آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

جوهي جي شاهي بازار

مان جڏھن پرائمري ۾ پڙھندو ھيس تہ جوھي جي شاھي بازار ڏٺم جنھن ۾ منھنجي بابا جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو. جوھي جي ان وقت جي شاھي بازار اسڪول جي اوڀر ۾ نڪرندڙ رستي وٽ پراڻي کوھ وٽ شروع ٿيندي ھئي. انھي رستي تي اتر پاسي بشارت پنجابي جو گهر ۽ ڏکڻ ۾ ورھاڱي کان اڳ واري کوھ جي ڏکڻ ۾ سومرن جا گهر ھيا. بازر جي مھڙ ۾ غلام رسول سمي جي پيءُ جو سيڌي جو دوڪان جڏھن تہ اتر واري گهٽِي جي مھڙ ۾ ميرمحمد رند ۽ بابا جا ڪپڙي جو دوڪان ھيا. 1967ع ۾ جوھي ۾ بجلي آئي تہ پراڻي بازار ڦٽڻ شروع ٿي ۽ گهڻا دوڪان شھر جي مُک چوڪ ڏانھن اوڀر طرف شفٽ ٿيندا پئي ويا جيڏاھن بابا جو نئون دڪان شفٽ پئي ٿيو. بخاري جي درگاھ واري موڙ وٽ بازر ڏکڻ طرف مڙندي ھئي جتي ھڪ طرف سلطان پنجابي ۽ سندس پٽ رشيد ريڊيا ٺاھيندا ھيا. بازر جي اولھ پاسي ڊاڪٽر سليم جو دواخانو ھوندو ھيو، سليم ھوميو پئٿي جون دوائون رکندو ھيو جيڪي مٺيون ھونديون ھيون. سندس چوڻ مطابق اھو علاج سائنسي آھي جنھن جو مرڪز جرمني ۾ آھي. سليم ۽ سندس ڀاءَ جوھي ۾ ڪافي عرصو ھوميو پئٿي علاج جو ڪم ڪيو جڏھن تہ سليم جو پٽ ڪليم ﷲ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. سليم جي دوڪان ڀرسان شھر لڳ اولھ ۾ رھندڙ سوڀي روستماڻي جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو، کيس الاھي بخش، غلام حيدر ۽ شوڪت نالي پٽ ھيا جن مان غلام حيدر روستماڻي سياسي سوجه بوجه رکندڙ ھيو جيڪو ڀٽي حُڪومت جي وقت ۾ چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ لياقت جهتيال سان گرفتار ٿي جيل بہ ويو، بعد ۾ ڪراچي شفٽ ٿيو ۽ اڳتي ھلي اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. بازر ۾ برڪت پنجابي جلد ساز جو دوڪان ھيو. برڪت جلد ساز زبردست جلد ٻڌندو ھيو جنھن جي جُلد ٻڌڻ جي طريقي کي غور سان ڏسي آءُ بہ ڪتابن جو جلد ٻڌڻ شروع ٿيس. اتان جوھي جي شاھي بازر اتر کان ڏکڻ طرف مندر ڏانھن نڪري ويندي ھئي. انھي مندر کي ھاڻي قُبي سڏجي ٿو. جڏھن تہ اوڀر طرف مک بازر ڏانھن مڙندي موڙ ۾ ڪنڊ تي رسول بخش ميمڻ عرف ”رسُولي چاڪي“ جو گهاڻو ھوندو ھيو جنھن تي سندس گهر واري بصران پڻ ڪم ڪندي ھئي. ٻنھي کي دم جو عارضو ھيو ۽ ڪنھن وقت تہ ٻنھي جودم جي عارضي سبب ھُلو پيولڳندو ھيو. رسولي کي ٻہ پٽ محرم ۽ اصغر بہ ھيا جن مان محرم محنت ڪري شھر جو وڏو واپاري ٿي سيٺ محرم سڏجڻ لڳو. محرم چاڪي اڪبر جسڪاڻي جو يار ھوندو ھيو ۽ بازر ۾ ٻنھي ۾ نوڪ جهونڪ پئي ھلندي ھئي. رسولي چاڪي جي ھڪ نياڻي ممتاز ميمڻ جوھي جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. بازر ۾ ميرمحمد رند، جعفر خان لنڊ، يعقوب پٺاڻ، طوطو خان پٺاڻ، جلال پٺاڻ ۽ نورمحمد پٺاڻ جا ڪپڙي جا دوڪان ھوندا ھيا. طوطو پٺاڻ روايتي پٺاڻ لباس ءُ پٽڪي ۾ بازر ۾ گهمندو رھندو ھيو ۽ منھنجي حرڪتن تي، ھٿ طوطي وانگي ڪندي کل ڀوڳ ڪندو ھيو. يعقوب پٺاڻ پنھنجي دڪان تي سائي جي مرض جو علاج پڻ ڪندو ھيو. انھي علاج دوران مريض کي ڳچي ۾ ڪچو بصر ضرور ٻڌندو ھيو. اھو بصر ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ڦڪو ٿيڻ شروع ٿئي تہ اھا سائي جي مرض ۾ بھتري جي نشاني سمجهبي ھئي. ڪنھن وقت تہ يعقوب پٺاڻ جو ڪپڙي جو دڪان يوناني شفاخانو لڳندو ھيو. بازر