آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

ڪلاس جا کلاڙي، پڙھاڪو، فنڪار، سياسي ڪارڪن

اسانجي ڪلاس ۾ تمام گهڻا نوجوان ڪرڪيٽ جا شوقين ھيا جن ۾ لالا نديم، رياض نارو، جاويد شيخ، حفيظ ھوشو، آغا زبير، عبدالرحمان شاھ سندن شڪارپوري سنگت، جبار مڱريو، ڪمال اصغر زيدي، حڪمت، علم دين بلو، اقبال سومرو، نصرت گلگتي، رشيد ناپر شامل ھيا جيڪي روز شام جو ھاسٽل ون جي آڏو روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏندي تمام وڏو ھُل ڪندا ھيا. ايڏو گوڙ ڪندا ھيا جو ڪڏھن ڪڏھن ڪمرن مان شاگرد ٻاھر نڪري ايندا ھيا تہ ڪجهہ ٿيو تہ ناھي. سٺن رانديگرن ۾ حڪمت ۽ جاويد شيخ جو شمار ٿيندو ھيو. لالو نديم پاڻ کي آل رائونڊر سڏائڻ پسند ڪندو ھيو ۽ ٻڌائيندو رھندو ھيو تہ اڄ ھيتريون رنسون ٺاھيون اڄ ھيتريون وڪيٽون ورتيون اٿم ۽ منھنجي ڪري اڄ ٽيم مئچ کٽيو آھي. ڪرڪيٽ کيڏڻ جو بخار انھن ڏينھن ۾ سوايو ٿيندو ھيو جڏھن ڪٿي ڪرڪيٽ مئچ يا ڪا سيريز جاري ھوندي ھئي. ان دوران ھاسٽل جا اڪثر ڇوڪرا ٽي وي ھال ۾ ويٺل ھوند ھيا . اھو مئچ ڏسڻ کانپوءِ ھاسٽل ون جي سامھون ٽينس بال تي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ٿي ويندا ھيا. لالا نديم پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب پرفارمنس تي ڪرڪيٽ مئچ اڌ ۾ ڇڏي ٽي وي ھال مان نڪري ايندو ھيو ۽ پوءِ پنھنجي ملڪ جي ٽيم کي گاريون پڻ ڏيندو ھيو. لالو نديم ھڪ لڱا ڀارت مائٽن سان ملڻ ويو. واپسي تي ھو سنيل گواسڪر جو وڏو مداح ٿي پيو. اڳ۾ ھو ناصر ڪاظمي جي غزلن جي تعريف ڪندو ليڪن ھاڻي ھو ساحر لڌيانوي جي شاعري پڻ خطن ۾ لکي موڪليندو ھيو. جنھن ۾ ساحر لڌيانوي جو غزل ”ثنا خوان تقديس مشرق ڪھان ھين“، جو ذڪر پڻ ڪندو ھيو. ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن جو پاڻ ۾ ميل جول وڌيڪ ھوندو ھيو. جن شاگردن کي باڊي بلڊنگ، ”مشڪونMuscles “ ٺاھڻ جو شوق ھيو انھن ۾ حفيظ ابڙو، جاويد شيخ ۽ سيد حڪمت شامل آھن جيڪي ”ھاف سليو“، شرٽ پائيندا ھيا تہ سندن ڪسرتي ڏورا پيا ڏيکاربا ھيا. حفيظ ابڙو تہ ڪراٽي ۾ بہ بليڪ بيلٽ جو اعزاز رکندڙ ھيو. کيس سدائين ڪاوڙ نڪ تي ھوندي ھئي . ڪاليج بجاءِ حفيظ سان ويجهڙائي نوڪري دوران 20 گريڊ ۾ پروموشن کان پوءِ ٿي جنھن دوران منھنجي سندس جي باري ۾ راءِ يڪسر بدلجي ويئي ۽ ھو مکڻ ماڻھو ۽ ڪچھري جو ڪوڏيو نڪري پيو. اسان جڏھن ٽئين سال ۾ ھئاسين تہ ڪاليج ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ ياد ڪرڻ جھڙي ڳالھ مير اشتياق ٽالپر جو کانئس سينيئر حافظ گلاب سان ملھ وڙھڻ جو مقابلو ھيو. جڏھن ملھ لاءِ سندرا ٻڌجي رھيا ھيا تہ حافظ گلاب جي حامين”مير لاءِ جُلاب، حافظ گلاب “ جا نعرا پئي ھنيا. سنھڙو سيپڪڙو مير اشتياق ٽالپر اسانجي ڪلاس جي غير سرڪاري طور چونڊيل ڪلاس ريپريزنتيٽو ھيو ليڪن ڪجهہ ڏينھن بعد بي ايس او، جيئي سنڌ جي جهيڙي جو کاڄ بڻجي ويو. جڏھن جيئي سنڌ جي نوجوانن ڪاليج تي قبضو ڪيو تہ انتظاميہ گم ٿي ويئي تڏھن مير لاءِ جلاب جو لقب ماڻيندڙ حافظ گلاب کي پرنسپال جي ڪرسي تي ويھاريو ويو. اسانجو ڪلاس فيلو ۽ ڊي ايس ايف جو ساٿي نظير منگي پڻ بيڊ منٽن جو بھترين کلاڙي ھيو. ڪلاس فيلوز ۾ پروين عباسي، سيف ﷲ ڄامڙو، اشفاق چانڊيو، اقبال اعواڻ، خدا بخش شيخ، زوار کچي، منير ٿلھو، شمس ڪلوڙ، ﷲ بخش خواجا، باڊھ جو ڪلتار، اعجاز قريشي، سکر جو عبدﷲ عباسي ۽ طفيل سيلرو انتھائي پڙھاڪو ۽ ڪتابي ڪيڙا لڳندا ھيا جنکي ھر وقت ڪتاب ھٿ ۾ ھوندو ھيو ۽ کين ٻي ڪنھن سرگرمي ۾ مون گهٽ ڏٺو. جنھن سبب اڳتي ھلي اھي اھم مقام تي بہ پھتا. توڙي جو ڪلاس ۾ پڙھندڙ ٻنھي جگديش، ستار وڌو، ارباب جوڻيجو کي انھي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ليڪن انھن کي مون باقي سرگرمين ۾ اٿندي ويھندي ڏٺو. ڪلاس ۾ شاگرد تنظيمن سان بہ ڪافي شاگرد سرگرم طور جڙيل رھيا جن ۾ منير سومرو، نثار باغي، برڪت شاھ، عبدﷲ ميمڻ، ھادي بخش سھتو، اسلم ملاڻو جو تعلق جيئي سنڌ سان، آغا زبير، حفيظ ابڙو جو سپاف سان ساڻن گڏ ڪليم شيخ، يونس شيخ بہ گڏ ھوندا ھيا. مولانا اي جي انصاري، عبدﷲ عباسي جو جي يو آءِ سان، نظير شيخ، ايوب شيخ، اياز شيخ جو سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ مون سميت عبدالرحمٰٖن پيرزادو لالو نديم، ۽ ھري لال ڊي ايس ايف ۾ سرگرم ھياسين. نظير منگي ۽ اعجاز شاھ جو تعلق پروگريسو جيئي سنڌ سان ھيو. ليڪن بعد ۾ نظير منگي بہ ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿي سرگرم رھيو. . اسانجي ڪلاس جو ھڪ دوست نصر ﷲ بلوچ سياست ۾ تمام اڳتي آيو ۽ سکر مان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ھاسٽل ھڪ ۾ عبدﷲ ميمڻ اسانجو ميس مينيجر رھيو. منھنجو خيرپورناٿن شاھي دوست اصغر سومرو خوبصورت آواز جو مالڪ ھيو جيڪو جگجيت سنگه جا غزل ٻڌائيندو