آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

منھنجو ڳوٺ بخش علي رند

سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ سرائي اصطلاح ڪافي پراڻو آھي ائين جوھي جي تر ۾ ڪجهہ برادرين جي نيڪ مرد ۽ چڱي کي سرائي سڏڻ جي ريت پڻ موجود آھي. جوھي جي تر ۾ ٻٻر براداري جهجهي تعداد ۾ آباد آھي جنھن جو چڱو سرائي سڏجي جڏھن تہ جوھي جي آسپاس رھندڙ رندن جي چڱن کي سرائي سڏڻ جي رسم پڻ ڪافي پراڻي آھي. انھن برادرين ۾ سرائي ڪو وڏيرو، رئيس يا معاشي طور سگهارو ماڻھو نہ ھوندو آھي بلڪہ اھو برادري جو پاڙي ۾ ڪو نيڪ مرد ۽ چڱو ھجي ٿو. ائين سرائي سڏيو ويندر رند برادري جو جوھي جي تر ۾ مشھور ڳوٺ جوھي کان ھڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڳوٺ سرائي بخش علي رند آھي جتي ڪي 63 سال اڳ منھنجو جنم ٿيو. اھو ڳوٺ تنھن وقت ۾ ”ٺوڙھن“ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو ھيو. منھجي شناختي ڪارڊ ۽ ڊاڪيومينٽس ۾ انھي ڳوٺ جو نالو ابراھيم رند لکيل آھي جڏھن تہ منھنجي ھڪ ڀاءُ جي شناختي ڪارڊ تي ڳوٺ جو نالو سرائي عبدالقادر رند لکيل آھي. ابراھيم خان ۽ عبدالقادر رند جو وڏو سرائي بخش علي رند ھيو جنھن جي نالي سان ڳوٺ سڏجي ٿو جنھن ڪي ٻہ سئو سال اڳ اھو ڳوٺ آباد ڪيو. ڳوٺ جي اھم سڃاڻ اڇي رنگ واري مسيت آھي جيڪا آڳاٽو تہ پري کان پئي ڏيکاربي ھئي. اڇي مسيت جي اتر اولھ ۾ اھي سرائي آباد آھن جيڪي بخش علي رند جو پونير آھن جن ۾ ابراھيم خان، سرائي بخش علي، سرائي سليمان خان، سرائي اسماعيل خان، سرائي عبدالقادر، سرائي محمد خان، سرائي اميد علي شامل آھن. منھجي ٻاروتڻ ۾ منھجي لنگوٽئي يار سليمان جو پيءَ سرائي اميد علي بلا جي ڪکجڻ سبب فوت ٿي ويو. منھنجي سانڀر ۾ اوڙي پاڙي زمانہ گيري ۾ اٿي ويٺي ۾ سڀني ڀائرن ۾ سرائي عبدالقادراڳيان اڳيان ھيو. کلمک ۽ غير معمولي سھپ وارو ماڻھو ھيو. صبح سان دونالي بندوق ھٿ ۾ کڻي جوھي نڪري ويندو ھيو ۽ ڪچڙي منجهند اوتاڪ ۾ اچي ويھندو ھيو ۽ اوتاڪ واپس پھچڻ سان پاڙي اوڙي مان سڀني کي سڏي تاس راند کيڏندو ھيو. چاپئين ڏاڙھي ۽ وجاھت واري ھن شخص جي چپن تي پن جي ٻيڙي پئي ھلندي ھئي. ان دور ۾ جوھي تر جي سگهاري سياسي شخصيت رئيس علڻ خان لغاري کي بہ ويجهو ھيو جيڪو تنھن وقت ذوالفقار علي ڀٽو سان سياست ۾ گڏ ھيو. سندس پٽ سڪندر مونسان گڏ پڙھيو ليڪن کيس پڙھڻ سان دلچسپي نہ ھئي۽ آخرڪار پنھنجي زمينداري