جي وچ۾ ڏکڻ واري ٻانھين تي مٿي ھڪ جڳھ ھوندي ھئي جيڪا شريف ٿھيم ڪرائي تي ورتي ھئي جتي نہ صرف سياسي ڪچھريون ٿينديون ھيون بلڪہ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون پڻ ٿينديون ھيون. سال 1982 ۾ جڏھن جوھي نوجوان تنظيم ٺھي تہ اھا بيٺڪ جوھي نوجوان تنظيم جي استعمال ھيٺ رھي. انھي بيٺڪ تي ٻاھران ايندڙ سياسي سنگت سميت حسن روستماڻي، ڦوٽو روستماڻي، خدابخش پنھور سان اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم جا وڏا ڪچھرا، ڇتا بحث مباحثا ٿيندا ھيا. شريف ٿھيم جي گهران ايندڙ سوادي ماني جو پڻ مھمانن سميت اسان سڀ سنگتي مزو وٺندا ھئاسين. انھي بيٺڪ جي سامھون ھيٺ ٻيڙيون ٻڌڻ وارن مزدورن جو ڀانڊو ھوندو ھيو جنھن ۾ عوامي تحريڪ جو رمضان گوپانگ ويھندو ھيو، جتي ميرڻ کوسو، پنھل کوسو، نقاد ٿھيم، وفا برھماڻي سميت ڪافي مزدور ويھندا ھيا جتي سياست سميت شعر شاعري تي پڻ طبع آزمائي ٿيندي ھئي. شريف، اڪبر سميت ڪافي دوست اتي ويندا رھندا ھيا ۽ سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث پيا ٿيندا ھيا. شاھي بازر ۾ جاڙي خان رند ۽ ڪرم دين رند جا ڪپڙي جا دوڪان پڻ ھيا. ھي ٻيئي ڳوٺ بچل رند جا رھواسي ھيا. جاڙي کي جبار ۽ عرفان نالي پٽ ھيا جڏھن تہ ڪرم دين رند کي ھڪ پٽ سڪندر نالي پڻ ھيو جيڪو والي بال جو زبردست رانديگر ھيو ۽ کيس پنجاب جي والي بال رانديگر فلڪ شير جي نالي سان سڏيندا ھيا. جڏھن والي بال راند کي زوال آيو تہ سڪندر رند کي ڪڪڙ پالڻ ۽ ويڙھائڻ جو شوق ٿيو جنھنجي ڪري بعد ۾ کيس سڪندر ڪوڪڙي سڏيو ويندو ھيو. سڪندر رند شوق جي ھڪ شادي شيخن مان ڪئي جنھن مان ڄڻيل پنھنجي نياڻين کي بھتر تعليم ڏياريائين بلڪہ سندس ٻہ پٽ وڪيل بہ ٿيا جن ۾ اياز رند دادو جو ناليوارو وڪيل ٿيو. بابا جي دوڪان سامھون نوري پٺاڻ جي پٽ سان منھنجون جام کشٽون ٿينديون ھيون. مان ولي خان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو ھيس ۽ ھو ڀٽِي کي ڊز گارين جا چاڙھيندو ھيو. ھن سان گڏ ماني بہ کائيندو ھيس. پٺاڻ پنھنجي ڀاڄي کي ”سالن“ چوندا ھيا جنھن ۾ لوڻ ۽ مرچ گهٽ ۽ بصر جام ھوندا ھيا. گوشت ھجي يا سبزي سڀني ڀاڄين جو ذائقو ھڪجهہڙو ھوندو ھيو. بازر جي ڏاکڻي پاسي جمع ڪوري جو سلائي مشين جو سندل لڳل ھيو جتي ايندڙ ويندڙ ماڻھو لاءِ پاڻي جي سبيل لاءِ مٽ رکيل ھوندا ھئا. گرمي، ڪاڙھو، سيارو اونھارو آيو ويو جمع ڪوري جي سبيل وارا پاڻي جا مٽ ڀريل ھوندا ھيا جنکي ڪپڙي جو اڇو تھ ڏنل ھوندو ھيو. جمع ڪوري وٽ پپو نالي ڇوڪرو پڻ سلائي جو ڪم ڪندو ھيو جنھن کي سڏڻ لاءِ جمعو ڪوري عجيب آواز واري سيٽي وڄائيندو ھيو ۽ پپو اچي حاضر ٿيندو ھيو. جمع ڪوري جو سلائي مشين وارو سندل سدائين آباد ھوندو ھيو. پپو کي سڄي شھر جا ماڻھو پپو پپو چئي چيڙائيندا ھيا ۽ ھي موٽ ۾ چرچي ڪرڻ واري جي پيءَ جو نالو وٺي گار ڪڍندو ھيو. اسانجي ڳوٺائي حاجي ميرمحمد رند جي پٽ صديق رند جو ٽيلر ماسٽر جو دوڪان ھيو. ھو اسان سان گڏ منجهند جي ماني کائيندو ھيو. جڏھن ڏسندو ھيو تہ ڀاڄي گهٽ آھي تہ ان ۾ ٿڪ اڇلائيندو ھيو ۽ پوءِ ڀاڄي پاڻ ويھي کائيندو ھيو. بابا جي دوڪان تي سامھون پٽ تي شفيع پنجابي جو موچڪو دوڪان ھيو. جوھي جي وچ بازر ۾ شفيع موچي انوکو ڪردار ھيو. شفيع جوتن جي مرمت ڪندو ھيو ۽ آرڊر تي چمڙي جي جتي پڻ ٺاھي ڏيندو ھيو. ڏاڍو کلمک شريف ماڻھو ھيو. وٽس گراھڪ جوتو ٺھرائڻو ايندو ھيو تہ جواب ۾ چوندو ھيو”سر سلامت ھجي باقي جوتا کوڙ“. ھنجي دوڪان تي گهران ماني سندس نياڻيون کڻي اينديون ھيون جن ۾ ھڪ کي ”پنو“ نالي سان سڏيندو ھيو. سندس پٽ محمد علي ھيو جنھن کي ھو ۽ سندس مائٽ ”کُڙدو“ ڪري سڏيندا ھيا جيڪو اڳتي ھلي جوھي شھر جو سٺو ٽيلر ماسٽر ٿيو. شفيع پنجابي جو ھڪ ڀاءُ بشير پڻ ٽيلر ماسٽر ھيو جيڪو اڪثر ڪوٽ ۽ فيشن وارا ڪپڙا ٺاھيندو ھيو. گهڻو عرصو سعودي عرب ۾ رھيو. بشير پڪن خيالن جو ديوبندي ھيو. منھنجي ڀاءُ مولوي واليڏني جي ساڻس گهاٽي ياري ھئي. جنھن جي صحبت ۾ پڻ پڪن خيالن وارو ٿي ويو جيڪا ڳالھ بابا کي بلڪل پسند نہ ھئي. ان وقت جوھي ۾ ڪپڙي جي دوڪانن تي درزي پڻ ويھندا ھيا. منھنجي بابا جي دوڪان تي ٽي درزي ويٺا جن ۾ غلام قادر پنھور چرچائي ڀوڳائي ھيو ۽ مٺ تي سگريٽ پيئندو ھيو مٿي تي سعودي وارو رومال ٻڌندو ھيو. پنھنجي ننڍي ڀاءُ غلام مصطفي کي پڙھائي انجنيئر ڪيائين جيڪو اڳتي ھلي واپڊا ۾ وڏو آفيسر پڻ ٿيو. ٻيو درزي بشير غوري ھيو جيڪو ڏاڍو سوجه بوجه وارو ماڻھو ھيو چوندو ھيو تہ ھندو مذھب ناھي بلڪہ ھندوستان جي شھرين کي ھندو سڏبو آھي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سندس وڏا جوھي لڏي آيا. بشير درزي وٽ ئي مون قميص کي ڪاج بٽڻ ڪرڻ سکيا. سندس ننڍو ڀاءُ نذير ڇولا وڪڻندو ھيو. ٻنھي ڀائرن جو اولاد پڙھي نوڪرين ۾ پڻ آيو. بشير سندس ڀاءُ ۽ سندن اولاد پڻ صاف سنڌي ڳالھائيندا ھيا. بابا جي دوڪان تي ھڪ درزي قائم سولنگي پڻ ويٺو. سندس پٽ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ليڪن سندس مائٽن سان ھميشہ ڦڏا رھندا ھيا. اسانجي دوڪان جي اوڀر ۾ طفيل حلوائي جو گهر ھيو جنھن جي سامھون سندس پٽ ۽ پوٽو گامي پنجابي دوڪان تي ويھندا ھئا. گامي مونسان گڏ پرائيمري ۽ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھيو. جڏھن بہ دوڪان تي ويھندو ھيو مونکي سڏي مٺائي جي ٽڪي ۽ لڏون کارائيندو ھيو. طفيل پنجابي جي مٺائي جوھي شھر ۾ مشھور ھوندي ھئي. ڪچڙي منجهند جو جڏھن گامي مٺائي جو ٿالھ کڻي دوڪان تي وڃڻ لاءِ گذرندو ھيو تہ پوري بازر مٺائي سان واسجي ويندي ھئي. اتي ئي علي محمد رند جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو. سندس ھڪ پٽ عثمان مون سان گڏ پڙھيو. سندس وڏي پٽ حاجي اڪبر رند محنت ڪري خوب ترقي ڪئي. ھن ڪپڙي جي واپار سميت زمينون مقاطعي تي کنيون ۽ ماڻھن کي عمري تي موڪلڻ واري ڪرت پڻ ڪيائين. پنھنجي پيءَ جي وفات کانپوءِ حاجي اڪبر رند بابا جي دوڪان جي سامھون وڏو دڪان ورتو جنھن کي خوب سينگاريائين. انھي دڪان تي اڪثر ٻہ جاڙا ڀائرقائم ۽ شام پنجابي ويٺل ھوندا ھيا جيڪي اڪبر کي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندا ھيا. دڪان تي ٻن ۾ ھڪ ھوندوئي ھوندو ھيو. ھي ٻيئي مھاجر ھيا ليڪن حيرت انگيز طور بھترين سنڌي ڳالھائيندا ھيا. انھي دڪان تي اڪبر جو دوست غلام علي ٻٻر فوجي بہ ويٺل ھوندو ھيو. جڏھن بہ موڪل تي ڳوٺ ايندو ھيو روز صبح جو اڪبر جي دڪان تي ويٺل نظر ايندو ھيو. حاجي اڪبر رند جي منھنجي ڀاءُ سميت اسان سڀني ڀائرن سان ويجهڙائي رھي. سندس ھڪ پٽ سھيل جواني ۾ خود ڪشي ڪئي جنھنجو سور کيس ساري عمر کائيندو رھيو. کيس ٽي ٻيا پٽ بہ ھيا جن ۾ جاويد سعودي عرب ۾ انجنيئر جي نوڪري ڪئي، حفيظ ڪپڙي جو دڪان سنڀاليو جڏھن تہ فرحان ٻني ٻارو سنڀاليو. حاجي