آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

ڊکڻن جو ويڙهو

ڳوٺ بخش علي رند ۾ ڊکڻ 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ آيا. منھنجو بابا پنھنجي مامي ڪريم بخش جنھن کي ڳوٺ وارو ماما ڪرمون سڏيندا ھيا سان گڏ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ کانپوءِ ڪاڇي جي ڳوٺ بري مان لڏي پنھنجي اصلوڪي ڳوٺ پيرعلي شاھ بجاءِ ڳوٺ بخش علي رند ۾ اچي رھيو. انھي سان گڏ بابي جي ڀيڻ خيري پنھنجي مڙس رسولي ۽ ناٺي الھرکئي سميت آئي ۽ امان جو مامون الھڏنو بہ ڪٽنب سميت گهر ٺاھي اچي ويٺو. سال 1953ع ۾ بابا جو ڀاءُ خدابخش سندس اصرار تي ڳوٺ بيگو ديرو ڇڏي اچي ڳوٺ بخش علي رند ۾ اچي رھيو. بابي جي مامي ڪريم بخش کي عثمان، ڀائي خان، الھورايو ۽ امير بخش عرف پھلوان نالي پٽ ھيا کين ڪابہ ڀيڻ نہ ھئي انڪري سندن اڪثر دوست کين ڀيڻ تي گار پٽي ڏيندا ھيا ۽ پوءِ سڀ گڏجي کلندا ھيا. عثمان ۽ ڀائي خان تمام ذھين ھوندا ھيا سندن تعليم صرف پرائيمري ھئي ليڪن حسابن ڪتابن ۽ عام معلومات ۾ ڀڙ ھيا، اخبار رسالا پڙھڻ جا پڻ شوقين ھيا ۽ سياست تي ڳالھ ٻولھ جو بہ وٽن شعور ھيو. جڏھن تہ الھورايو پرائيمري ماستر ٿيو جيڪو پڻ تمام ذھين ۽ جهانديدہ شخص ھيو ليڪن ڪنن کان گهٻرو ھيو. عثمان واپار ڪيو ۽ بس بہ خريد ڪيائين ليڪن ڪٿي بہ ڄمي نہ سگهيو نہ سندس ٻار بہ پڙھي سگهيا. ڀائي خان پنھنجي اباڻي ڪرت ڊکاڻڪو ڪم جاري رکيو. روز صبح پنھنجا سنج کڻي ڪمال خان تائين نڪري ويندو ھيو جيڪو سندس ۽ پيءُ جو تر بہ ھيو. ڪڻڪ جي فصل تي کيس چڱو خاصو لاپو ملي ويندو ھيو جنھن ۾ ان ۽ سندس ڳئون جو چارو ٿي پوندو ھيو. چاچو ڀائي خان جڏھن بہ پنھنجي اڳوڻي اباڻي تر طرف لاپو وٺڻ ويندو ھيو تہ عيد جي ڏڻ جيان سنبري نڪرندو ھيو جنھن تي سندس ھم عمر مرد عورتون معني خيز نموني ٽھڪ ڏيندا ھيا ۽ ھي بہ کلي پوندو ھيو ليڪن سندس گهر واري جو منھن خراب ٿي ويندو ھيو. ھن جا پٽ بہ ٿورو گهڻُو پڙھيا جن ۾ وڏو پٽ عبدالحڪيم پوليس ۾ ملازم ٿيو ۽ سندس ٻيو پٽ غلام رسول ماستر ٿيو ۽ خادم حسين فوج ۾ ڀرتي ٿيو. بابي جي مامي جو آخري پٽ امير بخش عرف پھلوان پنھجي اباڻي ڪرت ڊکاڻڪي ڪم سان لڳو رھيو ۽ وسيعت آھر پنھنجي اڪلوتي ۽ سڪليلڌي پٽ الھورايو کي پاڙھيائين. جيئن تہ سندس ٻار ڪونہ بچندا ھيا انڪري پٽ کي ”ٽنڊُو“ ڪري سڏيندو ھيو. امير بخش جو بدن ڪسرتي ھيو ۽ پاڻ چنبِيءَ جو ماھربہ ھيو. ميلن، شادي مرادي سميت خوشي جي