سنڀاليائين. اڇي مسيت جي اوڀر ڏکڻ ۾ يوسف، يعقوب، ايوب رند جا گهر ھئا. ٽنھي ڀائرن جون ٻہ ٻہ شاديون ٿيل ھيون جن ۾ منھنجي ٻاروتڻ کان اڳ يوسف رند فوت ٿي چڪو ھيو. يوسف جي گهر واري ماسي سوني ڏاڍي سلڇڻي عورت ھئي. ٻارن کي قرآن پڙھائيندي ھئي. سندس ڏند کير جھڙا اڇا اجرا ھوندا ھئا. ماسي سوني جو پٽ محمد بخش سعودي عرب ۾ مزدوري ڪندو ھيو جيڪو ھڪ طرف مسجد جي سار سنڀال ۾ خرچ پکو پيو ڏيندو ھيو تہ ٻئي پاسي ڳوٺ ۾ غريب ماڻھن خاص طور ڊکڻن جي مدد ڪندو رھندو ھيو. سرائي ايوب کي ٻن زالن مان ڪل 21 ٻار ھيا جن ۾ منھنجو ويجهو دوست سائين بخش بہ شامل ھيو. اڇي مسيت جي اولھ ۾ ٻہ ڀائر الھہ جڙيو، فيض محمد ۽ سندن ڪھول رھندو ھيو. الھہ جڙئي کي حافظ عبدﷲ ۽ عبدالرحمٰن نالي پٽ ھوندا ھيا. حافظ عبدﷲ وٽ کنڊ جي پرمٽ جو دوڪان ھيو جڏھن تہ عبدالرحمٰن، سيلاني قسم جو ماڻھو ھيو اڪثر گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف ھوندو ھيو، ملڪ جا سياست جا حال احوال بہ جام ڪندو ھيو ۽ اڳڪٿيون بہ جام ڪندو ھيو. سندس نالو اڳڪٿيون ڪندڙ بزرگ عبدالرحيم گرھوڙي جي نسبت سان ”گرھوڙي“ پئجي ويو ھيو. سندس مٿو اڪثر ڪوڙيل ۽ عجيب ھوندو ھيو ۽ اوندہ ۾ خبر نہ پوندي ھئي تہ سندس منھن ڪھڙي پاسي آھي. چرچي ڀوڳ ۾ اصل ڪونہ چڙندو ھيو. ھو ڪمال جو شخص ھيو. ڳوٺ جي مسجد جي بلڪل پويان رندن جي ڏاميش مڙس حسن رند سميت سندس ڀائر، علي، صديق، عرض محمد ۽ عباس رند جو گهر ھيو. حسن رند جو جوھي ٿاڻي تي ھسٽري شيٽ طور نالو لکيل ھوندو ھيو. سندن گهر جي لڳو لڳ ڏکڻ ۾ حاجي حسين ۽ غلام قادر رند جو گهر ھيو. حسين رند ھارپي سان گڏ رازڪو ڪم ڪندو ھيو. ھو ھيانءَ جي سڄائي تي رازو ٿيو ۽ منھنجي گهر جي ٽن ڪمرن، ورانڊي رڌڻي، باٿ روم تي عمارت پڻ ان رازي 1992ع، 1993ع ۾ ٺاھي. غلام قادر رند ھارپو ڪندو ھيو. اسانجي ڳوٺ ۾ ھاري سياست ۾ پير رکندڙ اھو پھريون شخص ھيو جيڪوعزيز سلام بخاري سان واسطي کانپوءِ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جوھي جي مزاحمتي سياست جو غلام قادر شينھن رند ھڪ وڏو ڪردار ھيو جنھن اسٽيٽس ڪو آڏو ڪڏھن بہ آڻ نہ مڃي. جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد جو شينھن رند سرموڙ ڪردار ھيو. سندس زال شھناز پڻ سياست ۾ ساڻس گڏ ھوندي ھئي. شھناز رند پنھنجي ڳوٺ جي عورتن سان 2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ ڪوڏرن ذريعي