علي محمد جي دوڪان سان گڏ محمد رند جو دوڪان بہ ھيو. محمد جو پٽ اڪبر مون سان گڏ مئٽرڪ تائين پڙھيو جڏھن تہ سندس ھڪ پٽ اصغر رند جيالو ٿيو. طفيل حلوائي جي دڪان آڏو ھر اونھاري ۾ چاچي ھاشم ڪاسائي جو ٿاڌل جو سندل لڳندو ھيو. ماڻھو سيڙھجي ھاشم جي ٿاڌل پيئڻ ايندا ھيا. شديد گرمي ۾ سمورا دوڪاندار اتان ٿاڌل گهرائي پيئندا ھيا. چاچي ھاشم کي ننڍو ڀاءُ ھوندو ھيو جنھن کي سڀ ”منڊو“ ڪري سڏيندا ھيا. سندل کان گراھڪ تائين ٿاڌل اھو منڊو پھچائيندو ھيو. چاچي ھاشم کي ٻہ پٽ غلام قادر ۽ غلام نبي ھوندا ھيا. غلام قادر جوھي جو برجستو سياسي ڪارڪن ھيو. ھو ڪافي دفعا جيل بہ ويو. 1978ع ۾ شيرين سومرو ڪيس ۾ گرفتار ٿي سزا کائڻ وارن ۾ غلام قادر ٿھيم بہ شامل ھيو. جڏھن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي تہ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ پليسمينٽ بيورو قائم ڪيائين تہ غلام قادر بہ بئنڪ آفيسر ٿيو. چاچي ھاشم جي سندل سامھون استاد صالح گوپانگ ريڊين جو مستري بہ اچي ويٺو جنھن وٽ منھنجو ڀاءُ غلام محمد بہ ڪجهہ ڏينھن ريڊيا ٺاھڻ جو ڪم سکيو. استاد صالح جي دوڪان تي الھرکيو ۽ شيرل گوپانگ پڻ ويھندا ھيا جن کي آکاڻين جا ڪتاب وٺڻ ۽ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. شاھي بازر جي اوڀر ۾ ولي محمد ٿھيم، حاڪم پنجابي ۽ سوڍي خاصيلي جا دوڪان ھيا جتي مک شاھي بازرختم ٿي ويندي ھئي جڏھن تہ ڏکڻ ڏانھن لڙڻ تي غلام محمد کوسو جو فروٽ جو دوڪان، يارو ۽ فيضو ٿھيم جي ٻيڙين جي مانڊڻي، دين محمد رند، رحيم داد رند، شفيع پنجابي، مادن خان رند جا منھيارڪا دوڪان ھوندا ھيا. اتي ئي غلام قادر رند، گل محمد رند وارن جو سيڌي جو وڏو دوڪان پڻ ھيو. جڏھن بازر اتان اوڀر طرف لڙندي ھئي تہ شادي پنجابي جو سيڌي جو دوڪان ھيو. شادي پنجابي جو پٽ فياض والي بال جو ڀلو راندگر ھيو، اتي پياري روستماڻي جو ھوٽل، ليلو پنجابي جو رانديڪن جو دوڪان ۽ عمر ٻٻر جو پسارڪو دوڪان ھوندا ھيا. ليلو پنجابي ڏھين محرم تي محرم جو جلوس ڪڍرائيندو ھيو جنھن ۾ ماتم سان گڏ ساز، توتڙيون، توتارا ۽ شعبدہ بازيون پڻ ٿينديون ھيون. سندس جلوس ۾ رونشي ڪوڏيا ٻار ھوندا ھيا جن ۾ ھو شيون ورھائيندو ھيو. انھن دوڪانن جي سامھون رفيق پنجابي جو پڪوڙن جو دوڪان ھيو تہ قربان غوري جي وڏن جا سيلون بہ ھيا. اتي ئي دين محمد ٿھيم جو وڏو ھوٽل بہ ھيو جيڪو جام ھلندو ھيو. دين محمد ٿھيم جڏھن پنھنجي مزدورن تي ڪاوڙبو ھيو تہ ھوٽل تي پيل سمورو کير ھاري بئنچ تي ويھي سگريٽ پيئندو ھيو. انھي سان لڳ حافظ عبدﷲ رند جو کنڊ جي راشن جو دوڪان ھيو جڏھن تہ بازر جي اوڀر واري ڇيڙي تي مامون پنجابي جو سيبتو ھوٽل ھوندو ھيو. روڊ جي اوڀرطرف لوڪل گورمينٽ جي دڪانن ۾ توقير پنجابي جو دوائن جو اسٽور ھوندو ھيو جتي وحيد پنجابي ۽ سندن موڳو ڀاءُ بابو پڻ ويٺل ھوندو ھيو. شادي پنجابي ۽ پيارو روستماڻي جي ھوٽل جي پوئين پاسي بشير پنجابي جو ھوٽل ھوندو ھيو. بشير پنجابي چانھ ٺاھڻ ۾ خاص مھارت رکندو ھيو جنھنجي ڪري ھر وقت آباد ھوندي ھئي. بشير پنجابي جي چانھ آچر مڱڻھار، منظور پنجابي ۽ ايوب پنجابي ذريعي شاھي بازر جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پئي پھچندي ھئي. سياسي ڪارڪنن، نوجوانن جي بيٺڪ بشير پنجابي جوھوٽل ھيو ائين جوھي جي سياسي ھلچل ۾ بشير پنجابي جي ھوٽل جو مک ڪردار