بشير ٿھيم جو وڇوڙو، جوهي جي هڪ عھد جي پڄاڻي
بشير ٿھيم ۽ آءُ پرائيمري کان گڏ پڙهياسين . هاءِ اسڪول ۾ بہ اسان گڏ پڙهياسين. هن کي پڙهائي ۾ ڪاب دلچسپي نہ رهي، سدائين کيچل ڪندو رهندو هيو، سبق بہ هميشہ ڪچو هوندو هيس ۽ پوءِ استاد جي مار هميشہ سندس مٿان وسندي رھندي هئي. صبح جو جيڪڏهن هو مار کان بچي بہ ويندو هيو تہ سزا ۾ بينچ تي ضرور بيٺل نظر ايندو هيو. جنرل ضيا جي دور ۾ 1978غ ۾ شيرين سومرو وارو واقعو ٿيو سموري سنڌ ٻري پئي. جوهي ۾ بہ هاءِ اسڪول جي شاگردن احتجاجي جلوس ڪڍيو. جوهي مان بشير ٿھيم ۽ مون سميت 11 شاگرد احتجاج جي ڏوھ ۾ گرفتار ٿيا . نظربندي دوران سڀني جا منھن لٿل هوندا هئا مائٽ ملاقات تي ايندا هئا تہ دلاسا ڌيئي ويندا هيا تہ ڪا ڳالھ ڪونھي فوجي آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرسان سان ڳالھيون هلن پيون توهان ننڍڙا ٻارڙا آهيو آزاد ٿي ويندئو. ليڪن هر وقت کيچل ۽ مسخري جي مُوڊ ۾ رهندڙ، بشير ٿھيم جي وات ۾ اهوئي هوندو هيو تہ تيار ٿيو، ”هڪ سال قيد بامشقت ۽ ڏه ڪوڙا“.
سمري ملٽري ڪورٽ جي ڪاروائي ھلندي اسڪولي ٻارڙن کي ملٽري ڪورٽ ۾ هڪ فوجي آفيسر ڪچيون گاريون ڏنيون بلڪہ انھي جو من ڪو بشير ٿھيم پڙهيو ويٺو هيو ۽ هن سڀني کي هڪ قيد ۽ ڏه ڪوڙن جي سزا ٻُڌائي ڇڏي. سزا ملڻ کانپوءِ ڪجهہ ڏينھن دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رھائي اسانکي ڪراچي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو. سڀني جا منھن لٿل ھيا ليڪن هنجي وات ۾ اهوئي هيو ته”هڪ سال قيد ۽ ڏه ڪوڙا. . . “جنھنجي موٽ ۾ کيس سڀ گهٽ وڌ ڳللھائيندا هيا. ننڍي عمر جي نابالغ ٻارڙن جي سزا تي جڳ مشھور وڪيل نورالدين سرڪي پٽيشن داخل ڪئي. اپيل ۾ ڏه ڪوڙن جي سزا معاف ٿي ليڪن اڳتي هلي هڪ سال قيد جي سزا برقرار رکي ويئي ۽ اسان کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سھوليتون مليون. لانڍي جيل ڪراچي مان منتقل ڪرڻ وقت اسانکي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو. بشير ٿھيم ۽ ڪجهہ جوهي جا نوجون حيدرآباد نارا جيل منتقل ڪيا ويا جڏھن تہ سڪندر سرواڻ ۽ مون سميت ڪجهہ قيدين کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. انھي عرصي ۾ جنھن طريقي سان جيل، ننڍڙي ٻارڙي بشير احمد ٿھيم ڀوڳيو انجو مثال گهٽ ملندو. انساني حقن لاءِ ويڙه ڪندڙ وڪيلن جي ڪوششن سان اسان جي ڪجهہ عرصي کانپوءِ باقي سزا بہ معاف ٿي ويئي ليڪن انکانپوءِ جنرل ضيا جي دور ۾ جوهي جي شھر ۾ جڏھن بہ ڪو احتجاج ٿيو بشير ٿھيم جوهي ٿاڻي ۾ ويھاريو ويندوھيو. جيڪڏهن ڪنھن واقعي کان پوءِ احتجاج ٿيو ۽ شھر ۾ ڪا گرفتاري ٿيڻ جو غوغاءُ ٿيو پڪ سمجهبو هو تہ بشير ٿھيم ضرور ٿاڻي حاضر هوندو. پوليس لاءِ هڪ سھوليت ٻي بہ هوندي هئي تہ بشير ٿھيم جي ٿھيمن جو پاڙو جوهي ٿاڻي سان لڳ هوندو هيو انڪري انوقت جي مشھور پوليس جمعدار موريل لاءِ سستو ٽارگيٽ بشير ٿھيم جو گهر ئي