آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو گهر

مونکي سڀ کان پراڻي ڳالھ اھا ياد آھي تہ مان ننڍڙو ھيس تہ منھنجي وڏي ڀيڻ ڪزبانو جنھن کي ڪزي سڏيندا ھئا جي شادي ٿي ۽ پوءِ مان پڇندو رھندو ھيس تہ ڪزي ڪاڏي وئي آھي ڪنھن چيو ھوندو تہ ڪزي قادر کڻي ويو آھي ۽ پوءِ اھا ڳالھ مان روئندي يا کلندي چوندو ھيس تہ، ” قادو ڪزي کڻي ويو. . . . قادو ڪزي کڻي ويو. . . . . “ ادوغلام قادر ٻڌائيندو آھي تہ سندس شادي 1963ع ۾ ٿي. مونکي اھو بہ ياد آھي تہ ننڍي لاءِ آءُ بيمار ٿيس تہ مونکي ماتا جي بيماري ۾ سڄي جسم تي ڦٽ ٿي پيا اھو مرض منھنجي وڏي ڀيڻ حضوران جنھن کي گهر ۾ حجو چوندا ھيا کي بہ ٿيو بيماري جي حالت ۾ اسان ھڪ کٽ تي ستا پيا ھوندا ھئاسين ۽ آءُ پنھنجي ڀيڻ جا ڦٽ چھنڊي سان پٽيندو رھندو ھيس. ٻي يادگيري اھا آھي تہ جڏھن بہ آءُ بيمار ٿيندو ھيس بابا مونکي ”ڪلورومائيسيٽن“ جو شربت پياريندو ھيو. جيڪو صفا کير جھڙو ھوندو ھيو. بابا لاءِ اھو شربت طاقت جو شربت ھيو. ٻِي ٻاروتڻ جي يادگيري اھا بہ آھي تہ انھي بيماري مان ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ منھنجي لاءِ بابا پلاسٽڪ جا نيرا سئنڊل وٺي آيو جنھن ۾ ڳاڙھا ڦڪا گل چنبڙيل ھئا، اھو جوتو ٽچ بثڻ تي کلندو بند ٿيندو ھيو. جوتن جو رنگ ۽ ڊزائين جو اڄ منھنجي دماغ ۾ منعڪس ٿيل آھي. اسان جنھن گهر ۾ رھندا ھئاسين اھا ڪکائين ڇن ھئي جنھن جو آڳر اوڀر طرف ھيو، جنھن جي اتر ڀاسي پاسي لوھ جي وڏي ٽجوڙي رکيل ھئي جيئن تہ بابو جوھي شھر ۾ ڪپڙي جو دڪان ھلائيندو ھيو انڪري پنھنجا پئسا ھو اتي رکندو ھيو. منھنجي امان اڪثر ڪري اسان جي پڦي جي حوالي ھوندي ھئي جنھن جو گهر اسان جي ڇن جي اتر طرف ھيو. بابا جي ڀيڻ پڦي خيري بابا جي ماءُ جي طرف کان ڀيڻ ھئي. کيس پاڙي اوڙي وارا حاجاڻي خيري سڏيندا ھئا اوڙي پاڙي وارن کي قرآن شريف پاڙھيندي ھئي ۽ عورتن جي ميتن کي غسل بہ ڏيندي ھئي. ڏاڍي ھوشيار ۽ سھڻي بہ ھئي ڳوٺ پاسي آسپاس کيس احترام سان ڏٺو ويندو ھيو. اسانجي گهر جا اڪثر معاملا اھا ھلائيندي ھئي ۽ رشتن جا فيصلا بہ اھا ڪندي ھئي جنکي وري بابا بہ نھڪر نہ ڪندو ھيو. امان بہ سمورا ڪم ڪار انھي جي چوڻ مطابق ڪندي ھئي. رندن جي ڳوٺ ۾ ڊکڻن جي پاڙي ۾ اسانجي ڇن سميت اتر ۾ پڦي خيري جو گهر، امان جي مامي الھڏني جو گهر، پڦي خيري جي