آھي. بشير جي ھوٽل نہ صرف سياسي ڪارڪن تيار ڪرڻ جو سبب بڻي جن سنڌ جي ترقي پسند، قوم پرست، جمھوري سياست کي وڏا نالا ڏنا بلڪہ انھي ھوٽل تي ڏينھن جا ڏينھن ويھندڙ، ڪچھريون، سوال جواب ڪندڙ اڳتي ھلي مشھور صحافي، ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر پڻ ٿيا. 1977ع ڱان 1980ع تائين اسانجي ٽھي جو اھم ماڳ بشير پنجابي جو ھوٽل رھيو جڏھن تہ اسان جي پڙھڻ لاءِ ٻاھر وئي پڄاڻان انھي ھوٽل کي خادم ٿھيم، عاجز جمالي، حيدر سيال، منظور ٿھيم، غفار ٿھيم، علي رند، طارق عالم رند، بخت جمال سومرو، ذوالفقار لغاري، عزيز سومرو، مينھون باھوٽو، امان ﷲ باھوٽو، محمد خان ٻٻر، غفور سومرو، فاروق سومرو، نقاد ٿھيم، جاني ملاح، ھارون پنھور وسايو جتي زوردار سياسي بحث ٿيندا ھيا ۽ شعر وشاعري ادب تي ڪچھريون ٿينديون رھيون. بشير پنجابي پاڻ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس ھڪ پٽ ھارون ماستري ڪئي ۽ ھو بھترين آرٽسٽ ۽ پينٽر ھيو، ٻيو پٽ احمد ماستر، عمران واپڊا ۾ ملازم ۽ فاروق پڻ ڪنھن ڌنڌي سان لڳو. بازر جي ڏکڻ ۾ مسجد جي آڏو ڪاڇي ويندڙ روڊ تي سيٺ محمد بخش ٿھيم ۽ سيٺ اسحاق ٿھيم جو وڏو دوڪان نما اڏو ھيو جتي ٻڌو سامان وڪرو ٿيندو ھيو. ٿھيم ڀائرن جي ھول سيل دڪان آڏو ميدان تي ٽرڪن تان سامان لھندو ۽ چڙھندو ھيو جتي ”مدو چانڊيو“ سميت مزدورن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا. انھن ۾ اڪثر مزدور چانڊيا ھيا ليڪن ڪجهہ گوپانگ پڻ ھيا. سامان لاھڻ ۽ چاڙھڻ دوران مدو چانڊئي جا ھوڪرا ٻڌڻ جھڙا ھيا. محمد بخش ٿھيم جي ڪاروبار ۽ مقامي سياست ڪري جوھي ۾ ھاڪ ھئي. جڏھن مير غوث بخش بزنجو پاڪستان نيشنل پارٽِي ٺاھي تہ جوھي پڻ آيو. محمد بخش ٿھيم جي دوڪان آڏو ھن سياسي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو جن۾ آءُ پڻ شامل ھيس. محمد بخش ٿھيم جي پٽ شريف ٿھيم، خادم ٿھيم، منظور ٿھيم سياست ۾ جڏھن تہ لياقت ٿھيم وري سوشل سيڪٽر ۽ لکڻين ۾ پنھنجو نالو ڪمايو. ٿھيم ڀائرن جو جوھي جي بيداري جي تحريڪ ۾ سرموڙ ڪردار رھيو آھي. خادم ٿھيم جي پھل ۽ باقي ڀائرن جي ھمت سان جوھي شھر ۾ ساٿي ٻاڙا سنگت جي پليٽ فارم تان”ساٿي ٻارڙا سنگت لئبرري“ پڻ قائم ٿي جنھن کي ٽائون ڪميٽي پاران جڳھ مليل ھئي. انھي لئبرري تي صبح شام ٽاٻر نوجوانن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا جن اڳتي ھلي جوھي سميت حيدرآباد، ڪراچي ۾ تعليم، سياست، صحافت جي ميدان ۾ نالو پيدا ڪيو. خادم ٿھيم ڪجهہ عرصو ڪميونسٽ پارٽي جي ھڪ ڌڙي جو اڳوڻ پڻ رھيو ليڪن ڪجهہ عرصي کان سرگرم سياست ڇڏي ھاڻي سپريم ڪورٽ بار جو وڪيل آھي. سيٺ اسحاق ٿھيم جا پٽ پڻ پڙھيا جن ۾ ھاشم ٿھيم ڊاڪٽر، مجيد ٿھيم صحافي ۽ سوشل ايڪٽوسٽ ۽ نصر ﷲ ٿھيم ملڪ کان ٻاھر نوڪري ڪئي. جوھي جي مک بازر اڪثر ٽيپھري جي وقت بند ٿي ويندي ھئي ۽ گهر وڃڻ کان پھرين اڪثر دوڪاندار والي بال گرائونڊ تي گڏ ٿيندا ھيا. والي وال بال راند ۾ ان وقت طفيل پنجابي، فياض پنجابي، ستار سومرو، سڪندر رند عرف فلڪ شير، بگو ڏاھري، سنھڙو قاضي، غلام حيدر سومرو عرف شيدي، غلام حسين سومرو کٽي، منھنجو ڪلاس فيلو اڪبر رند، مصري ڪوري، حڪيم غلام قادر سومرو کيڏندڙ ھيا. اڳتي ھلي جوھي والي بال ٽيم ۾ جمن باھوٽو بہ شامل ٿيو جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ والي بال جو وڏو رانديگر ٿي اڀريو.
