ تون مولود ٻڌائيندين. ائين ڪلاس سميت پوري اسڪول ۾ منھنجو تعارف مولودي وارو ٿي ويو جنھن ۾ مونکي پھرين ڏينھن کان خوشي بجاءِ شڪائي وڌيڪ ٿي.
آءُ جڏھن ڇھين ڪلاس ۾ پھتس تہ سائين بخش ۽ سليمان بہ اچي ھم ڪلاسي ٿيا جڏھن تہ منھنجي ڳوٺ مان لطيف، حبيب، آدم پٺتي رھجي ويا. حبيب، لطيف کي تہ پڙھڻ جو شوق ڪونہ ھيو ليڪن سائين بخش رند جو ڀاءَ آدم انتھائي ذھين ۽ ھوشيار ھيو انجو ڇھين درجي ۾ نہ پھچڻ منھنجي لاء اچرج جھڙي ڳالھ ھئي. ڇھين ڪلاس ۾ گل محمد پنھور بہ پھتو تہ جوھي جي آسپاس جي علائقن ۽ اسڪولن جا ٻار بہ اچي داخل ٿيا. انھن ٻارن ۾ قربان سولنگي کي نہ ڏسي پڻ حيرت ٿي جيڪو پرائيمري اسڪول جوھي ۾ انتھائي ھوشيار ھيو ۽ سندس اکر بہ ڏاڍا جوبصورت ھيا. ڇھين ڪلاس جي ڪمري جي اوڀر ۾ وڏو ڊرائنگ ھال ھيو جنھن جي ديوارن تي فتاح چترڪار جون تصويرون اڪريل ھيون. انھن تصويرن ۾ ھڪ تصوير ۾ ھڪ عورت پھاڙن، ٿوھرن، پٿريلي زمين ۾ پير رت ڪندي ڏيکاريل ھئي، ھڪ تصوير ۾عورت محل نما قيد ۾ آھي تہ ٻي تصوير ۾ درياءَ وچ سير ۾ گهڙو ھٿ ۾ کڻي لھرن سان مقابلو ڪندڙ عورت ڏيکاريل آھي، ھڪ عورت ڍنڍ ۾ ٻيڙي ۾ سير ڪندي ڏيکاريل آھي. اھي تصوير ڪھاڻيون انوقت مونکي سمجهہ ۾ ڪونہ آيون. ڇھين ڪلاس ۾ ڪجهہ ڏينھن اسانجو ڪلاس ٽيچر دادو شھر سان تعلق رکندڙ سائين شير محمد سومرو ٿيو. ليڪن پوءِ اسانجو ڪلاس ٽيچر غلام شبير سيال ٿيو. جنھن ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مونکي ڪلاس مانيٽر مقرر ڪيو. غلام شبير سيال انتھائي شفيق استاد ھيو. ان وقت روزانہ جي پيريڊن ۾ ھڪ پيربڊ ڊرل جو بہ ھوندو ھيو ڊرل ماستر جو نالو الھورايو ھيو جيڪوجوھي شھر ۾ ڪرائي جي جڳھ ۾ پنھنجي ٻن پٽن سميت مسواڙ تي رھندو ھيو. ھو مخصوص فوجي ڊريس ۾ ھر وقت مستعد نظر ايندو ھيو. ھو نہ صرف اسڪول جي گرائونڊ تي ڊرل ڪرائيندو ھيو بلڪہ جوھي شھر جي روڊن تي بہ ڪوئيڪ مارچ جي دٻدٻي ۾ ڊرل جو گشت ڪرائيندو ھيو جتي ڄاڻ سڃاڻ وارا اسان تي کلندا ھيا تہ ڊرل ڪندڙ شاگردن کان کل نڪري ويندي ھئي. اھا غلطي اڪثر مونکان ٿيندي ھئي ۽ پوءِ سائين الھورايو اوڏي مھل ئي رڙ ڪري چوندو ھيو تہ ”اڙي ڏندُو ڏند نہ ڪڍ“ ساڳو جملو اردو ۾ ورجائيندي ھٿ ۾ پيل سوٽي ھٿن تي يا پٺي تي وھائي ڪڍندو ھيو. ائين ڪافي دفعا سندس پادر کائڻا پيا ليڪن مان بہ ڏند ڪڍڻ کان نہ مڙيس. ڊرل کانپوءِ وقفي دوران پنھنجي بھادري جا قصا ٻڌائيندو ھيو، سندس چواڻي سندس صحت جو راز نيراني چانھ پيئڻ ھيو جنھن مطابق گرم چانھ پيئڻ سان زھريلا مادا ۽ بيماري پيدا ڪندڙ جراثيم مري وڃن ٿا. ڊرل دوران کانئس سڀ شاگرد ڊڄندا ھيا ليڪن جيئن ڊرل جو پيريڊ ختم ٿيندو ھو تہ سڀ شاگرد مٿانئس کلندا ھيا. سندس ھڪ پٽ اسان سان ۽ ھڪ اسان کان ڪنھن مٿين ڪلاس ۾ پڙھندو ھيو. ھي انھن کي بہ جام دڙڪا ڏيندو ھيو ۽ مٿن ڪنٽرول قائم ھيو. جنھن مضمون جو استاد نہ ايندو ھيو سائين الھورايو موقعو ڏسي اھو پيريڊ پاڻ وٺندو ھيو ۽ ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ جي ورد ۾ اسانکي شھر جا چڪر ڏياريندو ھيو. ستين درجي ۾ اسانجو ڪلاس ٽيچر محمد بخش لغاري ٿيو جيڪو مئٿس پڻ پاڙھيندو ھيو. اسان سان گڏ ڪلاس ۾ ٻہ ڇوڪريون بہ پڙھنديون ھيون جن ۾ ھڪ جو نالو صغرا ۽ ٻي جو نالو زليخا ھيو. صغرا جوھي جي بازار جي دڪاندار عثمان پنجابي جي ڌي ھئي. ٻي ڇوڪري جو نالو زليخان گنب ھيوجيڪا وري ابراھيم گنب جي ڌيءَ ھئي. ابراھيم گنب پاڻ استاد ھيو جنھن کي نياڻيون پاڙھڻ جو شوق ھيو. گل محمد گنب جوھي جھڙي پٺتي پيل ماحول ۾ نياڻيون پڙھائڻ لاءِ ڳوٺ گل محمد گنب مان لڏي اچي جوھي شھر ۾ رھيو. اسانجو عربي جو ڪلاس مولوي علي نواز رند وٺندو ھيو. ”ضرب ضربا، ضربو“ جو گردان جنھن کي ياد نہ ھوندو ھيو انکي جام موچڙا ھڻندو ھيو ليڪن جنھن تي ٻي ڪا ڪاوڙ ھوندي ھئي تبہ انھي سان گهٽ نہ ڪندو ھيو. سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ ناشائستہ ھوندوھيو جنھنجي ڪري صغري تہ اڌ ۾ ئي پڙھائي ڇڏي وئي ليڪن زليخا پاڻ ۽ سندس پيءَ ڌن جا پڪا ھيا ۽ ھن پنھنجي پڙھائي نامساعد حالتن باوجود جاري رکي. شايد انھي ڪلاس ۾ سائنس جو مضمون بہ پڙھايو ويندو ھيو جنھن کي پڙھائڻ لاءِ استاد بشير آرائين سيتا روڊ مان ڪھي ايندو ھيو. انتھائي سھڻو ۽ محنتي جوان ھيو. ليڪن پنجابي ۽ اوپرو ھئڻ ۽ عدم تحفظ جي احساس سبب بدلي ڪرائي ھليو ويو. اٺين ڪلاس ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر ڪمال دين کوسو ٿيو. ڪمال دين انتھائي محنتي استاد ھيو. سائين ڪمال الدين پنھنجي ڪلاس۾ خاص طور مونتي وڏي محنت ڪئي. انوقت استاد جيڪو پڙھائيندا ھئا مونکي ياد ٿي ويندو ھيو ۽ مونکي وري ڪتاب پڙھڻ جي ھروڀرو ضرورت نہ پوندي ھئي. اسڪول ۾ ڪلاس ٽيچرن وچ۾ وڏي ريس لڳل ھئي ھر ڪلاس ٽيچر چوندو ھيو منھنجي ڪلاس جا شاگرد وڌيڪ ھوشيار آھن. نائين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر سائين احمد خان لاشاري ۽ سائين ڪمال الدين وچ ۾ اھا ريس منفي پروپئگنڊا ۾ بہ تبديل ٿي ويندي ھئي ۽ استاد ھڪٻئي خلاف گٿا لفظ بہ ڳالھائيندا ھيا. ھڪ ڀيري دادو مان ڪمال الدين سولنگي صاحب اسڪول جي دوري تي آيو ۽ اچي ڏھين ڪلاس ۾ بيٺو شاگردن کان سوال ڪيائين. ھڪ سوال جو جواب سموري ڪلاس ۾ ڪنھن کي نہ آيو اتي سائين ڪمال الدين کوسي ھام ھنئين تہ منھنجي ڪلاس اٺين جو شاگرد انھي سوال جو جواب ڏيندو. ھڪ جملي کي انگريزي ۾ گرامر مطابق ترجمون ڪرڻو ھيو. مونکي گهرايو ويو ۽ مون انجو صحيح جواب ڏنو. سولنگي صاحب مونکي شاباس ڏني. سائين ڪمال دين کوسي جو ڳاٽ فخر ۾ اوچو ٿي ويو ۽ سولنگي صاحب جي واپس وڃڻ تي پيار ۾ مونکي بجو گهروڙي ڏنائين. سائين جڏھن بجو کولي ۽ چوي تہ انھي ۾ پنھنجو ٻوٿ ھڻ تہ اھا سندس محبت جي نشاني ھئي.