نياڻي الھرکئي جو گهر ھوندا ھئا. ڏکڻ ۾ چاچي عثمان جو گهر جڏھن تہ اتر اوڀر جي ڪنڊ تي بابا جي ڀاءُ چاچي خدابخش جو گهر ھوندو ھيو جڏھن تہ پاڙي مان ٻاھر نڪرندڙ گهٽي جي اوڀر طرف وري بابا جي ماروٽ چاچا ڀائي خان جو گهر ھوندو ھيو. چاچي خدابخش جي وڏي پٽ غلام قادر جي گهر ۾ منھنجي وڏي ڀيڻ ڪزي بہ رھندي ھئي. ادو غلام قادر وڏو ھرفن مولا ھيو منھنجي سانڀر ۾ ھن حڪمت جو ڪم خوب ڪيو، ڪلينڪ بہ ھلايائين جتي يوناني سان گڏ ايلوپيڀڪ جون دوائون بہ ھلائيندو ھيو. انھي حڪمت ۽ ڊاڪٽري سبب سندس گهر جا حال بھتر بہ ٿيا. ڊکڻن جي گهرن ۾ بابا جو گهر جوھي شھر ۾ ڪپڙي جودوڪان ھجڻ ڪري خوشحال ھيو. ان وقت گوشت، مڇي کائڻ عام نہ ھيو ليڪن گهر ۾ کير مکڻ ھوندو ھيو. ان وقت چئبو ھيو تہ ”ڪڻڪ جي ماني آھي تہ پوءِ ڀاڄي جي ڪھڙي ضرورت آھي“. صبح جو لسي سان ماني کائبي ھئي منجهند جو سبزي، دال، آچار، ڪچي بصر سان جڏھن تہ رات جو وري ڀت ۾ مستي ٻرڪي کائبو ھيو. انبن جي مند ۾ بابو ننڍا ننڍا انب وٺي ايندو ھيو ۽ گهر جي ھر ڀاتي جي حصي ۾ ھڪ انب ايندو ھيو. بابو سج لٿي مھل گهر ايندو ھيو جيئن پھچندو ھيو تہ کيس پاڙي جا سمورا ننڍڙا ٻار ڦري ويندا ھيا. ائين سندس ڪلھي تي رکيل پوٽڙو يا انگوڇو کلندو تہ ان مان ڱٽمٺڙا يا نقل پتاشا نڪرندا ھيا جيڪي ھو سڀني کي ورھائي ڏيندو ھيو. بابا جي گهر ۾ نہ صرف ڪڻڪ چانور جوئر ذخيرو ٿيل ھوندا ھيا بلڪہ ھڪ وقت مون اھڙو بہ ڏٺو جو اسانجي گهر ۾ ننڍڙن گندڙن ۾ مٽر، چڻا، دال، ڳڙ اسٽور ٿيل ھوندا ھيا. جڏھن بہ ساريون ڇڙائي پاچڪو گهر پھچندو ھيو بابا چانورن جو ٿالھ ڀري انجي مٿان سچي گيھ جو ڀريل وٽو رکي پاڙي جي گهرن ۾ ڏيندو ھيو. باباجو ڪزيءَ ۾ ساھ ھوندو ھيو. جڏھن بہ چڱو چوکو چڙھندو ھو ڪزيءَ کي ضرور سڏ ڪندو ھيو. ڪزيءَ کي اسانجو سوٽ اڪثر ڪري ماريندو رھندو ھيو. بابا ڪڇي ڪونہ سگهندو ھيو اھڙي ڪيفيت ۾ ھو رات جو ڳوٺ کان ٻاھر ڏکڻ طرف خالي پيل ميدان تي پٽ تي وڃي سمھي پوندو ھيو ۽ فجر جي نماز پڙھي موٽي ايندو ھيو. بابا گهر ۾ ڪاوڙبو ھيو تہ بہ ائين ئي ردعمل ڏيکاريندو ھيو. بابا جي امان سان پڻ نہ لڳندي ھئي مون پنھنجي زندگي ۾ کين کلي خوش ٿيندي گڏ ويٺل ڪونہ ڏٺو. اسانجو نانو محراب امان وٽ ايندو رھندو ھيو جيڪو ھيروخان ڪاڇي ۾ رھندو ھيو. بابا نانا کي پڻ گهٽ لفٽ ڪرائيندو ھيو. ان وقت ۾ زال سميت عورتن کي مارڻ عيب نہ سمجهبو ھيو بلڪہ پاڙي جي ڪنھن عورت کي ڪو ٻيو ماريندو ھيو تہ بہ انکي عيب نہ سمجهيو ويندو ھيو. انڪري مون پنھنجي ٻاروتڻ ۾ عورتن کي مار کائيندي، سوٽين سان ڪٽبو سٽبو ڏٺو. اونھاري ۾ اسان سڀ گهر جي آڳر تي سمھندا ھياسين. آڳر جي سامھون مال جو ڀاڻو ھيوجنھن تي ڪاٺ جي ھڪ بنڊي عرصي تائين پيل ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن اونداھي رات ۾ اچانڪ ننڊ مان جاڳ ٿيندي ھئي تہ سامھون مال جي ڀاڻي تي پيل عجيب وغريب شئي تي نظر پوندي ھئي ۽ پوءِ ڏاڍو ڊڄ ٿيندو ھيو. ڊڄي ڊڄي آخر ننڊ اچي ويندي ھئي تہ صبح ٿيڻ تي مال جي ڀاڻي جي ڇت تي پيل ڪاٺ جي بنڊي تي نظر پوندي ھئي ۽ ھيڪر ڊپ لھي ويندو ھيو ليڪن رات جو وري ساڳي ڪار ھوندي ھئي جيڪا ڪافي عرصي تائين جاري رھي. منھن جي پنھنجي ٽيون نمبر وڏي ڀيڻ حجوءَ سان دل ھوندي ھئي ان سان کيڏندو بہ ھيس ۽ انھي سان رندن جي پاڙي ۾ بہ رلڻ ويندو ھيس. حاجي ميرمحمد رند جي ڪوٽ ۾ پاليل سھڙ اسانجي راند جو مرڪز ھوندا ھيا ۽ انھن کي پڪڙڻ منھنجو مشغلو ھوندو ھيو. ڊکڻن جي پاڙي ۾ اولھ ۾ اوطاق ۽ مسجد، عبدالڪريم بروھي ۽ حاجي موسي بروھي جا گهر، اتر ۾ ايوب رند، يعقوب رند جو گهر جڏھن تہ اوڀر ۾ محمد خان رند جي ڇن ۽ مال جو واڙو ھوندا ھيا باقي اوڀر ۽ ڏکڻ خالي ھوندو ھيو. اسان ڊکڻن جي پاڙي کي ڪا چوديواري نہ ھوندي ھئي ۽ اسان ڊکڻن جي گهرن جو اڱڻ سامھون رستي تان ڏيکاربو ھيو. جيڪو مونکي ٻاروتڻ کان ئي برو لڳندو ھيو. ھڪ وقت اھڙو آيو جو مون پنھنجي وڏي ڀيڻ حجو، ننڍي ڀيڻ زليءَ ۽ ننڍا ڀائر گڏ ڪري کڏ مان مٽي کڻي اھا ڀت ڏني ۽ پوءِ صرف ڏيڍي کليل ھوندي ھئي. اسان وٽ ھڪ مينھن بہ ھوندي ھئي جنھن جو گاھ مان ۽ حجو گڏجي ڪرڻ ويندا ھئاسين. اسانجي ڳوٺ سامھون ڏکڻ ۾ ڪور وارن لنڊن جي ڳوٺ ۾ علي بخش لنڊ کان برسيم گاھ جا ڪجهہ ويسا ورتاسين. جيئن ڪڻڪ جا لابارا لٿا علي بخش لنڊ اسانجو گاھ ڀيلائي ڇڏيو جيڪو مونکي ڏاڍو خراب لڳو ۽ علي بخش سان توتو مين مين ڪرڻي پئجي ويئي. تڏھن بابي ٻڌايو تہ ڪڻڪ جو لابارو پوڻ سان گاھ تي اسانجو حق ختم ٿي ويندو آھي. سياري جي مند اچڻ کان اڳ ڀيڻيون ۽ ننڍڙا ڀائر گڏجي ڪٽيل وڻن جا ٿڙ ڪٽي ايندا ھئاسين جيڪي سمورو سيارو ٻاريندا ھياسين. اسانجي ڇن جي اتر ۾ ھڪ ننڍڙي ڪوٺي انھن ڪاٺين سان ڀريل ھوندي