آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

چانڊڪا ميڊڪل ڪاليج لاڙڪاڻو (1980ع کان 1987ع تائين)

شايد مارچ 1980ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اسانجا انٽرويو ٿيا. جنھن ڏينھن انٽرويو پئي ٿيا ان ڏينھن ڪوڙن ڊوميسائيلن جي ھُل ۾ اردو ڳالھائيندڙن جي ڊاڪيومينٽس کي ڪاليج ۾ موجود تنظيمن جي ڪارڪنن پڙتال پئي ڪيو. انھن ڪارڪنن ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ شمس صديقي بہ نظر آيو اتي پروگريسو جيئي سنڌ جو ھڪ ٻيو ڪاليج اڳواڻ حفيظ سنڌي، جيئي سنڌ جو ٽيڪ چند پڻ موجود ھيا جن جي ھٿن ۾ پسٽل ھيا. چانڊڪا ۾ منھنجي داخلا تہ ٿي ويئي ليڪن ھاسٽل ۽ رھڻ جو مسئلو رھجي ويو. مرتضي کھڙو ان وقت چانڊڪا ۾ ٻئين سال ۾ پڙھندو ھيو اھو مونکي ڪونہ مليو، مجبوري ۾ ٿيلھو کڻي شريف ٿھيم جي سوٽ محمد ھاشم ٿھيم جي ڪمري تي حيدربخش جتوئي ھاسٽل جي فرسٽ فلور تي رھيس. مان ٻھراڙي جو غريب ڇوڪرو ھيس ۽ مون وٽ نہ ڪپڙا ڍنگ جا ھيا نہ وري منھنجو ٿيلھو فضيلت وارو ھيو ۽ نہ مون ۾ ھاسٽل ۾ رھڻ اٿڻ ويھڻ جا ڪي لڇڻ ئي ھيا. اچانڪ جو اچي پروفيشنل ڪاليج ۾ داخل ٿيس تہ في الحال صفا منجهي پييس. محمد ھاشم ٿھيم مونکي ڪمري ۾ رھايو. پھرين رات آءَ سندس بستري تي چادر وجهيو ڇپ ھنيو ستو پيو ھيس تہ رات جو دير سان ھاشم ٿھيم پنھنجي دوستن سان ٽھڪ ڏيندي ھل ھنگامي ۾ ڪمري اندر آيو. سندس سنگتين مان ھڪ برڪت شاھ رڙ ڪري چيو تہ ” اڙي سومرا اٿي پرائي بستري تي ستو پيو آھين“، پوءِ سڀ ٽھڪن ۾ ٻڏي ويا. مان ڇپ ھنيو ستو رھيس. منھنجي لاءِ ٻئي ڪنھن وٽ رھڻ ڪنھن اذيت کان گهٽ نہ ھيو ليڪن مون وٽ ڪا واھ بہ نہ ھئي. ان دوران ڪجهہ ڏينھن مان ماني بہ ھاشم ٿھيم جي ميس تي کاڌي. انھي دوران دادو جي واقفڪار ڪلاس فيلوز سان ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ، ملڻ کانپوءِ ڳالھ سمجهہ ۾ آئي تہ ساڻن گڏجي ماني پڻ ڪئنٽين تي کائڻ شروع ڪيم. توڙي جو محمد ھاشم ٿھيم منھنجو خيال ڪيو ليڪن سينيئر جونيئر سان ائين ڪندا آھن سا خبر مونکي انھي ڏينھن پئي. ليڪن ان رات واري بيعزتي مونکي ڏاڍي بري لڳي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ اسانجي بئچ کي شيخ زيد ڪالوني ۾ ڪوارٽر الاٽ ٿيا ۽ اسان وڃي پنھنجي الاٽ ٿيل ڪوارٽر سي 20 ۾ رھياسين. اتفاق اھڙو ٿيو جو اھو ئي برڪت شاھ رسٽيڪيٽ ٿيو ۽ اڳتي ھلي منھنجو ڪلاس فيلو ٿيو. جڏھن آءُ ٻئي سال ۾ پھتس تہ جمن باھوٽو ۽ ستار ٻٻر بہ پھرين سال ۾ داخل ٿي مونسان گڏ ڪوارٽر تي رھيا تہ ڪجهہ عرصو ھاشم ٿھيم بہ اسان سان گڏ ڪوارٽر تي ئي ھوندو ھيو. اتي ڪوارٽر تي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ پروگريسو جيئي سنڌ جو دوست عرض رتڙ مونکي ڳوليندو اچي شيخ زيد ڪالوني پھتو ۽ حال احوال معلوم ڪيائين. مون کيس ٻڌايو تہ ھاسٽل نہ ھجڻ ڪري ڪجهہ ڏينھن خواري ٿي ليڪن ھاڻي ڪوارٽر مليو آھي.