نائين ڪلاس ۾ دادو واسي سائين نذير سومرو اسانجو ڪلاس ٽيچر ٿيو. ڪلين شيو نذير سومري جا مٿي جا وار ائين ھيا ڄڻ مٿي تي ڪاري ٽوڪري پئي ھجي. کيس صاف سٿرا ٻار پسند ھوندا ھيا. مان صاف سٿرو نہ رھندو ھيس. منھنجو بابا بہ سادي قسم جو ماڻھو ھوندو ھو چوندو ھيو وڏن وارن ۾ صفائي نہ رھندي آھي ۽ جُونءَ پئجي وينديون آھن سو اڪثر منھنجي ٽڪڻ ڪرائي ڇڏيندو ھيو. اسان جي ڳوٺ بخش علي رند ۾ وارن ۾ سينڌ ڪڍڻ کي بہ برو سمجهيو ويندو ھيو. سائين نذير سومرو راڳ رنگ جو شوقين ھيو تنھن کي منھنجي سادگي، ٽڪڻ ڪرائڻ واريون عادتون بلڪل پسند نہ آيون ۽ مونکي مانيٽر شپ تان ھٽائي ڇڏيائين. نئون مانيٽر اسماعيل کوسو ٿيو. انھي دوران سائين نذير ”مائي گلان “ نالي اسٽيج ڊرامون لکيو ۽ ڊائريڪٽ ڪيو جنھن ۾ مونکي مائي گلان جو ڪردار ڏنو ويو جنھن کي مون زناني آواز ۾ ادا ڪيو، نتيجي ۾ ڪافي ڏينھن تائين مائي گلان جو آواز ٻڌڻ جي مونکان فرمائش ٿيندي رھي. نائين ڪلاس جي مانيٽري کسجڻ، گهر جا مالي حالات ٺيڪ نہ ٿيڻ ڪري منھنجو ڌيان پڙھائي تان ھٽي ويو ۽ مون ڪجهہ پئسا ڪمائڻ لاءِ کٽون، ڪرسيون واڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. جوھي شھر ۾ برڪت پنجابي ڪتابن جا جلد ٻڌندو ھيو جنھن جي جلد ٻڌل ڪتابن کي ڏسي پنھنجي وڏي ڀاءَ جي رھنمائي ۾ جلد ٻڌڻ جو ڪم بہ سکيم. کٽون، ڪرسيون واڻڻ ۽ جلد ٻڌڻ ۾ پئسا ملڻ شروع ٿيا تہ منھنجو پڙھائي تان ڌيان مورڳو گهٽجي ويو. نائين ڪلاس ۾ ئي ڪلاس مانيٽراسماعيل کوسي سان دوستي ٿي جنھن مونکي پڙھڻ لاءِ تحريڪ رسالو ڏنو. سوشلزم سميت ترقي پسند لٽريچر پڙھڻ جي شروعات سائين ڪمالدين جي اوطاق تي اڳ۾ ئي ٿي چڪي ھئي. اسماعيل ذريعي اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم سان رابطو ٿيو جيڪي اڪثر منھنجي مامي سڪندر سرواڻ جي ڪئبن تي ويھندا ھيا. انھي ڪئبن تي ٻيڙين سگريٽن کٽمٺڙن کانسواءِ رسالا ۽ ڪتاب ٽنگيا پيا ھوندا ھيا. سڪندر سرواڻ جي ڪئبن ٻاھران بينچ تي اڪثر سياست تي ڳالھيون ٻولھيون ٿينديون ھيون جيڪي سڪندر جي والد ناني ڪوڙي کي نہ وڻنديون ھيون. انڪري ناني جي موجودگي ۾ سڪندر جي ڪئبن تي نہ وڃبو ھيو. ڪئبن تي، امر جليل، رسول بخش پليجي ۽ جمال ابڙي جا لکيل ڪتاب، تحريڪ ۽ سھڻي رسالا پڻ ٽنگيل ھوندا ھئا. . انھي ڪئبن تي ويھندي ڊرگهہ بالا جي رھواسي سپاھي رمضآن کچي سان بہ مکا ميل ٿيو. جڏھن بہ اسان ڪئبن تي ويھندا ھئاسين ھلڪي قد چاپئين ڏاڙھي سان رمضان کچي پوليس وارو ضرور اتان گذرندو ھيو. سندس آڪڙجي ھلڻ تي اسان وري کلندا ھئاسين جنھنجي ڪري ھڪ دفعو اسانکي جيل وجهڻ جي ڌمڪي بہ ڏنائين. ڪنھن وقت اڪبر، شريف، اسماعيل کوسو گڏجي بشير پنجابي جي ھوٽل تي ويھندا ھئاسين جنھن ۾ غلام قادر ٿھيم، سائين بخش رند، حبيب ڪنگراڻي، عزيز ڪنگراڻي بہ شامل ٿيندا ھئا. انھي عرصي دوران مونکي فلمون ڏسڻ جو شوق ٿيو. جوھي جي قيصر سينيما ۾ سج لٿي کان پوءِ وارو شو ڏسي گهر ويندو ھيس. واپسي تي رات جو ڳوٺ ويندي ڊپ ٿيندو ھيو انڪري ڊپ مٽائڻ لاءِ باھوٽن جو پاڙو گذري شھر کان ٻاھر نڪري ڳوٺ تائين وڏي آواز ۾ گانا ڳائيندو ويندو ھيس. نائين ڪلاس ۾ مان نہ صرف پڙھڻ کان پري ٿي ويس بلڪہ مائٽن جي چوڻ کان بہ نڪري ويس. انھي ڪري منھنجي وڏي ڀاءُ مولوي واليڏني ڪافي ڀيرا مونکي دوڪان تي مار بہ ڏني ۽ وارننگ ڏنائين تہ اڪبر جسڪاڻي سان بلڪل نہ گڏجان. نائين ڪلاس ۾ منھنجون مارڪون ڪلاس ۾ ٻئي نمبر تي آيون. ڇھين ڪلاس کان وٺي پھريون نمبر ايندڙ ٻار لاءِ اھا وڏي سزا ھئي. مون مئٽرڪ جي امتحان ۾ دل کولي ڪلاس اٽينڊ ڪيا. سائين قاسم لغاري جيڪو مئٽرڪ ۾ ڪلاس ٽيچر ھيو ان بہ مونکي وري مانيٽر ڪيو تہ منھنجي مجروح انا واپس موٽي آئي ۽ آءُ مئٽرڪ جي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس کڻي ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيس جنھن ۾ انگريزي مضمون ۾ 75 مان 66 مارڪون کڻڻ مونکي ڏاڍو وڻيو. ادو غلام قادر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بابي کي چيائين تہ حميد کي پڙھائي ڊاڪٽر ڪنداسين. انوقت ادا غلام قادر جي حيثيت اسانجي خاندان ۾ اثرائتي ۽ فيصلہ ڪن ھئي، تنھن جي ڳالھ بابا کي بہ سمجهہ ۾ آئي.