ھئي. شايد چوٿين درجي ۾ مونکي مذھب ڏانھن رغب ٿيو. پڦي خيري جي چوڻ تي آءُ نہ صرف روزا رکڻ شروع ڪيا بلڪہ قضا روزا بہ رکندو ھيس. روزو رکي مسجد ۾ ھليو ويندو ھيس. رمضان جي مھيني ۾ ٽي ختما ڪڍي ويندو ھيس. روزو رکڻ وقت ڌنئورو ڀت استعمال ٿيندو ھيو. انھن ڏينھن ۾ مونکي مولود چوڻ جو شوق بہ ٿيو جيڪي نہ صرف مسجد ۾ بلڪہ پاڙِي وارن گهرن جي چلھن تي ۽ خوشي جي موقعي تي ڳائيندو ھيس. منھجا اھي ڪم بابا پڦي سميت گهر وارن کي پسند ايندا ھيا. مان ان وقت عورتن جي پردي جو وڏو حامي ۽ بي پردگي جو سخت مخالف ھيس. جڏھن بہ اسانجي پاڙي جي ڪا عورت ڀت کان ٻاھر ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي تہ آءُ سندن مڙسن کي ٻڌائيندو ھيس ۽ کين موچڙا کارائي مزو وٺندو ھيس. انھي دوران مونکي بلورن ۽ ڪوڏين کيڏڻ جو شوق بہ ٿيو. بلورن ۾ مان ڏاڍو چوٽڙو ھيس ۽ گهچي راند ۾ بہ اڪثر کٽي ويندو ھيس نتيجي ۾ مون وٽ سون جي تعداد ۾ رنگ برنگي بلور ھوندا ھئا. ھڪ وقت وري ڪوڏين جي راند جو شوق ٿيو. ڪوڏين ۾ ”ٻُس“ راند ۾ مان جهوليون ڀري ويندو ھيس. ٻُس راند جو داءَ ھڻڻ وقت سمورا ڀيچي ڪوڏيون ملائيندا ھيا ۽ انجو فيصلو ”اِڪي ٻڌي“ داءُ تي ٿيندو ھيو جنھن ۾ اڪثر آءُ کٽي ويندو ھيس. ادي عباس کي بہ ڪافي دفعا ٻس راند ۾ شڪست ڏئي کائنس ڪوڏيون کٽيم. ھڪ ڀيري ھن مونکان ڪوڏيون قرض گهريون مون کيس اڳيون اڌاريون ڪوڏيون واپس نہ ڪرڻ سبب وڌيڪ اوڌر ڏيڻ کان جواب ڏنو تہ ھن مونکي موٽ ۾ چڱا خاصا پادر ھنيا ۽ ڪوڏيون بہ ڦري ورتائين جيڪي روئي پوڻ تي ھن مونکي واپس ڪيون. ٻُس راند ۾ پڦي خيري جي ڏوھٽي زھران بہ چيڙھيءَ ۽ ھوشيار ھئي ۽ اڪثر ڪوڏيون کٽيندي ھئي. سڄي ڳوٺ ۾ اسان ٻئي ڪوڏين جا مشھور کيڏاري ۽ جوئاري ھئاسين. مان تمام گهڻو حرڪتي ھيس. پرائمري ۾ پڙھائي دوران بابا مو نکي پٽاٽا، بصر، ڳڙ، مستي، کنڊ انگوڇي ۾ ٻڌي ڏيندو ھيو تہ جيئن گهر کڻي وڃان. مان پنھنجي موج مستي ۾ انھي انگوڇي کي چوطرف ھوا ۾ ڦيرائيندو راڳ يا مولود ڳائيندو ويندو ھيس. ڦِير ڦيران ۾ انگوڇي جي ڳنڍ اڪثر کلي پوندي ھئي. بصر پٽاٽا ۽ ڳڙ تہ ميڙي وٺندو ھيس ليڪن کنڊ ۽ مستي تہ الائي ڪاڏي گم ٿي ويندا ھيا. اھڙي صورتحال ۾ بابا جي اچڻ جي ٽائيم تي گهران ڀڄي رندن جي گهرن ۾ ٻارن سان کيڏندو رھندو ھيس. جنھن سبب اڪثر بابا جا ڏاڍا پادر کائيندو ھيس. ڳوٺ ۾ مونکي رندن جا ٻار ”لڳڻو“ سڏيندا ھئا ڇوتہ منھنجو بدن غير ڪسرتي ھيو. مان اڪثر ٻارن سان جهيڙو ڪندو ھيس تہ موچڙا بہ کائيندو ھيس ۽ چوندو ھيس مونکي سور ڪونہ ٿو ٿئي. 1976ع واري مھا ٻوڏ ۾ اسانجو گهر ۽ سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو. ٻوڏ کان اڳ سانوڻ ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون. ايوب رند جيڪو جوھي شھرجي اتر ۾ بچاءُ بند وٽ پنھنجي نار تي رھندو ھيو. ھڪ ڏينھن صبح صبح اچي ٻڌايائين تہ بچاءُ بند ٽٽِي پيو آھي ۽ ٻوڏ جو پاڻي ٿوري دير ۾ پھچڻ وارو آھي. اڪثر رندن جون ان جون پڙيون مٿانھين تي ھيون سي تہ بچي ويون ليڪن ڳوٺ سڄو ٻڏي ويو. ڊکڻن جا گهر تہ مورڳو ھيٺاھين تي ھيا تن ۾ پڦي خيري جو ڪوٺو مٿانھين تي ھئڻ سبب بچي ويو ليڪن باقي سڀ گهر ڊھي پيا. رندن جا مٿانھين وارا گهر بچيا ليڪن انھن جا بہ اڪثر گهر لڙھي ويا يا سيڪ تي ڊھي پيا. ڳوٺ جا رند تہ ڪونہ لڏيا ليڪن اسانجي ڊکڻن ۾ چاچا عثمان وارا جوھي لڏي ويا. انھي مھا ٻوڏ ۾ بہ جوھي بچي ويئي. پاڻي جي ڇر ڳوٺ کي ڦريل ھئي. جيڪي ڀتيون ڪريون اھي ڀڃي ٿلھا مٿي ڪيا ويا ۽ انھن تي کٽون رکي رات جو سمھبو ھيو. اسانجي ڇن جي اندر جيڪا وڏي ٽجوڙي پيل ھئي اھا ڪيتري عرصي تائين انھي ڊٿل ڇن جي ھيٺان پيل ھئي. صبح جو اٿڻ وقت کٽن جي ھيٺان بلائون ويٺل ھونديون ھيون انڪري صبح اٿڻ ويل پير ھيٺ رکڻ وقت ھيڏي ھوڏي ڏسبو ھيو. جوھي شھر وڃڻ لاءِ باھوٽن جي پاڙي تائين جهاڳي وڃڻو پوندو ھو. انھي ٻوڏ دوران ملڪ جو وزيراعظم ڀٽو پڻ جوھي آيو کيس مائو ڪيپ پاتل ھئي. سندس ھيليڪاپٽر ھاءِ اسڪول جوھي جي اتر ۾ گرائونڊ تي لٿو جيڪو مونکي اڄ بہ ياد آھي.
جڏھن ٻوڏ جو پاڻي لٿو تہ گهر جي ڇن ڊاٿي وئي ۽ اسانجو نئون گهر ٺھڻ شروع ٿيو جنھن ۾ ٻہ ڪمرا ۽ ورانڊو شامل ھيا. انھي گهر جي اوساري ادي غلام قادر ڪئي ۽ گهر۾ موجود ڀينرن ڀائرن سڀني مزدوري ڪئي. اسان جو ڀاءُ غلام محمد ضدي ۽ اکڙ قسم جو نوجوان ھيو سو اڪثر ڪري ڪم کان گسائي ويندو ھيو نتيجي ۾ کيس بابا جا دڙڪا کائڻا پوندا ھيا. نئين گهر جي ڪمرن ۾ ادو مولوي ۽ غلام محمد رھندا ھيا جڏھن تہ باقي سڀ ورانڊي ۾ سمھندا ھئاسين. گهر جي ٻنھي ڪمرن ۾ فرق ھيو. ادو واليڏنو جيئن تہ بابا جو دادلو ھيو ۽ پئسا ڏوڪڙ بہ انھي وٽ ھيا انڪري پنھنجي ڪمري جو دروازو چٽن تي ٺھرايائين