آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

بابو حاجي ﷲ بخش ڊکڻ

جڏھن منھنجو ٻاروتڻ ھيو تہ بابو ڪرڙ وڍ ھيو ۽ کيس ڏاڙھي ۾ اڇا پئجي ويا ھيا. پاڙي سميت جوھي ۾ حاجي ﷲ بخش ھڪ ڪامياب واپاري ۽ معتبر ماڻھو طور سڃاتو ويندو ھيو. بابو چوندو ھيو تہ آءُ ڇٺي جو ڇورو آھيان. بابا جي والد واليڏني جي وفات کانپوءِ اسانجي ڏاڏي صابي جي شادي بيگي ديري ۾ صفر ڊکڻ سان ٿي ويئي جڏھن تہ بابو ڪمال خان لڳ ڳوٺ پيرل شاھ ۾ پنھنجي مامي ڪريم بخش عرف ڪرمون وٽ رھيو ۽ جوان ٿيو. بابا ڊکاڻڪي ڪم جو ماھر۽ محنتي ھيو. انھي محنت مان ھڪ اٺ بہ ورتائين جنھن جي ڳچي ۾ پيل چڙي ۾ ڪجهہ حصو سون جو جڙيل ھوندو ھيو. اھا ڳالھ اڪثر امان ڪندي ھئي. جڏھن 1942ع واري ڪاري ٻوڏ آئي تہ بابا پنھنجي مامي سميت پنھنجي مامي دينو جيڪو دراصل امان جو مامون ھو وٽ ڪاڇي جي ڳوٺ بري لڏي ويو جتان جڏھن واپس ٿيا تہ ڪمال خان وڃڻ بدران پنھنجي مامي، پنھنجي ڀيڻيوي رسوليءَ ڊکڻ، انجي ناٺي الھرکئي، امان جي مامي الھڏني سميت اچي ڳوٺ ابراھيم رند ۾ رھيو جتي 1953ع ۾ سندس ڀاءُ خدابخش بہ اچي رھيو جنھن کي پنج جوان پٽ ھيا. بابا امان راڄل کي مون کان اڳ ٽي ڌيئر ڪزي، زبي ۽ حجو ھيون ۽ مونکان وڏا ڀاءُ واليڏنو ۽ غلام محمد ھيا. مونکان پوءِ امان کي ھڪ ڌي زليخان ۽ ٻہ پٽ عزيز ۽ غفور پڻ ٿيا. بابي نہ صرف پنھنجي ڀاءُ کي پنھنجو ڪاروبار شھر ۾ ڪرڻ تي ھٿ ونڊايو بلڪہ ھن مامي جي پٽ عثمان کي پڻ جوھي ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ مدد ڪئي جنھن سان تہ ھن جو خاص شغف ھيو. ان کي بس وٺي ڏنائين جيڪا پنھنجي ٻاروتڻ ۾ کريل حالت ۾ اسانجي گهرن جي اوڀر ۾ محمد خان سرائي جي پلاٽ تي ڪيترو عرصو بيٺل ھئي. انکانپوءِ عثمان شھر ۾ ريزڪي جو دوڪان کوليو. بابي وڏي عمر ۾ شادي ڪئي منھنجي امان بابا کان گهڻي ننڍي ھئي. کيس اولاد ڪونہ ٿيندو ھيو. نيٺ کيس پٽ ڄائو جنھنجو نالو غلام علي رکيائون ليڪن ڪجهہ عرصي بعد اھو بيمار ٿي پيو سندس ڳوٺاڻي حساب سان علاج ڪرايو ويو ليڪن بچي نہ سگهيو جنھن جي لاءِ بابا روئندي روئندي نور وڃائي ويٺو. ان دوران بابا حج بہ ڪري آيو. بابا بري مان واپس اچڻ کانپوءِ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيو، ھو انڌو منڊو سنڌي پڙھيل ھيو ۽ کيس لکڻ پڙھڻ گهٽ ايندو ھيو سندس ڪپڙي جوسمورو ڪاروبار يادگيري ۽ سٺي ڪارپت تي ھلندو ھيو. کنڌي جي لکپڙھ واري بندي تي لکيل اکر ماڪوڙن جي ٽنگن جھڙا ھوندا ھيا. بابي جا گراھڪ اڪثر ھاري ناري ھوندا ھيا جن ۾ ڇنڊڻ جي اوڀر ۾ رھندڙ نونر جا لنڊ، الھداد فقير جا لغاري، ڪمال خان جا لنڊ ۽ ڇنڊڻ جا ملاح، حاجي ڀلاري جا چنا شامل ھوندا ھئا. حاجي ڀلاري جو اڪ چنو، ڪمال خان جو گل حسن لنڊ، کبڙ ميربحر، ڪرم خان لنڊ، جعفر خان جا نالا مونکي اڄ بہ ياد آھن جيڪي پنھنجن عورتن سميت دوڪان تي اچي ويھندا ھيا، خريداري بہ ھلندي ھئي تہ گهران آندل ماني بہ کائبي ھئي. ان وقت دوڪان جو ڪاروبار بہ فصل ۽ ڪاڇو