توڙي جو جوھي ھاءِ اسڪول ۾ تعليم جو معيار ڏاڍو سٺو ھيو ليڪن اسڪول ۾ مضمون نويسي، تقريري مقابلا، راندين جا مقابلا بلڪل نہ ھجڻ برابر ھيا. اسڪول ۾ ڪو فضيلت ڀريو پلي گرائونڊ ڪونہ ھيو. ھڪ اڌ ڀيرو ملھ، ڪاڪ فائيٽنگ جھڙا راندين جا مقابلا ٿيا ليڪن غيرنصابي سرگرمين ڏانھن توجه بلڪل گهٽ ھئي. اھڙن مقابلن ۾ ڪاڪ فائٽنگ ۾ مونکي پاڻ کان جونيئرجمن باھوٽي شاطرانہ چال کيڏندي شڪست ڏني جڏھن تہ ملھ ۾ مون بشير ٿھيم کي دسي وڌو. ھر سال اسڪول جي انسپيڪشن ٿيندي ھئي ليڪن ان ۾ گهڻو زور نصابي تعليم تي ھوندو ھيو. انھي جو ھڪ سبب استادن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ھئي جنھنجو مقصد پاڻ کي سرخرو ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي گلا ڪرڻ ھيو. اھڙي گلا شاگردن آڏو ڪلاس ھلڻ دوران بہ ڪئي ويندي ھئي جنھن ۾ ڪڏھن ڪڏھن تہ ھڪ ٻئي لاءِ ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويندا ھيا. توڙي جو دادو مان آيل استاد نذير سومرو مونکي سادگي ۽ ٽڪڻ ھجڻ سبب مانيٽري تائين ھٽائي ڇڏيو ليڪن اھو واحد استاد ھيو جنھن غيرنصابي سرگرمين کي ھمٿائڻ جي ڪوشش ڪئي جن ۾ راڳ ڳائڻ سميت ڊراما ڪرائڻ شامل ھيو.
جيستائين مونکي ياد پوي ٿو جڏھن مئٽرڪ جو امتحان پئي ٿيو تڏھن اسان جي ڪلاس مان ڪي 45 شاگرد امتحان ۾ ويٺا. ڇھين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين جن سان گڏ تعليم حاصل ڪئي انھن جو ذڪر ڪرڻ انتھائي ضروري آھي جيئن سمجهي سگهجي تہ انوقت ھاءِ اسڪول سميت جوھي ۾ ڪھڙي سوچ ڪارفرما ھئي. انھن مان ڪجهہ دوست جن سان صرف اسڪول جي حد تائين واسطو رھيو تن جو ھتي ذڪر ڪجي ٿو باقي جن سان ڊگهي رفاقت رھي تن جو ذڪر تفصيل سان اڳتي ھلي ڪبو.
ھاءِ اسڪول جوھي لڳ بچل رند جو ڳوٺ آھي جنھن مان تنھن وقت اڪبر رند، رشيد رند ۽ عثمان رند ھاءِ اسڪول ۾ منھنجا ھم ڪلاسي ٿيا. رند ذات جوھي ۾ ڏنگو ھجڻ جي سڃاڻ رکي ٿي ۽ اھا ڏنگائي رند شاگردن ۾ بہ ھئي. ڪنھن سان وڙھندي دير نہ ڪندا ھئا. ڏنگي ۽ بھادر ھجڻ جو ھڪ ڪارڻ تہ انھي برادري جو ڏاميش ھجڻ وارو پس منظر ھيو ليڪن انجو ٻيو اھم ڪارڻ رندن جي ٻن ڳوٺن جو جوھي شھر ۽ ھاءِ اسڪول ڀرسان ھجڻ پڻ ھيو. اڪبررند ڏاڍو ھوشيار ھوندو ھيو سندس اکر بہ ڏاڍا سٺا ھوندا ھيا ھو والي بال جو بہ سٺو رانديگر ھيو. سندس پيءَ ڪپڙي جو واپاري ھيو سندس وڏو ڀاءُ حسن رند پڻ ڪپڙي جو واپار ڪندو ھيو. اڪبر جو ننڍو ڀاءُ اصغر سپاف جو ڪارڪن ھيو. جيڪو مارشلا لڳڻ کانپوءِ جوھي ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ پيش پيش ھوندو ھيو ۽ تقرير دوران جنرل ضياءَ کي ڪچيون گاريون ڏيندو ھيو. اڪبررند اڳتي ھلي پڙھائي ڇڏي ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڪم ڪيو. اڪبر جي ھڪ ڳالھ اڃا تائين ياد آھي تہ جڏھن امتحان دوران پيپر ڏيندي ڪجهہ وسري ويندو ھيس تہ چوندو ھيو تہ سوال جي جواب جو منڍ ٻڌاءِ، ائين منڍ ٻڌائڻ تي ھو باقي جواب پاڻ لکي ويندو ھيو. سندس زندگي غربت ۾ گذري آھي. عبدالرشيد رند سيٺ گل محمد رند جو پٽ ھيو. گل محمد رند زمينداري سميت جوھي دادو ۾ بس سروس ھلائيندو ھيو. دادو جي پراڻي اسٽاپ تي سندن گيريج بہ ھيو. منھنجو ڀاءُ غلامحمد پڻ سندن بسن تي منشگيري ڪئي. رشيد شڪل صورت جو ڏاڍو سھڻو ھيو. مئٽرڪ کان پوءِ پڙھڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهہ سال اڳ دماغ جي خلل سبب بيمار ٿيو ذھني توازن خراب ٿيس ۽ وفات ڪري ويو سندس گهر واري ھيلٿ ورڪر جي نوڪري ڪري پنھنجا ٻارڙا پاليا. سندس وڏو ڀاءُ حنيف رند پڻ ڪنھن بيماري سبب ڪوٽڙِي ۾ وقت کان اڳ فوت ٿي ويو. سندس ٻيا ڀائر خان رند، اسلم رند، خالد رند، نواب عالم رند ھن وقت بہ جوھي ۾ رھن ٿا.
عثمان رند بابا جي دوست چاچا علي محمد جو پٽ آھي. چاچا علي محمد کي ڪپڙي جو دوڪان ھيو سندس وڏي پٽ اڪبر رند واپار ۾ وڏي ترقي ڪئي. عثمان کي پڙھڻ جو شوق پورو سارو ھيو. ھو ڏاڍو حرڪتي ھيو. ڪنھن سان ٽڪرجي پيو تہ ويڙھ ۾ سندس وڏو ھٿيار سندس رانڀوٽا ھوندا ھيا جنھنجي ڪري ساڻس ڪو حرڪت نہ ڪندو ھيو. واپڊا ۾ ملازم ٿيو. دادو گرڊ اسٽيشن تان نوڪري ڪري ريٽائرڊ ٿيو. جيستائين جوھي ۾ بجلي جو ڪنٽرول دادو مان رھيو عثمان پنھنجي شھر جي بجلي ڪٽجڻ گهٽ ڏيندو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن فرمائش تي لوڊ شيڊنگ جو وقت بہ تبديل ڪندو ھيو. نوڪري دوران ھن گهر ۾ مينھون بہ پاليون جن مان بہ کيس سٺي اپت ٿيندي ھئي. رندن جي ھن ڏنگي ٻار پنھنجي زندگي انتھائي منظم نموني گذاري. ڳوٺ قادر بخش چنا جو خدادا چنو خبر ناھي مئٽرڪ تائين گڏ رھيو يا نہ ليڪن ھن سان پوءِ بہ ڪڏھن ڪڏھن ملاقات ٿيندي ھئي. ھن پنھنجي زمينداري سنڀالي. غلام شبير لنڊ ۽ علي گوھر لنڊ ٻنھي جو تعلق جوھي شھر کان سڏ پنڌ تي ڇني روڊ تي آباد ڳوٺ جعفر خان لنڊ سان ھيو. جعفر خان لنڊ ۽ شبير جي وڏي ڀاءُ حافظ فيض محمد لنڊ جو بابا ۽ منھنجي وڏي ڀاءُ جيان جوھي شھر ۾ ڪپڙي جو دوڪان ھيو. علي گوھر لنڊ تہ سعودي ھليو ويو ليڪن شبير لنڊ زمينداري سان گڏ ماستري بہ ڪئي ۽ ماسترن جي يونين پ ٽ الف جو ليڊر بہ ٿيو. ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ ۾ ٻنيون سنڀالي ٿو. حافظ فيض محمد لنڊ ڳوٺ کان اڳتي ڇني روڊ تي قبي جو اسٽاپ اچي ٿو اتي روڊ جي اولھ طرف پنھل جمالي جو گهر آھي جنھنجو پٽ غلام محمد جمالي پڻ گڏ پڙھيو. پڙھڻ ۾ ڪو خاص شوق نہ ھيس، پڙھي ماستر ضرور ٿيو. پنھنجون زمينون اٿس ليڪن قبي تي زرعي پاڻي نہ پھچڻ سبب سندس زمينداري جا حال پورا آھن. غلام محمد جمالي جر ڳوٺ سامھون ڇني روڊ جي ٻئي پاسي ڳوٺ حاجي عمر جمالي ۾ شريف جمالي رھندو ھيو تنھن کي پڻ پڙھائي جو شوق گهٽ ھيو ھڪ ڏينھن سعودي عرب نڪري ويو تہ اتان جي ٿي رھيو. ڪاڇي جي وسندي ڇني مان محمد بخش رانجهاڻي بہ منھنجو ڪلاس فيلو ھيو. ان سان وري ڪڏھن رابطو نہ ٿيو آھي . غلام مصطفي ٻٻرجو تعلق ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ سان ھيو. سائين محمد قاسم کيس ڀوڳن ۾ چوندو ھيو تہ ھنجو اصلي ڳوٺ ”تيڪ دڙہ“ آھي. پڙھي ماستر ٿيو سندس پيءَ طالب حسين بہ ماستر ھيو. ھاڻي جوھي شھر ۾ رھي ٿو سندس ھڪ پٽ ڪاليج ۾ نوڪري ۾ آھي جڏھن تہ ٻيو پٽ سياست ۾ سرگرم آھي. ڳوٺ بازمال کوسا جا ولي محمد کوسو، غلام رسول کو، Iآچر کوسو اٺين ڪلاس کانپوءِ ھاءِ اسڪول جوھي ۾ آيا آچر کوسو ۽ غلام رسول ڪراچي نڪري ويا نوڪريون ڪيائون جڏھن تہ ولي محمد کوسي جو ڪو پتو نہ ملي سگهيو آھي. ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان پڙھيل لکيل ماڻھن ۽ ماسترن جو ڳوٺ سڏجي ٿوجنھن جو سھرو دادو ضلعي جي مشھور سياسي شخصيت علڻ خان لغاري ڏي وڃي ٿو جيڪو انھي ڳوٺ جو ھجڻ سبب لغاري ايترو اڳتي نڪري آيا. مشھور لوڪ شاعر طالب لغاري جو واسطو بہ انھي ڳوٺ سان آھي. انھي ڳوٺ مان سردار خان لغاري، پيار علي لغاري پڻ مون سان گڏ پڙھيا ٻئي ماستر ٿيا.
ڊرگهہ بالا مان ھڪڙو سانورو سھڻو قدآور جوان غلام نبي ڀٽو بہ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ آيو ليڪن پوءِ ھو محنت مزدوري لاءِ سعودي ھليو ويو. ڳوٺ ڊرگهہ بالا جو ئي نورمحمد سيال اچانڪ پڙھائي ڇڏي پنھنجي پيءَ جي ڪارخاني کي سنڀالڻ کي لڳي ويو ليڪن بعد ۾ سعودي ھليو ويو. انتھائي کلمک سھڻو سيپڪڙو نورمحمد سيال ڊرگهہ بالا کانپوءِ جوھي ڇڏي حيدرآباد ۾ رھائش پذير آھي. تنھن وقت جوھي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ڊسپينسري ھوندي ھئي جنھن ۾ بنگالي ڊاڪٽر مڪمل حسين بدلي ٿي آيو. سندس پٽ مڪرم حسين پڻ گڏ پڙھيو. وڏن وارن وارو مڪرم، اسماعيل کوسي جو ويجهو دوست ھيو. مڪمل حسين جو پٽ مڪرم سٺي سنڌي ڳالھائيندو ھيو ڇوتہ سندس ماءُ قاضين جي خاندان مان ھئي. جڏھن آءُ چانڊڪا ۾ پڙھندو ھيس تڏھن دل جي دوري سبب مڪرم جي موت جي خبر اسماعيل کوسي ٻڌائي. ڳوٺ لال بخش لنڊ جو جمع لنڊ۽ صادق لنڊ تعليم پوري ڪري ڪاليج ۾ ڪلارڪ ٿيا. ساڻن واسطو جوھي ۾ ھجڻ تائين باقاعدي رھيو. جوھي واسي، پوليس کاتي جو محمد صالح وڏو منشي جو وڏو پٽ غلام رسول کوسوپڙھي ماستر ٿيو. اسانجي نائين ۽ مئٽرڪ لاءِ امتحاني مرڪز دادو ھوندو ھيو جتي ھو اسان دوستن جي نہ صرف رھائش جو بندوبست ڪندو ھيو ماني ٽڪي جو بندوبست پڻ ڪندو ھيو. توڙي جو سندس گهر دادو ۾ نہ ھيو ليڪن محمد صالح جي دادو ۾ واسطيداري ھئي جنھن ڪري اسان جي خدمت خوب ٿي.
سائين شير محمد سومري جو پٽ شير زمان سومرو پڻ گڏ پڙھيو. اسانجو عزيز عاقل سومرو سندس نانو ھيو انڪري جوھي سان سندس گهرو رشتو ھيو مون سان گڏ انٽر پڻ ڪيائين. اڳتي ھلي تعليم کاتي ۾ ضلع ليول جو آفيسر ٿيو. جڏھن بہ جوھي ايندو ھيو پنھنجي ماسات محرم سومري سان گڏ ڪلينڪ تي ضرور ايندو ھيو ۽ سندس فرمائش چانھ پڪوڙا ضرور ھوندي ھئي. ڪجهہ سال اڳ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو.
ڳوٺ گل محمد گنب جو اڪبر گنب پڙھي ماستر ٿيو، انگريزي لفظ did کي ڊِڊ بجاءِ سدائين ڊڊ ڪري پڙھندو رھيو، جڏھن کلندو ھيو تہ محسوس ٿيندو ھيو ڄڻ سندس سمورو بدن کلي رھيو آھي. ھڪ ڏينھن دل جي دوري سبب ڪافي سال اڳ گذاري ويو. ڳوٺ گل محمد گنب لڳ پنھنجي زمين تي ويٺل ماستر يار محمد جو پٽ الھڏتو کوسو پڻ گڏ پڙھيو، وڏو حرڪتي ھيو. ڪلاس ۾ سڀني سان چرچا بہ ڪندو ھيو. پڙھي ماستر ٿيو ليڪن پوءِ اچانڪ سندس اٿڻ ويھڻ مٽجي ويو ۽ وڃي لطيف جي درگاھ جو فقير ٿيو. لطيف جي شاعري ۽ انجي فڪر جي وٽس الڳ قسم جي تشريح آھي. ڪلاس ۾ ھڪ حرڪتي شاگرد محمد حسن سومرو بہ ھيو جيڪودين محمد سومري ڍڪ منشي جو پٽ ھيو. دين محمد سومرو ڳالھين جو ڳھير ۽ ڪچھري جو مور ھوندو ھيو سياست تي ڳالھائڻ سندس محبوب مشغلو ھوندو ھيو. سندس ھڪ نوجوان پٽ جي ڪنھن ڇوڪري سان محبت ٿي پئي، مائٽن کان اھو رشتو ڪرڻ جي گهر ڪيائين. جواب ملڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. نوجوان پٽ جو اھڙو المناڪ وڇوڙو نہ سھي دين محمد ڀڄي ڀري پيو. محمد حسن ڪلاس ۾ اڪثر حرڪت ڪندو ھيو. چپ چپ ڪري سنھڙي چھنڊي وھائي ڪڍندو ھيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ سعودي عرب ھليو ويو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر سومرو سب انسپيڪٽر ٿيو ليڪن دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. سندس ھڪ ڀاءُ لطيف دادو ۾ رھي ٿو. وچ جوھي شھر ۾ گامي پنجابي رھندو ھيو جنھن جي پيءَ ۽ ڏاڏي جو حلوي جو دوڪان ھيو. انھي بازار ۾ منھنجي بابا جو دوڪان بہ ھيو. جنھن وقت بہ تازي مٺائي جو ٿالھ ڀرجي ايندو ھيو مونکي لڏون، ڄمون يا ٽُڪيءَ جي وٽ ضرور ڪرائيندو ھيو. ھڪ ڏينھن دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو سندس ڀاءَ صادق جوھي ۾ رھندو ھيو ليڪن اھو بہ اکين کان اوجهل ٿي ويو. قربان غوري، منھنجو دوست اسلم پنجابي پڙھائي ڇڏي ويو. اسلم جي سوٽ صغران تہ اڳ۾ ئي پڙھائي ڇڏي ويئي ھئي 1973ع ۾ ٻولي واران فسادن کان پوءِ اڪثر پنجابي ڳالھائيندڙ جوھي ڇڏي ويا تہ عثمان پنجابي، رفيق پڪوڙائي سندن ٻار ۽ قربان غوري جو خاندان بہ اکين کان اوجهل ٿي ويا. ڳوٺ الھياراڻي جو روحل لغاري مئٽرڪ پاس ڪري ماستر ٿيو. سندس گهر واري مونکي ڀاءُ ڪري سڏيندي ھئي. سندن نوجوان پٽ ھڪ ڏينھن ڇنڊڻ شاخ ۾ مئل حالت ۾ مليو. روحل ۽ سندس گهر واري پڻ فوت ٿي ويا.
