آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ

سال 1987ع جو 27 اپريل جو نسبتن گرم ڏينھن آھي ۽ ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو جهنڊن جي بھار آھي ۽ نعرہ لڳي رھيا آھن، “ھي سنڌ ڪنھنجي. . . سنڌين جي، ڪراچي ڪنھن جي. . . سنڌين جي، ھي شھر ڪنھنجا. . . سنڌين جا “ ڪراچي جي رستن تي ايندڙ ويندڙ، اکيون ڦوٽاري ڏسي رھيو آھي تہ نعرا ھڻندڙ اوپرا ماڻھو ڪير آھن. اوپرا ماڻھو ڪراچي پريس ڪلب آڏو پڙاءُ ڪن ٿا ھر طرف ڳاڙھا، اجرڪن، ڏاٽي وارا جهنڊا ۽ ماڻھن جون سِريون ئي سِريون ۽ ھر نعري جي جواب ۾ اڀا ٿيندڙ ھٿ آھن. تقريون ھلندي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي چيئرمين امداد چانڊئي کي سڏ ٿئي ٿو، تاڙين جي گهن گرج ۾ ”اڄ بہ مون لاءِ اوپري ناھين ڪراچي، سنڌ جي آھين ڪراچي، سنڌ جي آھين ڪراچي “ نظم جي گونج ۾ امداد جو سڏ پڙاڏو ٿئي ٿو ۽ ماحول ۾ ڪرنٽ ڊوڙي وڃي ٿو. سندس تقرير جي خاتمي تي اچانڪ حفيظ پيرزادو اسٽيج تي اچي ٿو ۽ جذباتي تقرير ڪري ٿو جلسي جو آخري مقرر ِ سنڌي عوام جو قومي اتحاد ”سپنا “ جو اڳواڻ رسول بخش پليجو ھيو. رسول بخش پليجي پنھنجي سياسي ڪيريئر جي يادگار تقرير ڪئي ۽ کيس زوردار موٽ ملي. رسول بخش پليجي سنڌ جي اختيار اعلي، سنڌ جي پاڻي، سنڌو درياھ جو ڪيس رکندي ڪالا باغ ڊيم خلاف چارج شيٽ رکي تہ ھزارن جو مجموعو نعرن ۾ ٻري پيو. انھي جلسي کي ڊان، جنگ سميت ملڪي قومي ميڊيا ۾ وڏي جاءِ ملي جنھن ۾ جنگ اخبار ۾ جلسي خبر ۾ سرخي طور جي ايم سيد جو بيان ڏنل ھيو جنھن ۾ پليجي کي سنڌ جي مسئلن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ جو سڏ بہ ھيو. توڙي جو” سپنا “ جو ڪراچي اجتماع پر اثر ھيو ليڪن ان وقت بہ جلسي ۾ لڳندڙ نعرن تي ڪراچي جي روڊن رستن تي جيڪو اوپرائپ جو احساس ھيو تنھنڪري سپنا جو بيانيو مونکي ڳالھ بلڪل نہ آئڙيو تہ جيڪڏھن سنڌ صرف سنڌين جي آھي جي ڳالھ ڪبي تہ پوءِ سنڌ اندر ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙن کي جدوجھد ۾ ڪيئن جوڙبو ۽ اھي نہ جڙيا تہ پوءِ سنڌ جو ڇوٽڪارو ڪيئن ۽ ڇو ٿيندو. ٻيو تہ اھڙي سياست ڪميونسٽ پارٽي جي ڊگهي سياست جو انحراف پڻ ھيو جنھن جلسي جي ھڪ مک مقرر امداد چانڊئي جي سياسي ميراث سان بہ ميل نہ پئي کاڌو. انھي جلسي کان اڳ خيرپور ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اقليتي گروپ جو اجلاس پڻ ٿيو ھيو جنھن ۾ مير ٿيٻو، رحيم بخش جعفري، امداد چانڊيو، غلام رسول سھتو پڻ شريڪ ٿيا ھيا جنھن ۾ ”سپنا “ حصو بڻجڻ تي ڳالھ ٿي تہ مون سوال رکيو ھيو تہ ” جدوجھد جيڪڏھن صرف سنڌين لاءِ ڪرڻي آھي سپنا جي پروگرام مطابق ان۾ صرف سنڌي شامل ٿيڻا آھن تہ پوءِ ھي اردو ڳالھائيندڙ ڪامريڊ اسان ۾ ڇو ويٺو آھي( انھي اردو ڳاھائيندڙ ساٿي جو نالو مونکان وسري ويو آھي). “ ان وقت گڏجاڻي ۾ اعجاز منگي پڻ ويٺل ھيو جنھن سان منھنجي تيسين ڪا روبرو ملاقات ڪانہ ھئي تنھن مونکان پڇيو ھيو ڪامريڊ توھانجو نالو ڇا آھي؟
”سپنا“ جي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي سان کوڙ ڀيرا اڳ جلسن ۾ مکاميل ٿيو، سندس تقريرون ٻڌيون تحريرون پڙھيون. رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ جو اڀار جو عھد بہ جنرل ضِاءَ جي مارشلا جو دور آھي جنھن ۾ سندس مزاحمتي سياست خاص طور سنڌياڻي تحريڪ جي مزاحمت پري پري تائين مشھور ٿي ويئي. اھو عھد وطن دوست انقلابي پارٽي جي اڀار جو عھد بہ آھي ۽ جمال نقوي جي ھٿ ھيٺ پروان چڙھندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي اڀار جو عھد بہ آھي تہ منھنجي سرگرم سياست جو وقت بہ آھي. انڪري عوامي تحريڪ تي ڳالھ ٻولھ منھنجي ساروڻين جو موضوع بہ آھي. عوامي تحريڪ 1967ع ۾ ٺھي. انھي جا پھريان اڳواڻ مير علي بخش ٽالپر ۽ رسول بخش پليجو ھئا. جڏھن تہ شروعاتي اڳواڻن ۾ قاسم پٿر، شير خان لنڊ، فاضل راھو پڻ شامل ھيا. 1970ع ۾ عوامي تحريڪ جو پاپولر اڳواڻ فاضل راھو انھي جو صدر ۽ حفيظ قريشي جنرل سيڪريٽري ٿيو. انھي پارٽي ٺاھڻ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامرِيڊ عزيز سلام بخاري جو ڪيترو ھٿ ھيو سو تہ خبر ناھي ليڪن ان دور جي ڪجهہ حلقن ۾ اھا ڳالھ عام ھئي تہ عزيز سلام بخاري جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو چوٽي جو اڳواڻ ھيو اھو سڀني کي عوامي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ چوندو ھيو. عزيز سلام بخاري جڏھن جوھي آيو تہ غلام قادر رند جيڪو پوءِ شينھن رند جي نالي سان جوھي جي مزاحمتي سياست جو اھڃاڻ ٿي پيو کي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيائين. عوامي تحريڪ ٺاھڻ کان اڳ رسول بخش پليجو بزم صوفياءِ سنڌ، سنڌمتحدہ محاذ ۽ نيشنل عوامي پارٽي نعپ ۾ پڻ شامل رھيو. نيشنل عوامي پارٽي ۾ ھجڻ دوران پليجي متعلق ھڪ واقعو مشھور ٿيو تہ حيدرآباد ۾ نعپ جي ھڪ اجلاس ۾ رسول بخش پليجي، شيخ عبدالمجيد سنڌي لاءِ ڪي گٿا لفظ چيا تہ اجلاس ۾ موجود اعزاز نذير ساڻس ھٿين پئجي ويو ليڪن ويٺلن وچ ۾ پئي اھو جهيڙو ٽاريو. اعزاز نذير ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل ھيو، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پيل ھئي ۽ انھي پنھنجي سياست سامراج دشمن متحدہ محاذ نعپ جي پليٽ فارم تان ڪئي پئي. انوقت ڪميونسٽ پارٽي جو اثر رسوخ نيشنل عوامي پارٽي ۾ زيادہ ھيو جنھن جو ھڪ ڪارڻ انھي عھد جو پنھنجو سامراج دشمن اثر ھيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ٺھڻ کان وٺي ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ڪيڊر جو مسقل مزاجي وارو ڪردار ھيو تہ ٻيو سبب ڪميونسٽ پارٽي جي بنگال شاخ جو سگهارو افرادي سياسي طاقت وارو ڪردار ھيو. رسول بخش پليجي تنھن کانپوءِ عوامي تحريڪ ٺاھي ليڪن ھو ڪميونسٽ پارٽي کي ڪڏھن بہ معاف نہ ڪري سگهيو ۽ کين نقوي نازشي ٽولو سڏيندي ھر ھنڌ سندن رستا روڪ ڪئي. وقت بدليو نيشنل عوامي پارٽي تي بندش پئي ولي خان سميت نيشنل عوامي پارٽي قيادت جيل ھلي وئي ۽ مٿن حيدرآباد سازش ڪيس نالي ڪيس ھليو. انجي متبادل طور روجهاڻ جي بلوچ سردار شيرباز مزاري جي اڳواڻي ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺھي ليڪن اھا پنھنجي سياست ۾ رجعت پسند ڪردار ادا ڪندي پاڪستان قومي اتحاد جو حصو بڻي تہ ڪميونسٽ پارٽي جي عنصر پروگريسو اين ڊي پي ۽ بعد ۾ نيشنل پروگيسو پارٽي جي نالي سان سياست ڪئي جيڪا اڳتي ھلي غوث بخش بزنجو جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل پاڪستان نيشنل پارٽي جو حصو بڻجي ويئي. جڏھن ايم آر ڊي، جمھوريت جي بحالي جدوجھد شروع ڪئي تہ ولي خان عوامي نيشنل پارٽي ٺاھي . عوامي نيشنل پارٽي ۾ عوامي تحريڪ شامل ٿي ۽ رسول بخش پليجو انجو جنرل سيڪريٽري بڻيو. ان وقت ولي خان جي قيادت ۾ قائم عوامي نيشنل پارٽي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪيڊر پڻ اي اين پي کي وسيع سامراج دشمن جهموري محاذ سمجهي ان۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ليڪن رسول بخش پليجو جيڪو ڏھائين کان ڪميونسٽ پارٽي سياست ۽ انجي قيادت سان چوٽون کائيندو پئي آيو سو اي اين پي ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ بڻيل ھيو. ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد محاذ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو چيئرمين امداد چانديو ٻڌائيندو آھي تہ اي اين پي ۾ شموليت جي سوال تي ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ جمال نقوي چوندو ھيو تہ، ” پليجو ڦاٽڪ کوليندو تہ اسان اي اين پي ۾ شامل ٿينداسين“.
ھڪ عھد ۾ سنڌ جي سياست ذوالفقار علي ڀٽي ۽ جي ايم سيد جي چوگرد پئي گهمندي ھئي. ڀٽي جي دور حڪومت سميت ضياءَ جي دور۾ رسول بخش پليجو ڪڏھن ڀٽو تہ ڪڏھن سيد خلاف ڳالھائيندو ۽ لکندو رھيو. جڏھن جنرل ضياءَ جو مارشلا لڳو تہ اھي تضاد مختلف نوعيت جا ٿي ويا. ضياءَ جي مارشلا خلاف مزاحمت ڪندي عوامي تحريڪ 1979ع ۾ راھوڪي ۾ وڏي ھاري ڪانفرنس گهرائي جيڪا جنرل ضِياءَ جي دور ۾ عوامي مزاحمت جو پھريون زوردار احتجاج ھيو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران بدين ۾ پڻ وڏو احتجاجي اجتماع ڪيو ويو جنھن سبب عوامي تحريڪ پھريون ڀيرو نہ صرف سنڌ بلڪہ ملڪ جي مزاحمتي تحريڪ طور پاڻ مڃايو. نتيجي ۾ رسول بخش پليجو، فاضل راھو سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت جيل اماڻي وئي. پليجي سميت عوامي تحريڪ جي مک قيادت خلاف ڪيس گهڙيا ويا ۽ سندن ڪارڪنن جون گرفتاريون ٿيون. عوامي تحريڪ جو ملڪ جي سياست ۾ وڌيڪ نالو تڏھن نروار ٿيو جڏھن اھا 1983ع واري موڙ تي پھتي. عوامي تحريڪ ايم آرڊي تحريڪ جو حصو بڻي سندس ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون انھي دوران سنڌياڻي تحريڪ جي مزاحمتي ڪردار سياسي قوتن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن شاندار احتجاج ڪندي جيل ڪاٽيا. مارشلا خلاف مزاحمت ۾ فاضل راھو پڻ وڏي شخصيت ٿي اڀريو جيڪو عوامي تحريڪ جو حقيقي عوامي رھنما ھيو جنھن جو اٿڻ ويھڻ عوامي ھيو. فاضل راھو 1970ع جي عام چونڊن سميت بيراجي زمينون مقامي ھارين کي ڏيو تحريڪ جو وڏو نالو ھيو جيڪو 17 جنوري 1987ع ۾ ڪھاڙين جا وار ڪري ماريو ويو. 1983ع جي ايم آر ڊي جدوجھد دوران جڏھن عوامي تحريڪ جي مک قيادت جيلن ۾ ھئي تڏھن نئين ديري جي حسين بخش ناريجو پارٽي جي ڪمان سنڀالي ۽ ايم آر ڊي جو ڪنوينر ٿيو. شروع ۾ خواھش باجود ڪميونسٽ پارٽي عوامي نيشنل پارٽي حصو نہ بڻجي سگهي ليڪن اڳتي ھلي ان جا ماڻھو عوامي نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيا ليڪن 1986ع ۾ پارٽي اقليت اڪثريت ۾ ورھائجي ويئي. اڳتي ھلي اقليت عوامي نيشنل پارٽي ۾ رھندي رسول بخش پليجي پاران 1987ع ۾ سنڌي عوام جو قومي اتحاد ٺاھڻ دوران ساڻس گڏ رھي جڏھن تہ ڪميونسٽ پارٽي جو اڪثريتي ڌڙو ڪميونسٽ پارٽي جي نالي ۽ پنھنجي محاذن ذريعي جي ايم سيد پاران قائم ٿيل سنڌ نيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو. سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ سنڌ قومي اتحاد اصل ۾ آئيندہ ٿيندڙ چونڊ عمل لاءِ صفبندي جي ڪوشش ھئي. انھي صفبندي ۾ اقليت واري سنگت سان صلاح مشوري کانسواءِ ھڪ ڏينھن رسول بخش پليجو سنڌ نيشنل الائينس ۾ شامل ٿي ويو. 1988ع جون چونڊون ٿيون تہ ايم آر ڊي ۾ سامل ڌرين پارن پيپلزپارٽي تي دٻاءُ پيو تہ اھا ايم آر ڊي تحريڪ جي اتحادين خلاف اميدوار نہ بيھاري. ليڪن پيپلزپارٽي فيصلو ڪيو تہ صرف ايم آر ڊي ۾ شامل پارٽين جي سربراھ خلاف ماڻھو نہ بيھاربو ائين عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ولي خان جي سامھون تہ اميدوار نہ بيھاريو ويو ليڪن ٺٽي ۾ رسول بخش پليجي خلاف اميدوار بيھاريو ويو. پليجي کي چونڊ ۾ شڪست آئي ۽ چونڊ سياست ۾ پليجو بلڪل اڳتي نہ وڌي سگهيو جڏھن تہ سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو، ڀائٽي سسئي پليجو پيپلز پارٽي ۾ شامل رھيا ۽ سينيٽ ۽ اسيمبلين جا ميمبر ٿيندا رھيا. جڏھن سنڌو درياءَ تي ڪالا باغ ٺاھڻ جي رٿا آئي تہ رسول بخش پليجو پيپلزپارٽي سان گڏ احتجاج ۽ اتحاد ۾ شامل رھيو ساڳئي طريقي سان گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجھد ۾ پڻ پيپلزپارٽي ۽ عوامي تحريڪ گڏ رھيا.