آباد ٿيڻ تي ٿيندو ھيو. سندس گراھڪ فصل لھڻ تي ڪنھن شادي مرادي تي ڪپڙو خريد ڪرڻ ايندا ھيا. پراڻو کنڌو لھرائي نئون قرض کڻي ويندا ھيا. انھي وقت ۾ بابي جي دوڪان ۾ ھڪ لک جو سامان پيل ھيو. بقول بابا جي ايترو سامان جوھي جي ڪنھن دوڪاندار وٽ ڪونہ ھوندو ھيو. بابو جڏھن بہ ڪپڙو خريد ڪرڻ ويندو ھيو تہ سکر ويندو ھيو. ھو پنھنجا پئسا ڪپڙن جي اندران ھڪ ڳوٿري ۾ رکندو ھيو جنھن کي ھو بجڪي چوندو ھيو. اھا بجڪي چيلھ سان ٻڌل ھوندي ھئي. بابا پنھنجي وڏي پٽ واليڏني کي عالم بڻايو ۽ سندس دستاربندي تي ڳوٺ جي مسجد ۾ وڏي خيرات ڪئي. جنھن ۾ ڊگه بالا مان مولوي عبدالقادر سرھيو کي گهرايائين جنھن مسجد ۾ زوردار واعظ پڻ ڪيو. بابي جو وڏو پٽ دادلو بہ ھيو. دستاربندي کانپوءِ ڪپڙي جو دوڪان سندس حوالي ڪيائين. بابو چوندو ھيو تہ سندس ڪپڙي جو دوڪان اھڙو آھي جيڪو کپائڻ سان ڪونہ کٽندو. ليڪن بابي جي واپار گيري ۽ ادا جي مزاج ۾ ڏينھن رات جو فرق ھيو ٿوري ئي عرصي ۾ ادا جي ھٿن ۾ آيل دوڪان وڃي ترو ورتو. بابا ھڪ دفعو وري دوڪان کي سنڀاليو ۽ معاملا ٺيڪ ڪري پٽ جي حوالي ڪيا. ليڪن نتيجو ساڳيو ئي نڪتو. دوڪان ھڪ دفعو وري پوئتي پوندو ويو. بابو جڏھن بہ ڪاوڙبوھيو ڳوٺ جي ٻاھران اتر ۾ پٽ تي وڃي سمھندو ھيو سو سلسلو اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌندو پئي ويو. بابا ادا کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو. ادا پڪن خيالن يعني وھابي مسلڪ جو ماڻھو ھيو جيڪو بہ اھل سنت جو روايتي مسلڪ رکندڙ بابا کي ڪونہ وڻيو ۽ کيس ”وھابي“ ۽” ڀيٽُو“ جھڙن لفظن سان سڏڻ شروع ڪيائين. ائين ھڪ ڏينھن ڪاوڙجي بابا گهر کان گم ٿي ويو، گهڻي ڳولا ٿي ليڪن بابا جو ڪو ڏس ئي نہ مليو ڪجهہ مھينن کانپوءِ ھڪ ڏينھن خبر پئي تہ بابا دبئي جي ڪنھن اسپتال ۾ داخل آھي، اھا خبر بہ پئي تہ جنھن لانچ ۾ بابا دبئي پئي ويو ان جو حادثو ٿيو ۽ کيس زخمي حالت ۾ دبئي ۾ نيو ويو جتي کيس ھڪ ڏينھن جوھي واسي بکر ٿھيم مليو جنھن سندس مالڪي ڪئي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ سردي جي سخت سيءُ ۾ بابا اچي ڳوٺ جي ٻاھران سھڙيو. سڀ کيس چنبڙي پياسين. بابا کي سڄي مٿي ۾ جابجا ٽاڪا لڳل ھيا. بابي جي پنھنجي ٻچڙن ۾ واپسي کيس ڦيھي وڌو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھن جا نار وھي ھليا. ڪپڙي جي دوڪان جو حال پورو ٿي چڪو ھيو. بابا حاجي دائود رند کان مسواڙ تي دوڪان وٺي ڏاري چوني ڪٽي جو ڌنڌو شروع ڪيو تہ سندس محنت سان وري ڌنڌو ھلڻ شروع ٿي ويو ۽ اسان جي گهر ۾ ڪجهہ ساھ پيو. بابا لڪائي لڪائي مونکي ڏوڪڙ پيو ڏيندو ھيو. ستين درجي تائين تہ آءُ بابا جو سلڇڻو سٻاجهڙو۽ صدورو پٽ ھيس ليڪن اٺين درجي ۾ پھچڻ سان پھرين ڪمال الدين کوسو، ڪلاس ۾ اسماعيل کوسو ۽ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان ملڻ کانپوءِ آءُ سياست جي ڪنڊن جي راھ تي ھلي پيس جيڪو بابا کي ڏاڍو برو لڳو. بابا مونکي ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاھيو ليڪن 1978ع ۾ شيرين سومرو واري واقعي ۾ احتجاج دوران آءُ پڪڙجي پيس مونکي ھڪ سال سزا لڳي. بابا مون سان دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ملڻ آيو. جيل جي سيخن کي پڪڙي بابا روئي ڏنو، سندس اڇي ڏاڙھي ڳوڙھن ۾ تر ٿي ويئي. ھن ڪجهہ نہ ڪڇيو ليڪن جيل جي سيخن جي ٻئي پاسي مون سندس چھرو پڙھي ورتو ھيو جنھن ۾ اھو نياپو ھيو تہ بابا تون ڪھڙي رستي تي ھليو ويو آھين. آءُ واقعي ھڪ ٻئي رستي تي ھلي پيس. شايد آءُ ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندو ھيس تہ ھڪ لڱا آءُ بيمار ٿي پيس. بخار جو علاج ٿيو سو تہ ٺيڪ ٿي ويو ليڪن مونکي رت جا جلاب ٿيا جن ختم ٿيڻ جونالو ئي نہ پئي ورتو مان ڳري ڪنڊا ٿي ويس. مونکي منھنجو وڏو ڀاءُ ۽ سوٽ غلام نبي ڳوٺ کان جوھي سائيڪل تي وٺيون پئي ويا تہ جيئن دادو مان علاج ڪرائجي. ڳوٺ ۽ جوھي جي اڌ پنڌ تي جتي ھاڻي رمضان رند جي کري آھي وٽ بابا اسان کي مليو. مان سائيڪل تي اڳيان ويٺل ھيس. اھو ھمت وارو ماڻھو جنھن يتيمي ڏٺي، پيءُ ماءُ جو پيار ڪونہ ڏٺو، ڪنھن سندس ڳل نہ چميا، ڪنھن سان ھن انگل نہ ڪيو، سو بيوسي جي تصوير بڻجي منھجي سامھون بيٺل ھيو. اڳتي وڌي ڳراٽڙي پائي روئي ڏنائين. ان ڏينھن وارو احساس مونکي سدائين تنگ ڪندو رھيو تہ شايد مان صرف بابي جو ئي پيارو ھيس. مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو، رزلٽ ۾ منھنجو فرسٽ ڪلاس آيو تہ بابا ڏاڍو خوش ٿيو انھي موقعي تي منھنجي سوٽ غلام قادر بابا کي چيو تہ خرچ ڪري بہ ھن کي پڙھائجائين. بابا مونکي پڙھايو، گهر ۾ امان جي سون جي دُھري پيل ھئي ۽ بابا جي ملڪيت ۾ دوڪان بچيل ھيو. بابا چيو اھو ڪير نہ کپائي، حميد پڙھندو اھو انھي جي خرچ لاءِ آھي. منھنجي ميڊيڪل ۾ داخلا ٿي تہ ڏاڍو خوش ٿيو سندس خواھش ھئي تہ آءُ سوٽ پائي سندس سامھون اچان. آءُ وري سوٽ پائڻ کان لھرائيندو ھيس. بابا کي آخر ۾ مثاني جي غدود وڌڻ جو مرض ٿيو جنھنجو علاج بہ ٿيو ليڪن اسانجي گهر جا مالي حالات تنھن وقت تمام مخدوش ھيا. گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ ھيو. بيماري دوران سندس ٽھل ٽڪور ۾ سندس بي چيو، ضدي پٽ غلام محمد جنھن تي ھو سدائين ناراض ھوندو ھو، ساڻس گڏ ھوندو ھيو ليڪن انھي مرض جي پيچيدگين ۾ جون 1982ع ۾ ڏينھن فوت ٿي ويو. غسل کان پوءِ جڏھن جنازي پيل کٽ کڻڻ جو وارو آيو تہ مون چيو مان پھريون ڪلھو ڏيندم. سڀ پري ھٽي ويا. مون سوچيو تہ بابا بيمار ھيو فوت ٿي ويو سڀني کي ھلڻو آھي ائين بابا بہ پنھجو وقت پورو ڪري وڃي رھيو آھي. ليڪن پوءِ الائي ڇا ٿيو مون کٽ ۾ ھٿ وجهي مٿي ڪيو تہ کٽ نہ کڄي سگهي، مونکان اوڇنگاريون نڪري ويون ۽ کٽ کي کڻي پٽ تي رکيم. بابا جي موت منھجي زندگي جو گهاءُ بڻجي پوءِ چڪندو ئي رھيو ۽ مان انھي مرم ۾ زندگي گذاري تہ بابا جنھن مونکي ھڪ ڪامياب ۽ وڏو شخص ڏسڻ پئي چاھيو انکي آءُ سندس زنددگي ۾ ڪا بہ خوشي نہ ڏيئي سگهيس