ڇھين ڪلاس ۾ ھڪ ڏينھن اچانڪ ٻہ ڇوڪرا صفا ھم شڪل گوڏ سان اچي ڪلاس جي بينچن تي ويٺا جن متعلق اسانکي ڪلاس ٽيچر ٻڌايو تہ اھي ٻئي ڀائر آھن جن جا نالا اعظم ۽ عظيم آھن. پنجابي ڳالھائيدڙ آھن ۽ مخدوم بلاول ڀرسان بھاولپور ڳوٺ جا رھواسي آھن. ھڪ ڏينھن اچانڪ گم ٿيا تہ وري ڪونہ موٽيا.
سليمان رند منھنجي ڳوٺ جو ھيو. ھو منھنجو ننڍپڻ جو يار ھيو. مينھون خان اسڪول ۾ جڏھن آءُ پڙھڻ لاءِ داخل ٿيس تہ انھي ۾ سليمان سان دوستي جو عمل دخل ھيو. ھن جي امڙ ماسي حوا سدائين چوندي ھئي تہ کيس پاڻ سان گڏايان جيئين پڙھي پوي. اسان انٽر تائين گڏ پڙھياسين مان چانڊڪا ۾ پڙھيس پئي تہ ھو پرائيمري ماستر ٿيو . انتھائي محنتي ماڻھو ھيو ليڪن ڪنن کان گهٻرو ھيو. پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٻار پاڙھيائين، ان سان گڏ ڳوٺ جي اولھ ۾ پاڻي جو تلاءُ ٺاھي نہ صرف مچي پاليائين بلڪہ ترڪاري پڻ ڪندو ھيو. اھا سبزي ترڪاري صبح صبح مارڪيٽ سان گڏ منھنجي گهر ۾ بہ ايندي ھئي. 1995ع جي ٻوڏ کانپوءِ آءُ جوھي لڏي آيس تہ بہ صبح صبح سليمان اسانجي گهر ترڪاري يا مڇي سان گڏ ضرور ايندو ھيو. کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ برک زميندار چوندا ھياسين. ڪمال جو شخص ۽ اسانجي گهر لاءِ محبت جو ڀنڊار ھيو. جولاءِ 2021ع ۾ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو.
سائين بخش رند پڻ سليمان جيان منھنجو بچپن جو دوست ھيو. چاچي ايوب رند جي 21 ٻارن مان ھڪ ٻار سائين بخش رند ننڍي لاڪون ئي ڪجهہ تيز طبيعت جو مالڪ ھيو. وٽس دوست ۽ دشمن کان سواءِ ٽئين رشتي لاءِ جاءِ بلڪل نہ ھئي. سندس سموري زندگي انھي سان عبارت ھئي. جنھن جو دوست رھيو ان سان صحيح غلط ڳالھ ۾ گڏ رھندو وٽس ڊپلوميسي نالي ڪا بہ شئي نہ ھئي. پنھنجا پٽ ۽ نياڻي بہ پڙھايائين. جوھي جي سياسي سماجي ادبي تحريڪ تي سندس وڏي ڇاپ آھي. جڏھن مان 1988ع ۾ جوھي پھتس تہ جوھي جي ادبي سنگت تي جاني ملاح، نقاد ٿھيم، لياقت علي لياقت ۽ سائين بخش رند جي بادشاھي ھئي. سندن تعلق وري ادبي سنگت جي ھڪ اھم اڳواڻ مشتاق ڦل سان ھيو. مون جڏھن جوھي ۾ پاڻ کي سياسي سماجي ادبي جھان ۾ سرگم محسوس ڪيو تہ سائين بخش مون سان گڏ بيٺل ھيو. اھو سفر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، طبقاتي جدوجھد ۾ بہ ھيو تہ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ۾ بہ ھيو جنھن جي ڪميٽي ۾ ھنجو ڪردار تمام ڪليدي ھيو. ھونئن تہ لئبرري جي سموري انتطامي ڪميٽي سرگرم ھئي ليڪن، ميمبرن کان جيڪو ماھوار چندو ڪٺو ٿيندو ھيو اھو سائين بخش رند، عبدالجبار ڏاھري ۽ لئبررين حامد لاشاري ذريعي ٿيندو ھيو جنھن ۾ ڪجهہ حصو منھنجو بہ ھوندو ھيو. جوھي ۾ 1988ع کان 2015ع تائين جوھي ۾ جيڪا بہ سياسي ادبي سماجي سرگرمي ٿي ان ۾ سائين بخش رند جو شامل نہ ھجڻ ناممڪن ھيو. ھو نہ صرف بھترين پروگرام منتظم ھيو بلڪہ سٺو ڪھاڻيڪار۽ بھترين ڦوٽوگرافر پڻ ھيو. فيبروري 2019ع ۾ سندس ناگهاني موت نہ صرف سندس گهر بلڪہ جوھي جي سماجي، سياسي، ادبي محاذن جو نقصان ثابت ٿيو.
ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي جو عزيز ڪنگراڻي ڇھين ڪلاس کان انٽر تائين گڏ پڙھيو. سندس آواز ڏاڍو سريلو ھيو، ”ماھي يار دي گهڙولي ڀردي آن“ ڪلام ڳائيندو رھندو ھيو. جوھي ھائوس ڪلاس ۾ پڙھائي دوران ھي بہ سياست ۽ ادبي سماجي سفر جو ھمسفر رھيو. دادو ڪاليج ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ لکڻ پڙھڻ ۾ مصروف رھيو. جڏھن دادو جي ڪاليج مان شاگرد يونين پاران ”منڇر“ مخزن نڪتو تہ انھي ۾ بہ سندس ھڪ ڪھاڻي ۽ ھڪ مضمون شامل ھيو. جوھي نوجوان تنظيم جو عھديدار ۽ سرگرم ڪارڪن پڻ رھيو، سنڌي ادبي سنگت جوھي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رھيو ۽ انھي سنگت ۾ نئون روح ڦوڪڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪيائين. جوھي ھاءِ اسڪول ۾ استاد ٿيو بعد ۾ جوھي ڪاليج ۾ ليڪچرار، پروفيسر ٿيو ۽ آخر ۾ واھي پانڌي ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عھدي تان ريٽائر ڪيائين. سٺو شاعر، ڀلو ڪھاڻيڪار، مشھور ڊرامہ نگارآھي. سندس ٽي وي ڊرامن جون مشھور سيريلز، ڪافي عرصي تائين سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڇانيل رھيون. سندس پورھئي ۾ منفرد ڪم آثار قديمہ ۽ اندس اسڪرپٽ تي آھي. مختلف موضوعن ۽ صنفن تي سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. عزيز ڪنگراڻي جو سوٽ حبيب ڪنگراڻي پڻ انٽر تائين گڏ پڙھيو ان کانپوءِ ھاءِ اسڪول ٽيچر ٿيو خوش پوش خوش لباس رھندو ھيو. ھنجي مون سان ڏاڍي دل ھوندي ھئي. کيس مھارن جو ڪينسر ٿي پيو ھيڪر ٺيڪ بہ ٿيو ليڪن پوءِ ڪريو تہ وري نہ اٿيو ۽ گذاري ويو. ڳوٺ چينجاڻي جو اسماعيل کوسو منھنجو تمام ويجهو دوست آھي. غريب گهراڻي ۽ ڌڱاڻي خان کوسي جو چشم و چراغ ھي نوجوان پھرين سپاف ۾ شامل ٿيو بعد ۾ جيئي سنڌ وارن سان ويجهو رھيو. مونکي سياست ۾ آڻڻ ۽ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان ملائڻ ۾ ھن جو ڪردار ھيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ھليو ويو مختلف خانگي نوڪريون ڪيائين محنت ڪري اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر ٿيو۽ اتان ريٽائر ٿيو. اسماعيل سان ايتريون يادون وابستہ آھن جو ھن تي اڳتي ھلي تفصيلي مضمون لکبو.