عوامي تحريڪ اصل ۾ رسول بخش پليجي جو حوالو آھي جنھنجا مثبت منفي پاسا ليکبا تہ انھي ۾ رسول بخش پليجي جو ذڪر چوٽي تي ھوندو.
رسول بخش پليجو سنڌ جي اختيار اعلي، سنڌو درياھ تي سنڌ جي مالڪي جو نہ صرف وڪيل ھيو بلڪہ انتي تمام گهڻو لکيائين ۽ عملي جدوجھد ۾ سرموڙ ڪردار ادا ڪيائين. ھن وقت بہ سنڌو درياھ جي مالڪي تي رسول بخش پليجي جون لکڻيون ۽ جدوجھد ھڪ زوردار حوالو بڻيل آھي. ھو نہ صرف وڏو عالم ھيو بلڪہ سندس انداز بيان ۾ وڏو سحر ھيو. تقرير لاءِ اٿي بيھندو ھيو تہ سناٽو ڇانئجي ويندو ھيو اھڙي سحر انگيز اثرائتي تقرير ڪراچي ۾ سنڌي عوام جو قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان ڪيائين جيڪا ھڪ يداگار تقرير آھي. پنھنجي علم کي سنڌي سماج سان جوڙڻ ۾ کيس ملڪو حاصل ھيو. لطيف کي پڙھڻ ۽ انکي سمجهائڻ جوسندس انداز ڪمال جو ھيو. ڳالھ ٻولھ دوران ھو لطيف کي سنڌ ۽ انجي مزاحمت سان جوڙي وجهندو ھيو تہ واھ واھ ٿي ويندي ھئي.
جنرل ضياءَ جي وقت ۾ تعليمي ادارن ۾ ھٿيار جو استعمال عام ٿيو جنھن جي مھنداري جيئي سنڌ پئي ڪئي، عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪارڪنن تي جيئي سنڌ جي شاشو خانن ڪافي دفعا تشدد ڪندي سندن سياست ڪرڻ تي روڪ لڳائي ليڪن ايتري وڏي سگهاري تنظيم ھجڻ باجود نہ صرف تعليمي ادارن اندر بلڪہ ٻاھر بہ سياست ۾ ھٿيار جي استعمال جي رسول بخش پليجي ڪڏھن بہ ھمت افزائي نہ ڪئي. توڙي جو ننڍي کنڊ ۾ مائوست سياست ھٿيار بند جدوجھد سان عبارت رھي ۽ رسول بخش پليجي جي نظرياتي گرو مائوزيتنگ جي اھا چوڻي مشھور آھي تہ انقلاب بندوق جي نالي مان نڪرندو آھي. ليڪن سياست ۾ ھن سنڌو سڀيتا جا پر امن اسلوب اڳيان رکي سياست ڪئي ۽ تنظيم کي سموري سنڌ ۾ ڦھلائي ڇڏيائين.