موقعي تي چنبي آزمائي ٿيندي ھئي ۽ کانئس ڪير چنبي نہ ڇڏائي سگهندو ھيو. چاچي خدا بخش کي چار پٽ ھيا جن۾ غلام قادر جيڪو منھنجو ڀيڻيوو بہ ٿئي سو ھر فن مولا ھيو. ڊرائيور، رازو، سٺو ڊکڻ بہ ھيو. جڏھن سندس والد شھر ۾ چير جي مشين ” آرو “ ھڻايو تہ انھي جو بنا تربيت جي مستري بہ ٿي ويو ليڪن کيس جنھن پيشي ۾ منزل ملي اھو حڪمت جو ڪم ھيو. اسانجو چاچا ۽ سوٽ جڏھن بيگي ديري ۾ ھيا تہ مٺي ڳوٺ ۾ چاچا ۽ بابا وارن جو ماسات ڏتل رھندو ھيو اتي ھڪ حڪيم شاڪر فريدي نالي اچي رھيو تنھن جي صحبت ۾ ادو غلام قادر حڪيم ٿيو . حڪمت ۾ کيس ڪمائي بہ ٿيڻ لڳي. 1976ع جي ٻوڏ ۾ جوھي جي آسپاس وڏي پيماني تي مليريا ڦھلجي ويو. ھو رات جو وزٽ دوران فرسٽ ايڊ باڪس کڻڻ لاءِ پاڻ سان گڏ مونکي بہ کڻندو ھيو ۽ پوءِ دير سان پئسن جا ٻڪ ڀريندي موٽندو ھيو ۽ مونکي بہ خرچي ڏيندو ھيو. بلا کاڌل مريض جي علاج ۾ کيس جهجها پئسا ملي پوندا ھيا. ھو بلا جي ڊاڪٽر طور مشھور بہ ٿيو ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو ڏاڍو ھوشيار ھيو نتيجي ۾ عام ماڻھو کي قائل ڪري ويندو ھيو. ھڪ دفعي ڪورٽ ۾ پنھنجو ڪيس پاڻ وڙھيائين ۽ کٽي ويو. کيس قائل ڪرڻ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ھيو. جوھي شھر ۾ سندس شفاخانو خوب ھلندو ھيو وٽس جنگ اخبار سميت سب رنگ ڊائجيسٽ پڻ ايندو ھيو جيڪو پڙھڻ لاءِ سندس شفا خاني تي آءُ بہ ويندو ھيس. چاچا خدابخش جو ھڪ ٻيو پٽ غلام عباس جنھن جي گهر منھنجي ڀيڻ زبيدہ عرف زبي پرڻجي ويئي ھئي چاچي سان گڏ جوھي شھر ۾ دوڪانداري ۾ گڏ ھيو اھو پڻ انھي آري مشين جو مستري ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن ھٿ ڪٽائي ويٺو. چاچا جي ڪارخاني کي مچائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو. چاچي جو ھڪ پٽ غلام حيدر ٻيڙيون ٻڌندو ھيو ۽ سندس سنگت جوھي ۽ آسپاس جي شاشو خانن سان ھوندي ھئي سو پنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان گهٽ ٺھندو ھيو ۽ پنھنجي سھري چاچا عثمان سان گڏ رھندو ھيو. جڏھن تہ چاچي جو چوٿون پٽ غلام قاسم ڪم ڪار کان آزاد گهمڻ ۾ پورو ھوندو ھيو. چاچا جي گهر جو اھم ڪردار چاچي خدابخش جي گهر واري آسيت ھوندي ھئي جنھن وٽ مينھن ڌاريل ھئي، جنھن جو گاھ پٺو پاڻ ڪندي ھئي، گاھ جي اھڙي ڀري کڻي ايندي ھئي جيڪا مرد ھيٺ لاھڻ ۾ آذرت ٿي وڃي. جڏھن بيگي ديري ۾ رھندي ھئي تہ لاڻيءَ مان کار پڻ پاڻ ٺاھيندي ھئي. اھا عورت