تغاريون ڀري رنگ بند ٻڌي جوھي بچائڻ ۾ پڻ مک ڪردار ھيو. ڳوٺ ۾ ڄاڻايل گهرن کانسواءِ باقي ذات جا ماڻھو پوءِ اچي آباد ٿيا جن ۾ بروھين ۽ ڊکڻن جا گهر شامل آھن. مسجد جي اوڀر واري گهٽِي جي ڀر ۾ ٻہ ڀائر عبدالڪريم ۽ موسو بروھي اچي ويٺا. عبدالڪريم بروھي ڪوٽار ھيو ۽ خوش حال ھيو سندس پٽ عثمان بہ پوءِ ڪوٽار ٿيو جنھن جو پٽ منظور بروھي مون سان گڏ پڙھيو جيڪو شڪل صورت جو ڏاڍو سھڻو ھيو. موسو بروھي پاڻي ڀريندو ھيو ۽ سندس زبان تي اڪثر ”انگريز ڳئي ڇوڙ ڀاڙيئي گهن ڳئي زور“ جو ورد ھوندو ھيو. ھو تمام تيز ھلندو ھيو چند منٽن ۾ جوھي مان ڳوٺ پھچي ويندو ھيو. ھو اڪثر نانگ بلائن سان راند کيڏندو رھندو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ بلا جو زھر مونکي ڪجهہ نہ ڪندو ليڪن آخر ۾ بلا جي ڏنگ کانپوءِ اھڙو بيمار ٿيو جو چڙھي نہ سگهيو. مسجد جي صفا اوڀر ۾ ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ وٽ کڏ جي ڪناري ڊکڻ اچي ويٺا. ڳوٺ ۾ موجود اڇي مسجد لاءِ مشھور آھي تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ 1953ع ۾ بلوچستان جا ھٿياربند بروھي دريا پار کان ڪا عورت کڻي جبل تي پئي ويا تہ پوليس پيرو کڻي اچي کين سوڙھو ڪيو تہ ھو ڳوٺ جي مسجد تي چڙھي ويا. ڪيترا ڏينھن پوليس سان مقابلو ڪيائون جنھن لاءِ ٻہ ڳالھيون آھن ھڪڙي اھا تہ پوليس کين پڪڙي ويئي ٻي اھا تہ ھو پوليس کي چڪمو ڏئي مغوي عورت سميت مٿي جبلن ڏي فرار ٿي ويا. منھنجي ٻاروتڻ کان ڳوٺ ڇڏڻ تائين مسجد تي گولين جا نشان موجود ھيا. ھي ڳوٺ مھمان نوازي لاءِ مشھور ھيو. جڏھن بہ ارڙي، دستن سميت ڪا وبا ظاھر ٿيندي ھئي تہ سموري ڳوٺ کي چوطرف قرآن شريف گهمايو ويندو ھيو. انھي رسم ۾ ڳوٺ جا سمورا مرد ماڻھو ٻار شريڪ ٿيندا ھيا ۽ رسم جي آخر ۾ مسجد آڏو قائم سرائين جي اوتاڪ تي خيرات جي ماني پڻ ٿيندي ھئي. ڳوٺ بخش علي رند پنھنجي دور جو انتھائي صاف سٿرو ڳوٺ ھيو جنھن جي اوتاڪ ھر وقت برسيل ھوندي ھئي. پري کان مھمان آيو تہ کيس ڳوٺ ۾ نہ صرف رھائش ملندي ھئي بلڪہ ماني بہ ملندي ھئي ڪي ماڻھو تہ ڏينھن جا ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھوندا ھيا. ملتان مان ”دلي وارا فقير“ ٽولا ڪري اوتاڪ تي رھيا پيا ھوندا ھيا ۽ھن علائقي ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي اچي خاص مريدن کان ڪڻڪ جي دلي ڀري وٺندا ھيا تہ اھي پنھنجي گهوڙن سميت اوطاق ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھيا. اھا اوتاڪ سياري اونھاري ڪچھري لاءِ مشھور ھوندي ھئي. سج لٿي جي نماز پڙھڻ کانپوءِ سڀ ڪو مسجد جي ڏکڻ ۾ اوتاڪ جي اڱڻ تي کٽن تي اچي ويھندو ھيو ۽ آسپاس جون خبرون ٿينديو ھيون ۽ سياست تي بہ ڳالھ ٻولھ ٿيندي ھئي. سياري ۾ وري سومھڻي نماز کان پوءِ ٽاٻر ڇوڪرا اوتاڪ جي ڪچي ڪمري ۾ اندر باھ تي اچي ويھندا ھيا ۽ پوءِ آکاڻي شروع ٿي ويندي ھئي. قصہ گوئي لاءِ عبدالرحمٰن گرھوڙي مشھور ھوندو ھيو سندس قصہ گوئي ۾ ڀوڳ ٺڪاءُ جام ھوندا ھيا. گرھوڙي جڏھن ڳوٺ کان ٻاھر رھندو ھيو تہ انجي جاءِ تي حسن رند جو ڀاءُ صديق رند آکاڻي ٻڌائيندو ھيو. ممتاز دمساز، چار درويش، امير حمزو ۽ عمر عيار جا قصہ مون اتي ٻڌا. انھي قصہ گوئي واري مجلس ۾ باھ مچائڻ وارو ڪم ٽاٻر ڇوڪرن حوالي ھوندو ھيو جن ۾ سرائي ايوب جو پٽ عارب، اميد علي جو پٽ سليمان، حسن جو پٽ طيب شامل ھوندا ھيا. ڊکڻن ۾ صرف آءُ ھوندو ھيس جيڪو انھي قصہ گوئي واري ڪچھري ۾ شامل ٿيندو ھيو باقي سڀ ڇوڪرا رند ھوندا ھيا. محفل اڌ رات جو ختم ٿيندي ھئي، قصو اھڙي نموني ٻڌايو ويندو ھيو جو ٻي رات ٿيڻ جو انتظار ٿي پوندو ھيو. ھن اڇي مسيت جومتولي حاجي مڪي نالي ھڪ نابين شخص ھيو. ھن کي اڪثر گوڏ ٻڌل ھوندي ھئي. حاجي مڪي صرف بانگ ڏيندو ھيو نماز اڪثر ڪري حافظ عبدﷲ رند کي پڙھائڻي پوندي ھئي. حاجي مڪي ٻارن کي َقرآن بہ پاڙھيندو ھيو. غلطي ڪرڻ تي ڳٽي تي ڀري لپاٽ وھائي ڪڍندو ھيو. سندس ھٿ انتھائي ڳرو ھوندو ھيو ۽ لپاٽ تي ڪنن مان دونھان نڪري ويدندا ھيا. سومھڻي نماز کانپوءِ حاجي مڪي ۽ سرائي حاجي مير محمد رند ٺڪر جو ڪنئورو کڻي مسجد اوتاڪ ۽ ڳوٺ کان پري ڏکڻ طرف خالي ميدان تي وڃي حاجت پوري ڪندا ھئا. حاجي مڪي ڏينھن ۾ صرف ھڪ دفعو حاجت پوري ڪندو ھيو جيڪا پڻ حيرت جھڙي ڳالھ آھي. ھو انتھائي صحتمند ۽ مضبوط جسم جو مالڪ ھيو ۽ کيس وڏي طاقت ھوندي ھئي جنھن جو اندازو سندس لپاٽ کائڻ واري کي ھوندو. ڳوٺ جا سرائي ڊکڻن کي پنھنجو راڄ سمجهي خيال ڪندا ھيا. سرائي اميد علي جي گهر واري امان حوا ۽ سرائي محمد خان جي گهر واري ماسي آسيت تہ حاجي ﷲ بخش جي سڀني ٻارن جو خيال ڪنديون ھيون. انھن جون گهر واريون مونکي پنھنجي پٽ جيان ۽ انھن جون نياڻيون اسان کي پنھنجي ڀائرن جيان ڀائينديون ھيون. سليمان جي امان حوا تہ مونکي روز کير پيارڻ کانسواءِ گهر واپس ڪونہ ڇڏيندي ھئي ۽ چوندي ھئي