رسول بخش پليجو غيرمعمولي بھادري جي ڏک ڏيندو ھيو ۽ ڊنگ بلائن کي ايرو غيرو نٿوخيرو سمجهي سڏي مخاطب ٿيندو ھيو. پنھنجي ھر سياسي ڪارڪن کي ٻڌڻ ۽ کيس عزت ڏيڻ ضروري سمجهندو ھيو ۽ کن پل لاءِ بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندو ھيو تہ سندس توجہ ڪنھن ٻئي پاسي آھي. تنظيم جي ڪارڪن کي سٺي انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ ڳائڻ تي اتساھيدندو ھيو ائين ھر فنڪار کي قومي گيت ڳائڻ تي قائل ڪندو ھيو نتيجي ۾ اھڙا فنڪار ۽ گيت سرجيا جن سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ روح ڦوڪيو. ان سلسلي ۾ زرينہ بلوچ جا ڳايل ڪلام، زاھد شيخ جا رچيل ۽ ڳايل ڪلام، ابراھيم منشي جا رچيل ڳايل ڪلام پڻ ڪمال جا آھن جنکي اڳتي وڌائڻ، اتساھڻ ۾ ۾ رسول بخش پليجي جو ھٿ ھيو.
ھر شخص جيان رسول بخش پليجو ڪمزورين کان بالا تر نہ ھيو.
ملڪ ۽ سنڌ ۾ انقلابي سياست ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي سندس اتحادي ڌريون ٿي سگهيون پئي ليڪن رسول بخش پليجو ڪڏھن بہ سنجيدہ ٿي انھن سان ڪونہ ويٺو. ڪميونسٽ پارٽي سان تہ وير جي حد تائين رشتو نڀايائين ۽ ڪوشش رھيس تہ ڪنھن اتحاد ۾ انھن کي مڃتا نہ ملي. عوامي نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ھجڻ دوران ڪميونسٽ پارٽي جي ڪيڊر جي شموليت جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو جيڪا ڳالھ ڪنھن انقلابي مقصد بجاءِ سندس ذات جي پسند ناپسند طور ياد ڪئي ويندي. 1983ع ۾ عوامي تحريڪ ھڪ عرصي لاءِ ايم آر ڊي جي ڪنوينر رھي. جيئن تہ عوامي تحريڪ صرف سنڌ ۾ ھئي انڪري مرڪزي ۽ سنڌ جي ڪنوينر شپ پاڻ وٽ ھيس باقي صوبن ۾ ڪنوينر رکڻ جو اختيار وٽس رھيو ليڪن ٻين صوبن ۾ ڪنھن بہ ترقي پسند ڌر کي ڪنوينر شپ ۾ ڀائيوار ڪرڻ بجاءِ غير انقلابي قوتن کي آڏو ڀائيوار ڪندي انقلابي جمھوري مفادن بجاءِ گروھي مفاد کي ترجيح ڏني ويئي. مارڪسزم، ليننزم، مائوازم، قومي عوامي جمھوري انقلاب جي داعي، محنت ڪش سياست جي ڳالھ ڪندڙ رسول بخش پليجي ۽ سندس عوامي تحريڪ انھي اھم موڙ تي کاٻي ڌر کي جوڙڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي.
رسول بخش پليجي جي لکڻين ۾ پنجابي مھاجر مستقل مفاد جو ورد غالب رھيو جنھنجي نتيجي ۾ سنڌ اندر وسيع سنڌ دوست صفبندي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو جڏھن تہ سنڌ جي اختيار اعلي جي بحالي، سنڌو درياھ کي سنڌ جي ملڪيت مڃائڻ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ بہ شامل ڪرڻ سان صورتحال مختلف ھجي ھا جنھنجو ھڪ نمونو اپريل 2025ع ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻو جي ڪاميابي ھئي جڏھن لساني تفريق کان سواءِ سنڌ گڏ ٿي تہ سنڌ پنھنجي ويجهي تاريخ جي وڏي فتح حاصل ڪئي.