هوندو هيو جتان کيس آڌي مانجهي کنڀيو ويندو هيو. جنرل ضيا جي وقت جيڪڏهن جوهي م ڪنھن لازوال ۽ اڏول ڪردار کي جنم ڏنو تہ بلاشڪ اهو بشير ٿھيم ئي هيو. جيڪو پيپلزپارٽي، ڀُٽو ۽ بينظير تي نہ صرف جان ڏيندو هيو بلڪہ انھن خلاف ڪجهہ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي نہ هوندو هيو. اهو بشير جڏهن جنرل ِضياءِ الحق جي دور ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ بيٺو تہ هن شھر جي روايتي سياست جي ڪردارن کي وڏي مارجن تي هارايو.
1986ع ۾ جڏهن وقت پلٽو کاڌو بينظير واپس موٽي آئي ۽ عام چونڊن جو چوٻول ٿيو تہ جوهي جي سنڌ اسيمبلي جي تڪ تي جنھن ماڻھو جي اليڪش ۾ بيھڻ جا امڪان ۽ اميدون هيون اهو بشير ٿھيم ئي هيو جنھنجي قربانين ڪري اميدون هن ڏانھن ئي ڏسي رهيون هيون. ليڪن اقتدار جي سياست جي بيرحمي بشير ٿھيم بدران جوهي جو مقدر روايتي وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ليڪن بشير ٿھيم ڪا دانھن ڪا ڪوڪ نہ ڪئي بلڪہ چيائين ته” بينظير دا هر فيصلا اسانڪون قبول اي“. وقت بينظير جو هڪ دور ڏٺو ٻيو دور پرکيو، بشير ٿھيم اها ساڳي ڪرت جيڪا هڪ جيالي جي هوندي آهي ان سان لڳو رهيو ۽ پوءِ مرتضي ڀُٽو جو 70 ڪلفٽن آڏو قتل ٿيو تہ هن پنھنجي سرڪار کي بہ ست سريون ٻُڌايون ۽ هن کي پھريون دفعو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي شھيد قائد ذوالفقار علي ڀُتو جو راه تان هٽي رهي آهي. هن پنهجي پُٽ جو نالو بہ مرتضي رکيو.
جنرل مُشرف جي دور ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري واپس آئي تہ هن جي من اندر جي جيالي جي جوالا هڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪو کاڌو ۽ هو سڀ ناراضگيون ختم ڪري، عھدن تي جاري جهيڙا پاسيرا ڪري پنهجي ڪارڪن واري ڪرت ۾ لڳي ويو. جڏهن بينظير کي 27 ڊسمبر 2007 ۾ خودڪش حملي ۾ خون ڪيو ويو تہ جوهي شھر ۾ نيشنل بئڪ آڏو جنھن شخص تڏو وڇايو اهو بشير ٿھيم هيو. بينظير جي موت سان هن جي من اندر جون سموريون اميدون ۽ پيپلز پارٽي ۾ ويساه ۽ ملڪ ۾ ڪنھن بھتر نظام جون اميدون هميشہ لاءِ دم ٽوڙي چڪيون هيون. هن جي واتان پھريون دفعو اهي لفظ ٻُڌا ويا تہ هن ملڪ ۾ هاڻي ڪجهہ بہ تبديل نہ ٿيڻو آهي. هو جيڪو هر احتجاج ۾ اڳرو هوندو هو جيڪو مچ ۾ سڀ کان اڳ ٽپو ڏيئي پوندو هيو. ان بينظير جي قتل خلاف ڪجهہ بہ ڳالھائڻ نہ چاهيو ءِ صرف روئيندو ئي رهيو ۽ پوءِ هو جيڪو مسلسل ڳالھائيندو ۽ ٽھڪ ڏيندو هيو خاموش ٿي ويو سندس پارٽي سان جهيڙا ٿيا ۽ پوءِ نااميدي کيس ايترو اڳتي وٺي آئي جو هو پارٽي ۽ سياست کان پاسيرو ٿي ويو ۽ آخر ۾ هو پنهجي پارٽي خلاف احتجاجن ۾ بہ شريڪ ٿيڻ شروع ٿي ويو. شھر ۾ بد امني هجي، پوليس گردي هجي، جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ هجي، هو احتجاج ۾ اڳرو هوندو هيو ۽ پوءِ کانئس پارٽي قيادت بہ ناراض ۽ آخر ۾ ڪڪ بہ ٿي پئي ليڪن هن ڪنھن جي بہ پرواه نہ ڪئي.