بازمال کوسہ ڳوٺ جو رھواسي سڪندر کوسو ھاءِ اسڪول ۾ پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي درزي ٿيو ۽ پوءِ وري پڙھيو، ڏاڍو ھوشيار ۽ محنتي ھيو سندس واپس پڙھائي ٽارزن واري واپسي ھئي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊي ايس ايف ۾ پڻ رھيو. سندس گهڻُو رجحان پنھنجي پڙھائي طرف رھيو. نوڪري ۾ ميڊيڪل آفيسر طور آيو ليڪن محنت ڪري پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سرجن ٿيو. جنھن پوسٽ تان ريٽائر ٿيو.
ڊرگهہ بالا ڀرسان ڳوٺ ڪنڊي ٻٻر مان ستار ٻٻر نائين ڪلاس ۾ جوھي ھاءِ اسڪول ۾ آيو. ڏاڍو ھوشيار ھيو نائين ڪلاس ۾ مونکان وڌيڪ مارڪون کنيائين. انٽر امتحان ۾ ميڊيڪل ۾ سليڪٽ نہ ٿيو امپروو ڪري ميڊيڪل ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر بڻيو. ڌن جو پڪو سياسي ادبي سوجه بوجه وارو شخص آھي. سندس ڊائري ۽ نثر ڏاڍو مضبوط ھيو. چانڊڪا ۾ ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيائين جن ۾ ”سين جو پڙو“ شاندار ڪھاڻي ھئي جيڪا چانڊڪا جي ڪنھن مخزن ۾ ڇپي ھئي. ستار جو منھنجي زندگي ۾ وڏو حصو آھي انڪري اڳين صفحن ۾ سندس مڪمل پروفائيل شامل ڪبو. ڊاڪٽر جان محمد سولنگي ڳوٺ ميرڻ ماڇي جو رھواسي آھي. انٽر جي امتحان ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ سبب ميڊيڪل ۾ سليڪٽ نہ ٿيو. امپروو ڪري ميڊيڪل ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر ٿيو جوھي اسپتال مان ئي ريٽائر ٿيو. ھڪ وقت ۾ جوھي اسپتال ۾ صرف ھڪ ڊاڪٽر کي سڃاتو ويندو ھيو جنھنجو نالو جان محمد ھيو. ھن وقت جوھي سميت پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي خانگي ڪلينڪ ھلائي ٿو. حساس جذبن ۽ خوبصورت خيال رکندڙ محمد ھاشم سولنگي حاجي خان ۾ ڄائو. سندس پيءَ ڌڻي بخش جي ڪوشش ھئي تہ سندس پٽ ٻھراڙي واري ماحول مان نڪري پڙھي پوي. ائين ئي ٿيو، ھو پڙھي انگريزي جو پروفيسر ٿيو ھن وقت ڄامشوري ۾ رھي ٿو. ھن جو ادب سان لڳاءِ بہ آھي. ڪيترن سنڌي ڪھاڻين سميت ڪجهہ شاعرن جي سنڌي شاعري کي انگريزي ۾ ترجمون ڪيائين ھاشم سولنگي جو ادبي علمي پورھيو آيترو گهڻو آھي جو ان تي تفصيل اڳتي ھلي بيان ڪبو. ڳوٺ پيارو خان روستماڻي جا امام علي روستماڻي ۽ جوڳي روستماڻي پاڻ ۾ ڀائر ھيا جڏھن تہ قربان روستماڻي سندن ماروٽ ھيو. قربان ريلوي ۾ ملازمت ڪئي ڪجهہ عرصو اڳ فوت ٿي ويو. قربان جي گهر واري امام علي ۽ جوڳي جي ڀيڻ مونکي پنھنجو ڀاءُ ۽ انجا ٻارڙا مونکي ماما چون. جوڳي روستماڻي ماستر ٿيو جڏھن تہ امام علي ٻني ٻاري کي سنڀاليو. امام علي عوامي تحريڪ ۾ بہ شامل رھيو ۽ جوھي ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد جو سرموڙ اڳواڻ پڻ رھيو جنھن ڪم سان ھاڻي بہ لڳل آھي. منھنجو عزيز محرم سومرو انٽر تائين گڏ پڙھيو ماستر ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس پيءَ وفات ڪري ويو. گهڻو عرصو پنھنجي ڀيڻوئي سان گڏ رھيو. سياست سماجي پروگرامن ۾ سدائين مون سان گڏ رھيو اھا جوھي نوجوان تنظيم ھجي، ھاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ ان کان پوءِ وارو سياسي سفر ھجي، سنڌ گريجوئيثس ائسوسيئيسن ھجي، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري ھجي يا جوھي جا سياسي سماجي ادبي پروگرام ھجن ھميشہ گڏ رھيو. پاڻ سٺو شاعر بہ رھيو سندس لکڻيون جابجا سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبيون پئي رھيون. گذريل سال اچانڪ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. جوھي شھر جو رھواسي گل محمد پنھور پڙھي ماستر ٿيو. پرائيمري ۾ ھي تمام ھوشيار ھيو پوءِ خبر ناھي ڇو پٺتي رھجي ويو. پڙھي پھرين پرائيمري استاد بعد ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيو، جوھي ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. ليڪن پوءِ کيس شگر جو مرض لاحق ٿيو بلڪہ سندس گهر واري ۽ نوجوان نياڻي انھي مرض جو کاڄ ٿي ويا. سندس گهر منھنجي ڪلينڪ جي بلڪل سامھون ھيو. منھنجي ڪلينڪ جي ڀرسان مصري ڪوري رھندو آھي جنھن جي نوڪري مختيار ڪار آفيس ۾ ھئي تنھن سان سندس ياراڻو ھيو. خاموش طبع ھي شخص پڻ شگر جي مرض جو کاڄ ٿي ويو. جوھي شھر جي ٿھيم پاڙي جو بشير احمد ٿھيم دلچسپي نہ ھجڻ سبب پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي ويو ۽ جنوري 2017ع ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. بشير سان منھنجو تمام گهڻوُ تعلق بہ رھيو. ڪافي سال جيلن ۾ رھيو ھو مونسان گڏ دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۽ بورسٽل جيل لانڍي ۾ گڏ رھيو ۽ ھنجو جوھي جي سياسي تحرڪ ۽ پيپلزپارٽي ۾ تمام وڏو ڪردار بہ آھي. جيڪڏھن پيپلزپارٽي جي جيالا سياست جو ڇيد ڪرڻو ھجي تہ انجو زندہ مثال بشير ٿھيم ھيو. ھنجي اڪثر عمر جيل ۽ ٿاڻن ۾ گذري. 2008ع کان پوءءِ واري سياست ۽ مقامي جوڙ توڙ ۾ پارٽي ۾ ھو پٺتي رھجي ويو ۽ مايوس ٿي ويو ليڪن پارٽي سان رشتو نہ ٽوڙيائين.
اسانجي ڪلاس مان زليخان گنب ھمت ڪري پنھنجي تعليم پوري ڪئي ۽ ٽيچر ٿي. سندس ٻيون ٻہ ڀينر بہ سندس والد پڙھايون. زليخا گنب جي زندگي حادثن سان عبارت آھي. کيس تعليم حاصل ڪرڻ دوران مرداني معاشري ۾ جيڪي اذيتون مليون تن ۾ ھڪ ڏينھن بہ گهٽتائي ڪونہ آئي. جوھي جي زميندار خاندان سان تعلق رکندڙ نورل لغاري سان پيار جي شادي ڪيائين جيڪو کيس نياڻين ۽ پٽن جي ذميواري ڏيئي ھليو ويو. جوھي شھر جھڙي ماحول ۾ غيرمحفوظ سمجهندي ھڪ ٻئي مرد جو پلئو پڪڙيان ليڪن زندگي سندس ساٿ نہ ڏنو ھڪ ڏينھن سڀني کي اڪيلو ڇڏي ھلي ويئي.