گنگا ڌر اڌيڪاري ٿيسز ھيٺ ڪميونسٽ پارٽي، پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي ليڪن 1948ع جي ڪانگريس ۾ پارٽي پنھنجي پاليسي کي غلط سڏيو. ليڪن رسول بخش پليجو مذھب ۽ ڪميونل سياست جي بنياد تي پاڪستان جي گهر جو حامي ۽ گانڌي نھرو جي سياست جو وڏو نقاد رھيو ۽ ورھاڱي کان پوءِ جي صورتحال جو ذميوار پڻ ڪانگريس کي قرار ڏنائين. جناح جي سياست ڪميونل سياست جو شاخسانو ھئي جنھن جي سياست انگريز بھادر جي اشاري تي پئي ھلي تنھن کي سنڌ جو تمام ذھين ۽ وڏو شخص قرار ڏنائين.
رسول بخش پليجو جنھن بہ اتحاد ۾ رھيو ان ۾ پنھنجي ڳالھ مڃائڻ جي ڪوشس ڪيائين ۽ سندس ڳالھ نہ مڃڻ جي نتيجي ۾ ان مان نڪرندو پئي رھيو. نتيجي ۾ رسول بخش پليجي لاءِ اھو تاثر عام ٿيو تہ جنھن اتحاد ۾ رھندو اھو اتحاد نہ ھلي سگهندو نتيجي ۾ رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو انتھائي تڪراري سياستدان بڻجي سامھون آيو.
بظاھر تہ” آءُ آءُ “ جي خلاف رھيو ليڪن عمل ۾ صرف پاڻ کي صحيح سمجهندو ۽ ڄاڻائيندو ھيو جنھجو ثبوت سندس پروگرامن ۾ ڪيل تقريرون آھن.
رسول بخش پليجو ڳالھ قومي عوامي جمھوري انقلاب جي ڪندو ھيو ليڪن ملڪگير انقلابي پارٽي تنظيم جوڙڻ لاءِ ڪو ڪم نہ ڪيائين مورڳو اھڙي تنظيم جوڙڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو. مھاجرن سان ڪڏھن بہ ٺري ڪونہ ڳالھايائين ليڪن پنجابين لاءِ نسبتن نرم گوشو رھيس.
ڪنھن وڏي مقصد بجاءِ ويجهي ۽ فوري مقصد ھيٺ اتحاد ڪيائين جيئن سنڌي عوام جو قومي اتحاد، سنڌ نِيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو ليڪن سندس منشا مطابق ڳالھ نہ ٿي تہ انکي ڇڏي اڪيلي سر 1988 جو چونڊ وڙھيائين.
سندس پارٽي جا پراڻا ڪارڪن ٻڌائيندا آھن جنھنجو ھڪ اظھار عوامي تحريڪ ۾ اھم حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪٿا ۾ بہ آھي تہ رسول بخش پليجو ڳالھ سڀني جي ٻڌندو ھيو ليڪن فيصلو پنھنجي مرضي سان ڪندو ھيو ليڪن جيڪو فيصلي سان متفق نہ ھوندو ھيو انجي ڪارڪنن ھٿان بيعزتي ڪرائيندو ھيو جيئن اھو وري ڪنڌ نہ کڻي سگهي. ويجهي ماضي ۾ جابجا اھڙا ڪارڪن روئيندي ڏٺا ويا جن عوامي تحريڪ کي پنھنجي جواني ۽ عمرون ڏنيون ليڪن رسول بخش جي بيرحم روئي سبب پاسيرا ٿي ويا. رسول بخش پليجوپارٽي جي سنجيدہ اجلاس مان ھلندي اٿي ويندو ھيو جڏھن تہ گڏجاڻي ۾ پويان جهڳ جهڳ پئي ھلندي ھئي ۽ گڏجاڻي جي اختتام تي اچي فيصلا لکبا ھيا جيڪي ھو پاڻ ڪندو ھيو. انقلابي تحريڪ جو ھي انوکو اڳواڻ ھيو جنھن ان نموني پنھنجي انقلابي پارٽي کي ھلايو. رسول بخش پليجي پنھنجي پارٽي ۾ تيلي مان ٿنڀ بنايا ۽ ٿنڀ کي تيلي ڪري ڇڏڻ بہ جاري رکيو.