تہ سليمان کي پاڻ سان گڏايان جيئن پڙھي پوي. سرائي محمد خان جي گهر واري ماسي آسيت جون نياڻيون زليخان ۽ زاديءَ بہ مون کي پنھنجي ڀينرن جيان ھيون. انھن جو پيءَ سرائي محمد خان سندن ايترو خيال ڪندو ھيو جو ڳوٺ جي اتر ۾ موجود نار تي ٻيريون پوکي وڏيون ڪيائين جن مان ھڪ ادي زليخان جي ۽ ٻي ادي زادي جي ٻير سڏبي ھئي. آمنا کي جڏھن منصور ڄائو تہ ھو ڪجهہ بيمار ۽ ڪمزور ھئي ۽ منجهس ٿڃ بہ گهٽ ھئي انڪري ڪافي ڏينھن تائين ادي زاديءَ منصور کي پنھنجو ٿڃ پياريو. انڪري منصور انکي پنھنجي ٻي ماءُ سمجهندو ھيو. رندن جي انھي محبت پيار ۽ خلوص جو اثرھيو جو ٻالڪپڻي ۾ رندن جي مليل پيار سبب پاڻکي ڊکڻ بجاءِ رند سڏرائينو ھيس. ڳوٺ جي سرائين وٽ نہ صرف چينجاڻي شاخ تي زمين ھئي پر ڪاڇي ۾ بہ سندن زمين ھئي جيڪا وس تي آباد ٿيندي ھئي. جنھن جي آبادي ڪري ھو سڀ سکيا ستابا ھيا. آئي وئي جي اوڙي پاڙي جي مدد ڪندا ھيا. جڏھن ڪڻڪ لھندي ھئي تہ ڳاھ شروع ٿي ويندا ھيا. مونکي ڏاڏي حاجي ميرمحمد جي پٽ سرائي علي شيرڳالھين ڳالھين ۾ چيو تہ تون اسان جو ڳاھ وھ تہ بٽائي تي توکي ڪڻڪ جو ٽويو ڏينداسين. آءُ اسڪول مان دوڪان تي وڃڻ بجاءِ سڌو ڳاھ ڪاھڻ واري ديري تي ھليو ويندو ھيس. ھڪ طرف ٽويئي جو آسرو ٻيو ڳاھ ڳاھڻ دوران پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ماني ڀاڄي پڻ ملندي ھئي. ڪڻڪ جون ٻاريون ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ خالي زمين تي گڏ ڪبيون ھيون. مون اھي ڳاھ ڳاھيا ۽ ڍڳا ھڪليا، جڏھن بٽئي جو وقت آيو تہ مونکي واعدو ڪيل ڪڻڪ جو ٽويو ڏيڻ بجاءِ فقير جي خيرات ۽ ڪُڍي جيترو ان ڏنو ويو ان ڏينھن آءُ ڏاڍو ڏکارو ٿيس ۽ سڄي رات رنم. ڳوٺ ۾ آءُ سرديءَ جي راتين ۾ پاڙي اوڙي جي چلھ تي ويندو ھيس تہ مونکان مولودن جي فرمائش ٿيندي ھئي. اسانجي ڳوٺ جا رند شادي يا ڪنھن خوشي جي موقعي تي نہ دھل وڄرائين، نہ مڱڻھار گهرائين نہ وري سندن عورتون سھرا ئي چون. انھي موقعي تي واھي پانڌي مان صفر برھماڻي، قيصر لاشاري ۽ نوح لاشاري گهرايا ويندا ھيا جيڪي ٻنھي ڪنن تي ھٿ رکي وڏي آواز سان مولود چوندا ھيا. صفر برھماڻي ۽ نوح لاشاري جو آواز ايڏو ڀاري ھيو جو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت بہ نہ پوندي ھئي. انھن کي ڏسندي ڪن تي ھٿ رکي مولود ڳائڻ مون بہ سکي ورتو. ھڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ماسي سونيءَ جي