جوھي بازر جي اوڀر ۾ مک چونڪ تي ھوٽل ھوندا ھيا اتي پڻ ٽپھري کان سومھڻي تائين رونق ھوندي ھئي. اتي بہ ڪڏھن ڦڏو ٿي پوندو ھيو تہ بچ بچاءُ ٿي پوندو ھيو ليڪن رندن ڪنھن سان ڦڏو ڪيو تہ پوءِ سمورا رند گڏ ٿي اھا جنگ وڙھندا ھيا ۽ مخالف کي ڪٽڪو ڪڍي کن پل ۾ ڪک پن بہ ٿي ويندا ھيا. انھي جنگ ۾ سرموڙ ڪردار بخش علي رند ڳوٺ جا رند ڪندا ھيا جن جو لٺ سردار حسن رند ھيو . انھي وقت جوھي شھر تي رندن جي ڌاڪ ويٺل ھئي.
جوھي بازر جو ھڪ مک ڪردار پيارو مڱڻھار بہ ھيو جيڪو سرڪاري، غير سرڪاري پڙھو ڏيندو ھيو. سندس آواز ۾ ڪمال جي گهن گرج ھئي. جڏھن بہ ڀير تي ڏئونڪو لڳندو ھيو سمجهي وڃبو ھيو تہ ڪو اھم اعلان آھي ۽ پوءِ ”ھڪ ضروري اعلان ٻڌندا“ جي آواز سان پياري مڱڻھار جو ڪڙڪيدار آواز شھر جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ۾ پيو ٻڌبو ھيو.
جوھي شھر جو اھم ڪردار ٻاجهي خان ٿھيم بہ ھيو جيڪو جوھي جي بلدياتي سياست جو اھم ڪردار رھيو. پنھنجي سٺي ڪارپت سبب کيس شھر ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو ھيو. ھو پنھنجي گذرسفر لاءِ پنھنجو اباڻو ڪاسائڪو ڪم ۽ جانورن جي کلن جو واپار ڪندو ھيو. جوھي شھر جو ذڪر ڪرڻ وقت وڏيري ميرل باھوِٽي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جيڪو ڪافي عرصو جوھي ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين رھيو. جوھي جو ھڪ اھم ڪردار توقير عالم مھاجر بہ ھيو جيڪو مارشلا دور ۾ ٽائون ڪميٽي جوھي جو ڪجهہ عرصو انچارج ٿي رھيو. چاپئين ڏاِڙھي رعبدار شخصيت جو مالڪ توقير عالم جام سگريٽ پيئندو ھيو. جوھي ۾ آباد سمورن مھاجرن جيان ھي پڻ سٺي سنڌي ڳالھائيندو ھيو. ان وقت اسان سياست ۾ سرگرم ٿي رھيا ھياسين ۽ سندس سرگرمين کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسندا ھئاسون ليڪن ھو سدائين اسان سان پاٻوھ سان ملندو ھيو ۽ ويجهڙائي رکڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو.