شيخ اياز سندس پسند جو شاعر ھيو سندس نالو پنھنجي پٽ تي رکيائين ليڪن ساڻس ناراضگي ڪيائين تہ لطيف کان پوءِ استاد بخاري کي وڏو شاعر قرار ڏيندي استاد بخاري جھڙي ڀلوڙ شاعر کي بہ تڪراري بڻائي ڇڏيائين.
عوامي تحريڪ اصل ۾ رسول بخش پليجي جو حوالو ٿي رھي جيڪو رسول بخش پليجي لاءِ اعزاز آھي تہ ڪنھن انقلابي پارٽي اندر جمھوريت نہ ھجڻ جو اھڃاڻ بہ آھي. عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو جو قد ڪاٺ ماشلا دوران انتھائي زوردار رھيو جنھنجو سبب مزاحمتي سياست ھئي. 1988ع کانپوءِ جڏھن چونڊون ٿيڻ ۽ سول حڪومتن دوران گهڻا مامرا اسيمبلين ڏانھن منتقل ٿيا تہ مزاحمتي سياست ۾ بہ ماٺار آئي ۽ رسول بخش پليجي جي سياست بہ منظر عام تان اوجهل رھي. اڳتي ھلي فاضل راھو جو پٽ اسماعيل راھو کيس ڇڏي ويو، سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو اڳ۾ ئي پيلزپارٽي ۾ ويٺل ھيو. دنيا سميت خطي ۾ نظرياتي سياست ۾ زوال آيو تہ اھو رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي سياست ۾ پڻ نظر آيو. سندس حياتي ۾ سندس پٽ اياز لطيف پليجو کانئس الڳ ٿي قومي عوامي تحريڪ ٺاھي، جڏھن تہ ابرار قاضي، وشنو مل سميت ھڪ وڏي لڏي عوامي تحريڪ کي خيرباد چئي عوامي جمھوري پارٽي ٺاھي. اڄ عوامي تحريڪ افرادي قوت طور تہ سنڌ جي ڪڙڇ ۾ موجود آھي ۽ غلام قادر پليجي کي پيپلزپارٽي مان ڪنڊائتو ڪرڻ کانپوءِ رسول بخش پليجي جا جنگشاھي ۾ وڏا ورسي اجتماع بہ ٿين ٿا ليڪن جنرل ضياءَ الحق واري مارشلا عھد وارو مزاحمتي رنگ عوامي تحريڪ تان لھي چڪو آھي. عوامي تحريڪ سميت نہ اھا سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ آھي نہ وري اھا سنڌياڻي تحريڪ ئي آھي جنھن کي رسول بخش پليجو ڊگهن وارن واري فوج ڪوٺيندو ھيو. ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين ماضي جي ھڪ کيپ ھاڻي بہ کيس استاد جي نانءُ سان ياد ڪري، منگر پليجو ۾ گڏجي ھاءِ ڪري ٿي، ليڪن جنرل ضياءَ جي مارشلا دور جي ڏھاڪو سالن واري مزاحمتي سياست جو استعارو عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا مِيڙ ھاڻي اھا حرارت پيدا ڪرڻ جي قابل ئي ناھن رھيا جن کي 1979ع ۽ 1983ع ۾ راھوڪي ۽ بدين ۾ جڏھن رسول بخش پليجو “ کاري کيڙائو مٺي موٽي آئيا“ چئي مخاطب ٿيندو ھيو ۽ وراڻي ۾ تاڙين جي گونج ۾ سنڌياڻيون ھڪ آواز ٿي ”جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا “ جا فلڪ شگاف نعرا ھڻنديون ھيون تہ جر ٿر تک تنوار ٿي ويندي ھئي ۽ اقتدار جي ايوانن جا برج لڏي ويندا ھيا