جڏھن تہ ٻئي ڪمري کي عام رواجي در لڳايو ويو. منھنجي ٻاروتڻ ۾ منھنجو وڏو ڀاءُ عالم فاضل ٿيو بابا سان گڏ ڪپڙي جو دوڪان سنڀاليائين، ننڍن ڀائرن کي، گهر کي سنڀاليائين منھنجو ٻيو ڀاءُ غلام محمد مئٽرڪ پاس ڪئي. ھو ھيرو ڪٽ وار رکرائيندو ھيو، ضدي ۽ بي چيو ھجڻ ڪري بابا جي سدائين مٿس ڪاوڙ ھوندي ھئي. غلام محمد سدائين چوندو ھيو تہ مونکي ڏوڪڙ ڏيو تہ سعودي وڃان. تنھن وقت ڳوٺ بچل رند جي سيٺ گل محمد رند جي دادو جوھي وچ ۾ بس ھلندي ھئي تنھن تي وڃي منشي ٿيو. ھفتي ڏھين ڏينھن کانپوءِ گهر ايندو ھيو تہ پاڻ سان لائيف بواءِ صابڻ آڻيندو ھيو جنھن کي ڏسي مان کيس چوندو ھيس تہ مان انھي سان وھنجان. ان وقت اسانجي گهر جي حالت ڪجهہ اھڙي ھئي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن ڪارخانہ قومي تحويل ۾ ورتا تہ سارين جي قوميائل ڪارخاني ۾ نوڪري ڪيائين. ھڪ عرصي تائين ٻيڙيون بہ ٻڌائين. انتھائي محنتي ھيو منھنجي پڙھائي دوران ھو سعودي ويو. جتان امان سميت سڀني ننڍن ڀائرن لاءِ الڳ الڳ سوکڙيون موڪليندو ھيو. ھر مھيني امان جا پئسا الڳ موڪليندو ھيو. اسانجي ڀيڻ حجوءَ غريب گهر ۾ ھئي جيڪا سندس عيوضي ۾ پرڻائي ڏني ويئي ھئي ان ڏي الڳ پئسا موڪليندو ھيو. ھڪ وقت کيس اھا شڪايت بہ رھي تہ پاڻ سڀني جي مدد ڪيائين ليڪن سندس اولاد جي واھر ڪنھن نہ ڪئي. اسانجي وڏي ڀيڻ ڪزيءَ حڪيم غلام قادر وٽ پرڻجي ويئي، ٻي ڀيڻ زبيءَ پڻ حڪيم غلام قادر جي ڀاءُ غلام عباس جي گهر پرڻجي وئي. زبيءَ جي شادي مونکي ياد آھي. زبيءَ بلڪل ھڪ گڏي جھڙي ھئي ننڍڙي ننڍڙي سھڻي سھڻي، ننڍڙا سھڻا پدم پير ھيس جڏھن تہ سندس مڙس غلام عباس قدآور ھيو. مونکي انھي شادي ۾ ڪا خوشي نہ ٿي. ننڍڙي گڏڙي زبيءَ جو رشتو وري ڊگهي ماڻھو سان. شايد انجو ڪارڻ منھنجي من ۾ اھو ھيو تہ آءُ زبي کي گهران وڃڻ ڏيڻ نہ پئي چاھيو. حجوءَ اسان جي ٽيون نمبر وڏي ڀيڻ ھئي انھي سان منھنجي خاص لڳندي ھئي. شادي کان اڳ ھو بلا جي طاقت رکندڙ عورت ھئي. ڪڻڪ جي ٻوري ھجي يا چانورن جو ڪٽو ھو مرد ماڻھو کي ٻانھن ڏئي اڇل ڪري کڻائيندي ھئي. سندس شادي سوٽ عبدالحڪيم سان ٿي جيڪو پوليس ۾ نوڪري ڪندو ھيو. نوڪري ۾ غفلت ۽ لاپرواھي سبب سندس نوڪري ھلي وئي ۽ گذريل سال ڦڦڙن جي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. اسان جي انھي ڀيڻ شايد ئي ڪڏھن