جڏھن پنھنجي ڪلاس جو شاگردن جو ذڪر ڪيو آھي تہ ڪجهہ ذڪر استادن جو بہ ڪرڻ گهرجي جن اسانجي ڪلاس ۾ موجود ذري گهٽ پنجاھ شاگردن جي شخصيت جي تعمير ۾ ڪرادر ادا ڪيو آھي.
ھاءِ اسڪول جوھي جي استادن ۾ اڪثر استاد انتھائي ذھين ۽ پنھنجي پيشي سان سچا رھيا جن ۾ منھنجو عرصي تائين آئيڊيل رھندڙ ڪمال الدين کوسو سرفھرست آھي جيڪو اٺين ڪلاس ۾ اسانجو ڪلاس ٽيچر ٿيو. سائين کي جنون جي حد تائين پنھنجي ڪم سان لڳاءُ ھيو. سندس اصلي ڳوٺ الھداد فقير ڀرسان ھيو جڏھن اسڪول ۾ پڙھائيندو ھيو تہ اتي ئي شام تائين جوھي شھر ۾ ڪرائي جي بيٺڪ تي رھندو ھيو . سائين بيمار شاگردن جو علاج ڪرڻ لاءِ سائينس ھال ڀرسان ھڪ ڪمري ۾ ننڍڙو شفاخانہ بہ قائم ڪيو جنھن ۾ ھڪ لائبرري ۾ بہ ھئي جتي ادب، تاريخ۽ سائنس تي ڪافي ڪتاب پيل ھوندا ھيا. سائين ڪمال دين انگريزي گرامر ۾ ڏاڍو ھوشيار ھيو. انگريزي پڙھائڻ لاءِ سندس تيار ڪيل گرامر جو بُڪ ڪمال جو ھيو جنھن کي آءُ جلد ٻڌي عرصي تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيو. مان ڪلاس مانيٽر ھيس ۽ سندس دادلو شاگرد پڻ ھيس. ھو مونکي شام جو پنھنجي بيٺڪ تي پڻ گهرائيندو ھيو جتي وٽس طلوع سميت مختلف ملڪن جا انگريزي اردو رسالا ايندا ھيا. وٽس پاڪ سوويت فرينڊشپ جو لٽريچر پوسٽ ذريعي ايندو ھيو جن ۾ اردو رسالي ”طلوع “ انگريزي رسالي ” اسپوٽنڪ“ سميت سوويت يونين ۽ چين مان پبلش ٿيل لٽريچر جهجهي تعداد ۾ ھوندو ھيو. سائين سان گڏ انھي بيٺڪ تي سندس سئوٽ نياز حسين کوسو پڻ رھندو ھيو جيڪو ماستر مان اڳتي ھلي نيشنل بئنڪ جوھي جو مينيجر بہ ٿيو. زندگي ۾ ڪنھن استاد مونکي ايترو متاثر نہ ڪيو جيترو ڪمال دين ڪيو. ھو پنھنجا سمورا ڪم ڪار مونکي چوندو ھيو. مان جتي ڪٿي ڪمال دين جي تعريف ڪندو ھيس. ھڪ ڏينھن آءُ جوھي کان ڳوٺ پئي ويس تہ ڳوٺ مينھون کوسي جو رھواسي مولوي عبدالغفور کوسو مونکي مليو پڇيائين تنھنجو ڪلاس ٽيچر ڪير آھي کيس نالو ٻڌائيندي چيم تہ تمام گهڻُو ھوشيار آھي. مونکي ھڪ سوال ڏنائين تہ ايترو ھوشيار آھي تہ پوءِ جملي، ”چڏ ٿو مارائين ۽ چوکا ٿو کائين “ جو انگريزي پڇي مونکي ٻڌائجائين. ٻئي ڏينھن جيئن سائين ڪلاس روم ۾ داخل ٿيو تہ مون کيس ڊڄي ڊڄي چيو تہ سائين ھڪ جملي جو انگريزي ترجمون ٻڌايو سائين جو موڊ ڏاڍو سٺو ھيو سو چيائين تہ ھا پڇ. مون کيس چيو تہ سائين جملي ۾ ڪجهہ خراب لفظ بہ آھن سائين وري چيو ڊڄ نہ پڇ. مون کيس جملو ٻڌايو سائين جملو ٻڌي تپي باھ ٿي ويو ۽ ٻہ ٽي چماٽون ھڻي ڪلاس مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. مان ڪافي وقت تائين اسڪول جي ٻاھران ويٺو رھيس نيٺ ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ مونکي ڪوئي سڏڻ آيو تہ سائين سڏئي ٿو. سائين پنھنجي ڊسپينسري ۾ ويٺو ھيو. سائين مونکي ڏسي کليو ۽ پوءِ بجو کولي مونکي چيائين ھن ۾ ٻوٿ ھڻ. مون ائين ئي ڪيو سائين مونکي دلداري ڏئي ڳلن تي ٿڦڪي ڏني ۽ چيائين تہ اھڙو خراب سوال تو ڇو پڇيو؟، مون کيس چيو تہ سائين مون توھان کي چيو ھيو تہ جملي ۾ خراب لفظ آھن ۽ اوھان جي اجازت کانپوءِ مون سوال پڇيو. سائين ڪلاس ۾ سبق تي ڏاڍي محنت ڪرائيندو۽ اھو پڻ جتن ڪرائيندو ھيو تہ انگريزي صرف مونکي ئي صحيح اچي ٿي. اسين ڪلاس جا تقريبن پنجيتاليھ شاگرد باقي ڪلاسن جي شاگردن سان پڻ اھا ئي ڳالھ ڪندا ھئاسين. گهڻُو عرصو پوءِ مونکي خبر پئي تہ سائين جي وڏي پٽ جو نالو مجيب الرحمان آھي جنھن مان سائين جي سياسي ۽ ذھني ميلان جو اندازو ٿئي ٿو. مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر الھياراڻي واسي محمد قاسم لغاري ٿيو. سائين ڪپڙي لٽي پائڻ جو شوقين ھيو ڪلاس ۾ پينٽ شرٽ پائي ايندو ھيو تہ صفا ڇوڪرو لڳندو ھيو. سائين جو پڙھائڻ جو انداز نرالو ھوندو ھيو. ڪلاس دوران سندس مزاح جاري ھوندو ھيو. جام قصا ٻڌائيندو ھيو جنھن ۾ الھياراڻي جي دادلي ڪُتي جو قصو ٻڌي سڀ کل ۾ ٻڏي ويندا ھياسين. جڏھن مئٽرڪ جا فارم ڀرجڻ جو وقت آيو تہ امتحان جي في کان ڪجهہ روپيا وڌيڪ ورتا ويا جنھن جو جواز سائين اھو ٻڌايو تہ فارم صحيح نموني ڀرڻ لاءِ ڪلاس جا ڪجهہ دوست روز شام جو ويھندا جيئن فارم صحيح نموني ڀرجي سگهن. اھا مشق ڪجهہ ڏينھن ھلي جنھن دوران چانھ پڪوڙن تي اھو خرچ ڪيو ويو. اٺين ڪلاس ۾ منھنجي ذھن ۾ اھو ھيو تہ انگريزي صرف سائين ڪمال دين کي اچي ٿي ليڪن سائين محمد قاسم لغاري جي ڪلاس ٽيچر ٿيڻ کانپوءِ منھنجي غلط فھمي دور ٿي ويئي. سائين محمد بخش لغاري ستين ڪلاس ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر ٿيو جيڪو روزانہ دادو مان ايندو ھيو. انتھائي سنجيدہ ۽ ڪم سان ڪم رکڻ وارو اعلي ظرف وارو ماڻھو ۽ استاد ھيو. سندس قد ڊگهو ۽ کيس منھن تي ماتا جا نشان ھيا. سندس انگريزي پڙھائڻ تہ سٺو ھيو ليڪن سائين مئٿس تمام سٺي پڙھائيندو ھيو ھڪ ڀيري مئٿس جي پيپر ۾ مونکي سئو جون سئو مارڪون ڏنائين. ھاءِ اسڪول جوھي ۾ ھڪ ھوشيار استاد سائين احمد خان لاشاري پڻ ھيو. توڙي جو سائين احمد خان منھنجو ڪلاس ٽيچر نہ ھيو ليڪن اسڪول ۾ سائين جي شھرت انگريزي ۾ ھوشيار استاد طور ھئي. ڪلين شيو