ٽائون ڪميٽي جو ھڪ چيئرمين ڊاڪتر علي نواز سومرو پڻ ٿيو جيڪو حال حيات آھي. عمر جون اسي بھارون ڏسندڙ علي نواز سومرو سومرن سميت جوھي شھر جي شروعاتي پڙھيل لکيل ماڻھن مان آھي. سندس والد گل محمد سومري پنھنجون نياڻيون بہ پڙھايون. علينواز سومرو سرڪاري نوڪري ڪئي. جوھي ۾ ڊاڪٽري پڻ ڪيائين. جوھي ٽائون جو سٺو منتظم پڻ رھيو. سندس وقت ۾ جوھي ٽائون ڪميٽي صاف سٿري ۽ واٽر سپلاءِ جي معاملي ۾ پاڻ ڀري رھي. پاڻ ادب سياست کي پڙھندڙن ۾ جوھي جا بنيادي ماڻھو آھي. جوھي جي سماجي سرگرمين خاص طور سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ پڻ وڏو حصو ھيس. جڏھن ميڊيڪل ۾ داخلا وقت مونکي ڊوميسائيل پي آر سي جي تڪڙي گهر ٿي تہ علينواز سومرو مون سان گڏجي ھليو ۽ ڊي سي مير محمدپرھياڙ سان ملي تڙي کڙي ڪم ڪرائي ڏنائين. جوھي ۾ گاج جي نالي سان دوستن لئبرري شروع ڪئي جنھن۾ علي نواز سومري جا صلاح مشورا ۽ ڪتاب ڏيڻ پڻ شامل ھيا. 3 جولائي 1999ع تي لئبرري شروع ٿي جڏھن تہ ڪجهہ ڏينھن بعد 13 آگسٽ تي اڪبر جسڪاڻي جو پراسرار موت ٿيو تہ سنگت اڪبر جسڪاڻي جي خدمتن جي صلي ۾ لئبرري جو نالو اڪبر جسڪاڻي جي نالي پٺيان رکڻ جي تجويز ڏني. ڪجهہ دوستن اعتراض ڪيو تہ جيڪڏھن اڪبر جسڪاڻي خود ڪشي ڪئي آھي تہ پوءِ اھو نالو رکڻ صحيح ناھي. علينواز سومري علامہ آءِ آءِ قاضي جو مثال ڏيندي چيو تہ ڪنھن جي موت جي طريقي سان ڪنھن جو پورھيو ختم نٿو ٿئي . ائين اھو اعتراض پڻ ختم ٿيو. علي نواز سومرو نياڻين سميت پنھنجي اولاد کي تعليم ڏياري. سندس ھڪ نياڻي انيلا ناز سومرو جاپان مان پڙھي آئي ۽ ھنوقت نوشھرو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر جي عھدي تي ڪم ڪري ٿي.
دين محمد ٿھيم جوھي ۾ پيپلزپارٽي جي سياست جو بنيادي ماڻھو ھيو تہ مارشلا کانپوءِ ضياءَ حمايت تحريڪ ٺاھڻ ۾ بہ پيش پيش رھيو. جوھي ٽائون جو چيئرمين ٿيو. مان وٽس چاچي حاجي ميرل خان باھوٽي واري اسڪالر شپ ملڻ واريڳالھ کڻي ويس ۽ کيس پنھنجي والدين جي مالي حالت کي ڏسندي اسڪالر شپ واري سھائتا جاري رکڻ جو عرض ڪيو. چيئرمين صاحب مونکي ٺھ پھ جواب ڏنو تہ فنڊ ڪونھن جڏھن آيا تہ رابطو ڪبو. دين محمد ٿھيم جوھي ۾ قيصر ٽاڪيز نالي سينيما پڻ کولي. سندس اٿڻ ويھڻ زبردست ۽ شاھانہ رھيو. کيس بہ آخري وقت ۾ موتمار اڌ رنگ جو مرض لڳو ۽ فوت ٿي ويو. جوھي بازر جو ھڪ ڪردار نثار سرھيو بہ ھيو جيڪو جوھي جي بازر۾ اخبار پھچائيندو ھيو. انوقت سنڌي اخبارن جي ڀيٽ ۾ اردو اخبار جنگ گهڻي ھلندي ھئي جنھن سان گڏ سب رنگ ڊائجيسٽ پڻ وڪرو ٿيندو ھيو. نثار سرھئي جڏھن اخبار ڦٽو ڪئي تہ اھو ڪم حسن خاصخيلي اختيار ڪيو جنھن کي حسن ”گُپو“ ڪري سڏيو ويندو ھيو.
جوھي شھر جو ھڪ يگانو ڪردار مٿي ذڪر ڪيل وڏيرو ميرل باھوٽو ھيو. قد بت ۾ سگهو، جناح ٽوپي پائيندڙ، غريب غربي سميت ھر ماڻھو سان چرچو ڪري ملندڙ حاجي ميرل باھوٽي جي پنھنجي پاڙي ۾ وڏي اوطاق ھئي جتي ھر وقت ماڻھن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا. آسپاس جي ماڻھن جا تڪرار پيو نبيريندو ھيو. مون پنھنجي سانڀر۾ ڪنھن کان بہ سندس زيادتي جو ذڪر ٻڌو نہ روايتي وڏيرن واريون ڏنڊ چٽيون ئي ٻڌيون. سندس اوطاق تي تاس بہ جام ٿيندي ھئي. ھن پنھنجي پاڙي ۾ سومرن، لغارين، ٻاليشاھين سميت، مختلف ذاتين جي ماڻھن کي رھڻ لاءِ جاءِ فراھم ڪئي، سندن پنھن جي برادري جي ماڻھن جيان خيال ڪندو ھيو. اسانجو سوٽ قربان وزن ۾ سگهو ھوندو ھيو جنھن کي