پٽ ادي احمدڙي جي پٽن جي طھر جو ڪاڄ رٿيل ھيو، وڏيون برساتون پيون نيون وھي آيون ائين واھي جوھي جو رستو بند ٿي ويو نتيجي ۾ حاجي صفر، نوح ۽ قيصر نہ اچي سگهيا. انھي ڪاڄ ۾ مونکان مولود چورايا ويا. مونکي پئسا جام مليا سو لالچ ۾ کوڙ مولود ڳاتم. محفل مچي ويئي حاضرين ڏاڍو خوش ٿيا. مولود کٽي ويا ھاڻي صرف مونکي امامن جا قصيدہ ياد ھيا سو ھڪ قصيدو ڳائڻ شروع ڪيم. جنھن ڳوٺ واري جي پٽن جا طھر ھيا ان مونکي سرائيڪي ۾ ”گڏھ دا ڦل“ چئي ثڦ وھائي سمورا ڏوڪڙ کسي ورتا. خوشي جي موقعي تي قصيدو ڳائڻ سٺو سنئوڻ نہ سمجهيو ويندو ھيو ٻيو تہ اسانجي ڳوٺ وارا رند شيعن کي پڻ سٺي نظر سان ڪونہ ڏسندا ھيا جڏھن تہ منھنجو چاچو خدابخش ۽ سندس پٽ حڪيم غلام قادر شيعا مسلڪ سان لاڳاپيل ھيا. ادو غلام قادر تہ ڏھين محرم جي مجلس بہ پڙھندو ھيو. ھڪ لڱا رندن جي عيد گاھ ۾ عيد نماز پڙھڻ ويو. خطيب جو سامھون ويٺل شيعو ڏٺو سو عيد نماز جو سمورو خطبو شيعن خلاف پڙھيائين. اھو ڏينھن ادو غلام قادر وري رندن جي انھي عيدگاھ تي عيد نماز نہ پڙھڻ ويو. ننڍڙِي ۽ خوشحال ڳوٺ سرائي بخش علي رند 2010ع جي ٻوڏ ۾ جوھي بچائڻ ۾ سرموڙ ڪردار ادا ڪيو ۽ انھي جدوجھد سرائي محمد رند، شھناز رند، امداد سومري جھڙا ڪيئي زوردار ڪردار دنيا جھان آڏو آندا ۽ جوھي سموري سنڌ ۾ مزاحمت جي علامت بڻجي سامھون آيو. ليڪن انھي مزاحمت کان پوءِ اھڙو واءَ وريو جو جوھي برانچ سميت سرائين جي ٻني کي آباد ڪندڙ چينجاڻي شاخ ۾ پاڻي اچڻ گهٽجي ويو نتيجي ۾ ڪڻڪ، چانورن، مال متاع جا مالڪ سرائي پوئتي رھجي ويا. سرائين جا اڪثر ٻار تعليم پرائڻ بجاءِ سعودي وڃي مزدوري ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. اڳتي ھلي ڳوٺ ۾ ڪاروبار ۾ دلچسپي سبب حافظ عبد ﷲ جو خاندان خاص طور سندس پٽ حاجي دائود واپار ۾ اڳتي آيو ۽ سکيو ستابو بہ ٿيو. حافظ عبدﷲ جو ھڪ پٽ تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري تي پڻ پھتو. حاجي حسين رند جا پٽ بہ تعليم ۾ اڳتي آيا. ايوب رند جي پٽن مان سائين بخش رند پروفيسر ٿيو، سنڌي ادب سميت جوھي جي سماجي سياست ۾ سندس ڇاپ رھي. سليمان رند بہ پڙھي استاد ٿيو. جنھنجو تفصيلي احوال پڻ الڳ مضمون ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي. ٻہ سئو سال اڳ آباد ٿيندڙ ڳوٺ بخش علي رند جوعروج اڳ جھڙو ناھي جنھنجو ڪارڻ زراعت ۾ زوال سان گڏ تعليم طرف ڌيان نہ ڏيڻ پڻ آھي.