سُکيو ڏينھن ڏٺو ھجي. منھجي ابتن پرڪارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ 18 نومبر 1979ع ۾ زوري شادي ڪئي ويئي جنھن ۾ مک ڪردار منھنجي وڏي سوٽ غلام قادر ادا ڪيو. نڪاح واري وقت آءُ گهران ڀڄي ويس ليڪن مونکي موچڙا ھڻي نڪاح پڙھايو ويو. شادي نہ ڪرڻ جو مقصد ڪو پسند ناپسند جو معاملو نہ ھيو بلڪہ مون گذريل سال جي جيل ياترا کانپوءِ فيصلو ڪري ڇڏيو ھيو تہ ھاڻي انقلاب ئي منھنجي زندگي جو مقصد آھي. منھنجي شادي تہ ٿي وئي ليڪن گهوٽ ڪنوار لاءِ گهر ۾ الڳ ڪمرو نہ ھيو. بابا کي اھا ڳالھ دير سان سمجهہ ۾ آئي ۽ اسانجي گهر جي سامھون ميدان تي مال جي ڪوٺي ٺھيل ھئي انکي گاروگپ ڪري ڪمرو ڪيو ويو جنھن ۾ آءُ رھيس. شادي کانپوءِ آءُ ستواڙي لاءِ ساھرن ڏانھ دولتاڻي ويس. دولتاڻِي وڃڻ لاءِ خانپور کانپوءِ اسڪوٽر يا سائيڪل تي وڃڻُو پوندو ھيو. انڪري جوھي کان دادو ويندي ڪرائي جي سائيڪل بس تي رکيدادو کان خانپور کڻي ويس. خانپور کان وايا مٺو ڳوٺ سائيڪل ذريعي آءُ دولتاڻي پھتس. مونکي سائيڪل چڱي طرح ھلائڻ ڪونہ ايندي ھئي. آءُ ڊڪي ڊڪي سائيڪل تي چڙھندو ھيس. ائين آمنہ کي پويان ويھاري اھا مشق ڪندي سائيڪل ھلايم ڪافي دفعا سائيڪل تي ڌڪو بہ آيو ۽ مٺو ڳوٺ مائٽن وٽ پڙاءُ ڪرڻ کانپوءِ نيٺ دولتاڻي پھتس. منھنجي ساھرن وٽ بہ رھڻ لاءِ ھڪ وڏو ميگا سائيز ڪمرو ھيو انڪري اسان کي اڪيلائي ڏيڻ لاءِ ڳاين جو واڙي ۾ ھنڌ ڏنو ويو. ان رات ڀاڻي ۾ ٻڌل ڳئون جو گابو ساري رات منھنجو پيرپنھنجي ماءُ جو ٿڻ سمجهي چوسيندو رھيو. منھنجا ساھرا مالوند ماڻھو ھيا. جام خدمت چاڪري سان گڏ رات جو سمھڻ وقت منھجي سس جيڪا رشتي ۾ منھنجي سوٽ ٿئي روزانہ پنج ڪلو کير جي ساڙھي ڀري کٽ ھيٺان رکي ويندي ھئي ۽ کلندي چوندي ھئي تہ سڄو کير پي وڃان. انھي کير پيئڻ جي نتيجي ۾ جيترا ڏينھن آءُ ساھرن وٽ رھيس صبح جو مون وارو ٽورو مکڻ جي ڏک پيو ڏيندو ھيو. منھنجي شادي کان اڳ منھنجون ٽي ڀيڻيون پرڻيون ۽ جڏھن تہ منھنجي شادي سان گڏ منھنجي ننڍي ڀيڻ زليخان جي ادلي بدلي ۾ منھنجي سالي سرور سان شادي بہ ٿي. منھجو سھرو ۽ سالا ڊکاڻڪو ڪم ڪرڻ سان گڏ نڪاح ۽ جنازي نماز پڙھائڻ ڪري ڳوٺ ۾ ملان سڏيا ويندا ھيا. اسانجي شادي کان ٿورو عرصو پوءِ منھنجو سھرو ملان آندل بہ ڳوٺ ڇڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رھيو.