وڏيرو ميرل ٿلھو ھجڻ سبب ”دوسرا “ سڏيندو ھيو جيڪو موٽ ۾ کيس بہ ٿلھو ھجڻ سبب ”تيسرا“ چوندو ھيو. اھڙي مذاق تي چڙڻ بجاءِ ھو انجواءِ ڪندو ھيو. جوھي جا وڏي عمر وارا ماڻھو کيس وڏيرو جڏھن تہ نوجوان کيس چاچو ڪري سڏيندا ھيا. جڏھن مان انٽر پڙھندو ھيس تہ ھڪ ڏينھن بشير پنجابي جي ھوٽل تي دوستن سان گڏ ويٺو ھيس تہ ٽائون ڪميٽي جو ملازم ملو عبدالرحمان پنجابي مونکي سڏڻ آيو تہ توکي حاجي صاحب سڏي ٿو. تڏھن حاجي ميرل ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ھيو. مان سمجهيو تہ سياست ۾ سرگرمي سبب حاجي ميرل جا دڙڪا ملندا. آءُ ڊڄي ڊڄي ٽائون ڪميٽي آفيس پھتس تہ حاجي ميرل ٻيڙي پئي پيتي. مونکي ڏسڻ سان چيائين اڙي ڇورا تون حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو پٽ آھين منھنجي ھائوڪار ڪرڻ تي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويھڻ جو اشارو ڪندي ٻوٿ ۾ بجو کولي گهروڙي ڏنائين. چيائين ڇورا ھوشيار آھين تہ شوق سان پڙھ، سياست ڪندين موچڙا ھڻندوسائين. ھن ڪلارڪ کي سڏي چيو تہ صحيح وٺي ھن کي پئسا ڏي. چاچي حاجي ميرل منھنجا سالانہ اسڪالر شپ منظور ڪئي ھئي جيڪا ٽائون ڪميٽي ڪجهہ سالن تائين مونکي ڏيندي رھي. چاچو حاجي ميرل ٻيڙي جو وڏو موالي ھيو نتيجي ۾ پيري ۾ کيس دم جو عارضو وڪوڙي ويو. مان جڏھن ڊاڪٽر ٿي آيس تہ مونکي گهرائي وٺندو ھيو آخري ڏينھن ۾ دم جو شديد عارضو ٿي پيس. چوندو ھيو ڊاڪٽر منھنجو ھيٺيون ساھ ھيٺ مٿيون مٿي آھي اھڙي ڪا سئي ھڻ جو ھيٺين مٿيون ساھ پاڻ ۾ گڏجي پون. جيڪڏھن ميرل باھوٽو سنڌ جي روايتي وڏيري جو ھڪ مثال سمجهجي جنھن کي پنھنجي پئنچايت راڄ جو ايترو خيال ھيو تہ پوءِ سمجهي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي ماضي جي پئنچائت پنھنجي جوھر ۾ ڪيتري نہ جمھوري ۽ سگهاري ھوندي. سال 1973 کان 1976ع واري جوھي سميت جوھي جي بازر جو ڏيک ويک رنگ ڍنگ نرالو ھيو. جوھي شھر جي بازر ۾ سنڌي، پنجابي، مھاجر، ٻروچ ھڪ ويڙھي جيان رھندا ھيا. ڪنھن جي دڪان تي چانھ ھلندي ھئي تہ پاڙي واري کي رڙ ڪري سڏيو ويندو ھيو. جمعي ڪوري جا ٿڌا مٽ سموري بازر سميت مسافرن جي اڃ پيا اجهائيندا ھيا. ٽپھري کانپوءِ بازر بند ٿيندي ھئي تہ وڏي عمر وارا پنھن جن گهرن ڏي روانا ٿيندا ھيا ۽ سامھون گذرڻ وقت ٻئي کان پڇندا ھيا تہ ڇو ڀلا اڃا دڪان کليل آھي خير تہ آھي؟. ڪنھن جو دڪان بند ھوندو ھيو تہ انجي پڇا ٿيندي ھئي. دڪان بند ٿيڻ کانپوءِ نوجوان والي بال گرائونڊ تي پھچي ويندا ھيا ۽ سڄي ڏينھن جو آخري ميل، ھل ھنگامون والي بال گرائونڊ تي ٿيندو ھيو. بازر۾ موجود دڪاندارن جا ڏک سک سانجها ھوندا ھيا. تڏھن جوھي شھر ۾ آباد مھاجر پڪا پوڙھا نوجوان ٻار سنڌي ڳالھائيندا ھيا جن پاڻ کي جوھي سان ھم آھنگ ڪري ڇڏيو ھيو. ليڪن پوءِ ٻولي جي فسادن جي گونج اڀري ۽ جوھي مان اردو ڳالھائيندڙ اڻ ڄاتي خوف سبب شفٽ ٿيڻ شروع ٿيا. ڪجهہ سالن اندر بازر۾ نہ شفيع موچي رھيو نہ يعقوب پٺاڻ، نہ الھ بخش ڊکڻ ۽ طفيل پنجابي جو مٺائي جو دوڪان رھيو، ڊاڪٽر سليم جو شفاخانو، جمع ڪوري جي سبيل، ٿڌا مٽ ”پپو“ جون مستيون، ھاشم ڪاسائي جو ٿاڌل جو سندل وقت جي وير اڏائي کڻي ويئي. پوِءِ تہ وڏيرو ميرل باھوٽو ئي نہ رھيوجيڪوباھوٽن، سومرن، ٻالِيشاھين، سميت ست راڄي کي پنھنجو راڄ سمجهي سندن حال ڀائي رھندو ھيو ۽ پوءِ جوھي جي شاھي بازر سميت جوھي جھڙي ننڍڙي شھر کي جنھن سڀاءَ، سھپ جوڙي رکيو ھيو اھو ڪٿي الوپ ٿي ويو.