بشير ٿھيم انھي ڪيفيت ۾ ڪافي دفعا بيمار بہ ٿيو کيس دل جو مرض لاحق ٿيو، مائٽن سندس علاج بہ ڪرايو، سندس پارٽي ۽ قيادت سندس علاج ڪرائڻ جون ڳالھيون بہ ڪيون ليڪن هن سدائين انڪار ئي ڪيو تہ سندس ڍنگ سان ڪنھن علاج بہ ڪرايو آهي. مغموم رهندڙ بشير ٿھيم آخر ۾ جڏهن هڪ دفعو وري بيمار ٿيو تہ کيس دادو کان پوءِ ڪراچي علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو. پارٽي جي ڪجهہ قيادت سنس سھائتا جون ڳالھيون بہ ڪيون ۽ ڦوٽو سيشن بہ ٿيا ليڪن سندس مناسب علاج جي حالت اها رهي تہ ڪراچي ۾ جناح اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ جيڪڏهن هنجو انھي اسپتال ۾ ئي موت ٿي وڃي جنھن مرض جو علاج بہ ممڪن هجي تہ پوءِ انھي خيال ۽ رويئي تي صرف ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو ماتم جيڪو پارٽي جي پروگرام ۽ آدرشن سان سندس اڄ جي قيادت ڪيو آهي. جيڪا وارتا اڄ جي پارٽي قيادت پنهجني انھن انمول ڪارڪنن سان ڪري رهي جنجي ڪري ئي ماضي ۾ پيپلز پارٽي تبديلي ۽ سرفروشي جو هڪ حوالو هُئي. اهو حوالو ۽ سڃاڻ جو گم ٿيڻ انھي پارٽي کي ڪاڏي وٺي ويندو سو تہ وقت ٻُڌائيدندو ۽ ٻُڌائي رهيو آهي. ليڪن بشير ٿھيم جوهي ۾ هڪ عھد جي پُڄاڻي ثابت ٿيو آهي جيڪو وقت قرباني، سرفروشي ۽ سياست سان اٿاه ڪمٽمينٽ جو نالو آھي جيڪا جيڪڏهن سياست مان ڪڍي ڇڏجي تہ پو۽ اهو ڪجهہ بچندو آهي جنھن تي ڳجهون ۽ مردار خور جانور ئي پلبا آهن.
بشير ٿھيم، 8 جنوري 2017ع تي هي دنيا ۽ جوهي ڇا ڇڏي ويو، ھو اهي خواب بہ ڇورا ڇنا ڪري ويو آهي جيڪي جڏهن بيدار ٿيندا هئا تہ زندگي ۾ مستقبل جي اميدن جا، آدرشن جا رنگ ڀرجي ويندا هئا ۽ لطيف جي شاعري جو حوالو بڻجي پوندا هيا. . . .
” مرج وٽ ميھار متان موٽي سھڻي
ساهڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارين. “