ئي چاچي خدا بخش جي پٽ غلام قاسم جو گهر ھلائيندي ھئي. چاچي خدابخش کي ٽي نياڻيون ھيون جن مان ھڪ صاحب خاتون منھجي ڀاءُ واليڏني سان پرڻائي وئي، الھبچائي جيڪا اڳتي ھلي منھنجي سس ٿي ڪاڇي جي ڳوٺ دولتاڻي ۾ ملان آندل جي گهر ڏنل ھئي جيڪو پڻ بابا وارن جو ويجهو عزيز ھيو، جڏھن تہ ٽين نياڻي سياڻي چاچا ڀائيخان جي گهر ونواھيل ھئي. اھي ٽئي رشتا بابا جي مرضي سان ٿيا ۽ انھي فيصلي تي اسانجي چاچا اف بہ نہ ڪئي. پاڙي ۾ ھڪ گهر پُڦي خيري جو بہ ھيو جيڪا ٻنھي ڀائرن جي دادلي ھئي ٻئي سندس احترام جيترو خيال رکندا ھيا. پُڦي خيري جو مڙس رسُولو ڊکاڻڪي ڪم جو شاھ ڪاريگر ھيو. عام ڊکاڻڪو ڪم ڪرڻ بجاءِ ھو خوبصورت کٽون ۽ ھندورا ٺاھيندو ھيو. بنا جنڊي کٽ ٺاھيندو ھيو تہ انتي جنڊي جي ڪم جو گمان ٿيندو ھيو. ھڪ انتھائي وزن دار ڪاري رنگ جي ساڳ ڪاٺ جي کٽ سندس گهر ۾ پيل ھئي ڪافي سال گذرڻ باوجود انھي جي چُوڙ بہ ڍري ڪانہ ٿي ھئي. جڏھن عمر پوئتي وري تہ سندس مھارت بہ جواب ڏيڻ لڳي ۽ پُڦي خيري جو خاندان غربت جي ڪسمپرسي ۾ گھلجي ويو. انھي گهر سان گڏ امان جي مامي الھڏني جو گهر بہ ھيو ليڪن اھو ٿوري عرصي ۾ جوھي لڏي ويو جتي سندس ويجها مائٽ رھندا ھيا. سڀ کان آخر ۾ ڳوٺ ۾ اچڻ وارو منھنجي سھري ملان آندل جو خاندان ھيو. ادي بچائي جيڪا چاچي خدابخش جي وڏي ڌي ھئي تنھن ڪاڇي جي ماحول ۾ پنھنجي ٻارن لاءِ مستقبل مخدوش ڏٺو. تنھن مڙس ۽ پنھجي پٽن جن جون شاديون اسان جي گهر مان ٿيل ھيون کي قائل ڪيو تہ جوھي لڏي ھلجي. اسان جي سوٽ منھنجي سس بچائي، پنھنجي پيءَ ڀائرن سميت اسانجي گهر ۾ معتبر سمجهي ويندي ھئي. اسان جي ويڙھي خاندان ۾ لڏ پلاڻ جو اھم ڪارڻ ٻوڏون ھيون. پھريان چاچو عثمان، بعد ۾ چاچو خدا بخش ۽ انھي جا ٽي پٽ، 1995ع جي ٻوڏ ۾ آءُ بہ لڏي ويس تہ منھنجا ننڍا ڀائر عزيز ۽ غفور بہ مونسان گڏ جوھي شفٽ ٿيا. منھنجي سس سھري جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽ بہ ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد اچي پھتا جتي اسان سڀ اڳ ئي لڏي آيا ھياسين. ھن وقت ڳوٺ ۾ صرف منھنجي وڏي ڀاءُ جو پٽ ۽ چاچي ڀائي خان جا ٽي پٽ انھن جو خاندان ۽ سندس وڏي ڌيءَ صغرا پنھنجي پٽن سميت ويٺل آھي. جڏھن تہ ڳوٺ جا رند اڄ بہ اتي ئي ويٺل آھن. 1942ع واري ٻوڏ ھجي يا 1976ع واري ٻوڏ، 1995 واري ٻوڏ ھجي يا 2010ع ۽ 2022ع واريون مھا ٻوڏون، رند اڄ بہ پنھنجي پدن تي جھڙي تھڙي حال باوجود ويٺل آھن.