شڪل صورت ۾ خوبصورت ھيو سندس شخصيت پرڪشش ھئي. سائين جا سنڌي توڙي انگريزي اکر ڏاڍا خوبصورت ھوندا ھيا. ھڪ ڀيري سائين احمد خان لاشاري ڪنھن استاد جي غير حاضري سبب اسانجي ڪلاس ۾ پيريڊ وٺڻ آيو. ٿوري ڳالھ ٻولھ کانپوءِ مون سان طنزيہ مخاطب ٿيو تہ تون ڪلاس جو مانيٽر آھين. مون ھائوڪار ڪئي. سائين اٿي بورڊ تي لکندي چيو تہ جيڪو ھي سوال حل ڪندو انکي ڪيڪ کارائيندس ۽ چانھ بہ پياريندس. سائين ڪوشش ڪري ھر سوال مونکان پئي پڇيو. سائين گرامر جا جيڪي سوال ڪيا مون کيس جواب ڏنا. ائين ھڪ بار نہ ڪئي بار سوال ٿيا ۽ ھر ڀيري آءُ ڪيڪ چانھ کٽيندو رھيس. سائين احمد خان لاشاري ھڪ ڀيري اسان کان سينيئر ڪلاس ۾ عرس پنھور نالي شاگرد کي ايتري مار ڪڍي جو کيس ڪٽيندي ڪٽيندي مضبوط رول ڀڄي پيو ۽ عرس پنھور جون دانھون ڪوڪون پوري اسڪول ۾ گونجنديون رھيون. احمد خان لاشاري منھنجي وڏي ڀاءُ مولوي واليڏني جو گهرو دوست ھيو. شام جو اڪثر دڪان تي ويٺل ھوندو ھيو. انھي سنگت ۾ سائين احمد خان جو عزيز مينھون لاشاري پڻ ھوندو ھيو تہ فضل سولنگي بہ ھوندو ھيو. فضل سولنگي 1978ع ۾ مون سان گڏ جيل ۾ بہ ويو ھيو. بابا کي ادا جي اھا سنگت ۽ دڪان تي ڪچھري پسند نہ ھئي. منھنجو ڀاءُ جڏھن بہ ڪپڙي جي خريداري لاءِ سکر ويندو ھيو سائين احمد خان کي ساڻ وٺي ويندو ھيو جتي ھو گهمندا ڦرندا، فلمون ڏسندا ۽ خريداري ڪندا ھيا. ھڪ ڀيري ڀاءُ سان ضد ڪري آءُ بہ ساڻن گڏ سکر ويس. جيڪي ھنن پاڻ ڪپڙا ورتا مون بہ وٺي ڏيڻ جي ضد ڪئي ليڪن منھنجي ھڪ نہ ٻڌي وئي ۽ آءُ روئيندو ڳوٺ واپس آيس. ھاءِ اسڪول ۾ سچل شاھ نالي استاد اسانکي سنڌي پڙھائي. سچل شاھ ڊگهي قد وڏن شھپرن ۽ وجاھت وارو شخص ھيو. ھو جيڪو عرصو جوھي ھاءِ اسڪول ۾ رھيو ماسترن جي روايتي ڇڇوري پڻي کان پاسي تي رھيو. کيس سنڌي گرامر تي عبور حاصل ھيو. سائين الھرکيو کوسو اسانکي اردو پڙھائيندو ھيو. سائين ھڪ حرڪت تي مونکي ڏاڍي مار ڏني. انڪري اسڪول جي دور ۾ تہ سائين مونکي ايترو متاثر نہ ڪيو ليڪن سائين الھرکيو جوھي جي سماجي زندگي ۽ تحريڪ ۾ جيڪو”آئيڪون“ ٿي اڀريو اھوغير معمولي آھي. ان وقت جوھي جي سنڌ گريجوئيٽس ائسپسئيشن جيڪڏھن نالي چڙھيل ھئي تہ ان۾ وڏو ڪردار الھرکئي کوسي جو آھي جنھنجي نتيجي ۾ ھو سگا جو مرڪزي اڳواڻ پڻ ٿيو. جڏھن مون ڪلينڪ شروع ڪئي تہ ھو منھجي ڪلينڪ تي مسلسل ايندو ھيو ۽ سماجي ڪم ڪار لاءِ اتساھيندو ھيو. جوھي جي سماجي تحريڪ ۾ ڪي پنجويھ سال آھن جنمان الھرکئي کوسي کي ڪڍي نٿو سگهجي انھي عرصي دوران لڳل اکين جون ڪئمپون، ڳوٺ صالح جمالي ۾ عرصي تائين ھلندڙ ھفتيوار ڪلينڪ، جوھي جو روشن تارا اسڪول اھڙا ڪم ھيا جن ۾ الھرکئي کوسي جو ڪليدي ڪردار ھيو. انھن سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ۽ گهر کي وقت نہ ڏيڻ سبب سائين جي ٻارن جي پڙھائي متاثر ٿي جنھن کي سندس ناگهاني موت پاڻ سنڀالڻ جو موقعو بہ ڪونہ ڏنو. ھاءِ اسڪول ۾ عبدالواحد ٻٻر ۽ حاجي خان کوسو جھڙا سينيئر استاد بہ ھيا ليڪن انھن وٽ نہ پڙھڻ جي ڪري مٿن تبصري لاءِ مون وٽ ڪو مواد موجود ناھي. اسڪول ۾ ٻہ استاد اھڙا ھيا جن جو اسڪول ۾ ڪردار تڪراري رھيو. جن ۾ عربي جو استاد مولوي علينواز رند ھيو جنھنجو ڪم پنھنجي شاگردن کان گاھ ڪرائڻ سامان گهر پھچائڻ جي چوگرد گهمندو ھيو. ڏنگڙي جي جان محمد سولنگي تي سندس خاص رايو ھيو جيڪو کيس ڪڻڪ، بھ، سميت ساريون بہ پھچائيندو ھيو. ھڪ ڀيري سائين علي نواز ڪلاس ۾ پيريڊ ۾ دير آيو، جان محمد سولنگي ڪلاس ۾ حرڪت پئي ڪئي آءُ ڪلاس مانيٽر ھيس کيس روڪيم ۽ کيس چاڪ اڇلي ھنيم. جان محمد سائين علي نواز کي دانھن ڏني. ھن مونکان اچڻ سان اھڙو سوال پڇيو جنھن جو جواب مون کي نہ آيو. پوءِ تہ ھن ڀري مونکي اھڙي لپاٽ ھنئي جو منھنجي ڪنن مان دونھان نڪري ويا ۽ آءُ ھيٺ ويھي ويس ۽ منھنجو پيشاب وھي ويو. تڪراري طور ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد جو استاد نوازعلي ٻٻر بہ ھيو جيڪو وري گٿن لفظن ۽ اڍنگي ٻولي سبب مشھور ھيو. اسانجي اسڪول ۾ منھنجي تعليم دوران ٻہ ھيڊ ماستر ٿيا جن ۾ ھڪ سيوھڻ جو غلام حيدر سولنگي ھيو ۽ ٻيو ناصر پنجابي ھيو جن اسڪول ۾ گهربل غيرنصابي سرگرمين لاءِ ڪي قدم ڪونہ کنيا. ليڪن ان باوجود ھاءِ اسڪول جوھي جي ماحول منھنجي شخصيت جي تعمير۽ تربيت ۾ ڪئٽالسٽ جو ڪردار ادا ڪيو. زبردست استاد بہ مليا تہ بھترين دوست بہ مليا. پرائيمري اسڪول جوھي ۾ سائين محمد حسن پنھور جي ڳالھين مونکي ٻاروتڻ ۾ جيڪو ڇرڪ ڀرايو ھيو تنھن ڇرڪ کي فڪر جي اڏام چترڪار فتاح ھاليپوٽي پاران ھاءِ اسڪول جي ڊرائينگ ھال جي ديوارن تي چٽيل چترڪاري ڏني، اھي ڪردار جن جا نالا، سندن گُڻ بہ مونتي آشڪار ٿيا ۽ انھن تصويرن چٽڻ جو مقصد بہ منھنجي من اندر ۾ گهر ڪري ويو. سائين ڪمال الدين کوسي جي بيٺڪ تي طلوع، اسپوٽنڪ جو مطالعو ٿيو، اسماعيل کوسي، اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان مکاميل ٿيو تہ 1977 پڄاڻان آءُ بلڪل ھڪ الڳ ماڻھو، ھڪ سياسي ماڻھو بڻجي چڪو ھيس جيڪو ڳوٺ بخش علي رند واري مولودي تشخص کي پوئتي ڦٽو ڪري گهڻو اڳتي نڪري آيو ھيو.