ھيو . ائين نظير شيخ جي ڳلي مان بہ ڀڳوان ڳائيندو ھيو. اياز جوکيو، ماجد منگي، علي گوھر بوزدار، محمد علي شاھ پڻ ڳائيندا ھيا. ھونئن ڳلي مان ٿڪل سر عبدالرحمٰن پيرزادو ۽ مان بہ ڪڍندا ھئاسين اسان ٻنھي پنھنجي تنظيمي پروگرامن ۾ جام انقلابي گيت چيا. اسانجي بئچ ۾ ھاسٽل ۾ شاگردن جو اھڙو گروپ بہ ھيو جنجي الڳ سڃاڻ بہ ھئي. کين پڙھن جو ڪيترو شوق ھيو سا تہ خبر گهٽ پئي ليڪن سندن اٿڻ ويھڻ گهمڻ ڦرڻ باقي جڳ کان نرالو ھوندو ھيو. شھر مان ھاسٽل دير پھچڻ سندن روز جومعمول ھيو. انھن ۾ شفقت سومرو، شفقت مھيسر، جاويد مھيسر، نظير شيخ، لالو مظفر، مظھر جتوئي، ڪرتار شامل ھيا. ڪلاس ۾ ھڪ دلچسپ ڪردار ڦلجي واسي حمزو پنھور جو بہ آھي. حمزو پنھور يارن جو يار ھيو، ھلڻ وقت سينو تاڻي ھلندو ھيو. ڪنن کان گهٻرو ھيو انڪري ھلڪو ڦلڪو سلام ڪونہ ٻڌندو ھيو کيس سدائين شڪوہ رھيو تہ يار سلام ئي ڪونہ ٿا ڪن، توڙي جو اسان کيس سلام ڪنداا ھياسين. عبدالرحمان پيرزادو کيس ڀوڳن ۾ حمزو ھاري سڏيندو ھيو جنھن ڳالھ تي ھن سدائين وڏو ٽھڪ ڏيندي موٽ ڏني. ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ بہ ڪافي دفعا مليو ۽ فون پڻ ڪندو رھندو آھي. جڏھن بہ مليو ٽھڪ ڏئي ڀاڪر پائي مليو ۽ سندس ٽھڪن ۾ 1980 کان 1987ع واري چانڊڪا اکين اڳيان ڦري ويندي ھئي. خوبصورتي قدرت جي دين آھي انڪري پنھنجي ڪلاس جي خوبصورت ڇوڪرن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جن ۾ آغا زبير، اسلم ملاڻو، اجيت ڇاٻڙيا، اشفاق چانڊيو، لالا نديم، رميش لال، ھري لال، اقبال ميمڻ، کيمچند، مظھر جتوئي جو نالا نہ کڻڻ زيادتي ھوندي. يادگيريون سھيڙڻ ۾ منھنجي پنھنجي يادگيري جو عمل دخل تہ آھي ليڪن ھي ساروڻيون لکڻ دوران مون پنھنجي بئچ جي ايگليٽ مان مدد پڻ ورتي جيڪا عبدالواحد ٽڳڙ پاران گروپ تي شيئر ٿيل آھي. اتفاق سان پنھنجي ايگليٽ جي ڪاپي جنھن م سڀني ڪلاس فيلوز کان آٽو گراف ورتو ھيو اھا جوھي ۾ 1995ع واري مھا ٻوڏ ۾ ھيٺ مٿي ٿي ويئي. انھي ايگليٽ ۾ ڪافي دوستن جو ذڪر ڪونھي جن ۾ شھدادڪوٽ جو رياض بروھي بہ شامل آھي جيڪو ڪاليج ۾ عمومن اڇا ڪاٽن جا ڪپڙا پائي گهمندو ھيو ۽ لالا نديم کي ڏاڍو ڀلو لڳندو ھيو. ھي ساروڻيون لکڻ دوران پنھنجي واٽس اپ گروپ ۾ شھاب اوستي جو نالو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي تہ نالي وارو ليکڪ، سوشل ايڪٽوسٽ بہ پنھنجو ڪلاس فيلو رھيو آھي.